ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻوڏ جو ڪُن، ڏڪار ۽ قالين

Editorial-Article- Zahida Hina

آئون ٽي وي اسڪرين تي نظرون ڄمائي ڏسان ٿي، پاڻي هر پاسي پاڻي، زمين جي اونهاين مان اٻرندڙ ۽ آسمان مان وسندڙ لاڳتي برسات. تنور مان اٻرندڙ نوح وارو طوفان جو ڇا اهو ئي منظر هوندو يا ٻوڏ جي وڪڙ ۾ آيل سڀئي ٻڏي ويا هوندا؟
اسان جا فصل تباهه ٿي ويا آهن، اسان جون کير ڏيندڙ مينهون، ٻڪريون ۽ ڪڪڙيون سڀئي ٻوڏ ڳڙڪائي وئي آهي. ايڪسپريس ٽربيون لکيو آهي ته 83 لک ايڪڙ بيٺل فصلن مان 34 لک ايڪڙ تي تيار فصل فقط سنڌ ۾ ضايع ٿي ويو آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جا هاري ڪيترا غريب ٿي ويا آهن. ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته اسين ڏڪار جي چانئٺ تي بيهي رهيا آهيون.
ڏڪار جو معاملو هو، جنهن ۾ نجمه صادق سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي. هوءَ هلي وئي پر هن جون لکيل ڪجهه رپورٽون ۽ انهن مان گڏ ڪيل انگ اکر اڄ به دل لوڏي ڇڏين ٿا. هن جو چوڻ هو ته اوڀر جي ملڪن کي خوراڪ جي جنسن کي ڏکڻ جي ملڪن کي درآمد نه ڪرڻ گهرجن. هن جي تحقيق ٻڌائيندي هئي ته جڏهن هندستان ۾ بيٺڪي نظام شروع ٿيو ته ان وقت تائين هتي خوراڪ جي جنسن جي کوٽ نه هوندي هئي. ٻين لفظن ۾ اهو چئجي ته هتي ڏڪار ڪونه پيو هو، سواءِ شهنشاهه جهانگير جي دور ۾ پوندڙ هڪ ڏڪار کان سواءِ. هن هڪ ڀيرو هينري ڪسنجر جي تقرير جو حوالو به ڏنو، جنهن ڪسنجر چيو هو ته “جيڪڏهن توهين ڪنهن ملڪ کي وس ۾ ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان جي خوراڪ جي پاليسيءَ کي پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو.”
نجمه صادق جو چوڻ هو ته کاڌي يا خوراڪ جي جنسن جو زيان ماڻهن کي بکيو رکندو آهي. ڏڪار ۽ قالين جو به هڪ گهرو رشتو هوندو آهي. ڏڪار پاڻ سان قرض جو ڪن کڻي ايندو آهي، جنهن ۾ ننڍڙين ٻارڙين ۽ ٻارڙن جون آڱريون ٻڏنديون رهنديون آهن. سنڌيءَ جي ناليواري شاعره عطيه دائود ان موضوع تي تحقيق ڪئي آهي. هن جو چوڻ آهي ته بک ۽ قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ماڻهن ڪيڏانهن وڃن، ڇا ڪن. ٻوڏ انهن لاءِ هڪ نئون عذاب کڻي آئي آهي.
عطيه دائود قالين سازيءَ جي باري ۾ پنهنجي تحقيق دوران مٺي، ڇاڇرو، اسلام ڪوٽ، ڦنگاريو جا مختلف آڏاڻا ڏسڻ وئي، جتي ٻار ۽ وڏا قالين ٺاهڻ وارين ڳنڍن سان قرض جي ڍاڳن ۾ جڪڙيل آهن. هن جو چوڻ آهي ته آئون سفر دوران آميجي ڳوٺ وئي هيس. هتي ميگهواڙ رهندا آهن. هڪ آڏاڻي تي 9 سالن جو ڪيسرو ۽ ستن سالن جو پاون قالين اڻي رهيا آهن. آئون اڃا هنن سان ڳالهه ڪري رهي آهيان ته منهنجون ڏيئرون سونهن ۽ سهائي ٻاهر گاڏي مان لهي مون ڏانهن اچن ٿيون. “امان پاڻي کپي.” منرل واٽر جون بوتلون منهنجي هينڊ بيگ ۾ رکيل هيون. ڪيسرو ۽ پاون ڏانهن ڏسي هوءَ چوي ٿي ته امان اسان جيترا آهن. منهنجي دل ٻڏڻ لڳي ٿي. سونهن ۽ سهائيءَ جو هٿ جهلي آئون ترت تيز وکن سان هلندي هيس ۽ ڀڇڻ چاهيندي هيس. پر تيز هلڻ هتي منهنجي وس جي ڳالهه ڪانه هئي، پير واريءَ ۾ کپي پئي ويا. هڪ عورت چيو هيڏانهن اچو، جتي آڏاڻي ۾ نهال ڪم ڪري رهيو آهي. اهو پنجن سالن جو آهي. هن سان ملندا وڃو. آئون پنهنجي هٿ منرل واٽر جي بوتل جهلي ڪيسري ۽ پاون سان نظرون ملائيندي شرمسار ٿي رهي آهيان ته هاڻ نهال سان ملڻ جي همت ڪٿان اچي. آئون ٻاهر ئي انهن عورتن سان ويهي انهن جو احوال وٺان ٿي. جيڪي منهنجي چوڌاري بيهي رهيون هيون. منهنجي لاءِ انهن هيٺ رلي وڇائي ڇڏي. مون هنن کان سوال ڪيو “توهين ماڻهو ايترو قرض ڇو وٺندا آهيو ۽ هڪ ئي وقت ۾ توهان ويهه ۽ ڏهه هزار روپين جي ضرورت ڇو پوندي آهي.” عورتون جواب ڏنو، “اسين ميگهواڙ آهيون ۽ اسان جي پنهنجي برادري آهي، ريتون رسمون آهن، پٽ جي شاديءَ تي قرض ورتو هو. برادري جا مختلف ماڻهو ڳوٺ ۾ اسان وٽ شاديءَ ۾ رهڻ لاءِ ايندا آهن. پوءِ ڪئين ڏينهن تائين مهمان ٿي رهندا آهن.”
ٻي عورت چيو ته “مهمان هڪ ڀيرو ميار لاهڻ لاءِ وڃڻ جو چون ٿا پر اها رسم آهي ته ميزبان انهن کي زوري روڪيندو ۽ چوندو ته توهين ائين نه ڪريو. ڪجهه ڏينهن ترسي پئو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وري اهو منظر ورجايو ويندو آهي.” عورتون کلڻ لڳن ٿيون. مون تجسس مان پڇيو ته “آخر مهمان واپس ڪيئن ويندا آهن.” هڪ عورت ٻڌايو ته “جڏهن ميزبان وٽ سڀڪجهه ختم ٿي ويندو آهي. ان وقت وري جڏهن مهمان وڃڻ لاءِ چوندو ته ميزبان چپ رهندو ۽ پوءِ مهمان سمجهي ويندو ته هن ڀيري ته مون کي سچ پچ وڃڻو پوندو.” “توهين جڏهن اهو سمجهو ٿا ته ته پوءِ ائين ڇو ٿا ڪريو.” مون حيران ٿي پڇيو. هڪ عورت اداسي مان چوي ٿي، “جيڪڏهن اسين ائين نه ڪريون ته برادريءَ ۾ گلا ڪئي ويندي آهي، ماڻهو کلون ڪندا، مهڻا ڏيندا ۽ اسان جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندا. چوندا ته اهڙا ماڻهو آهن جو انهن اسان کي رهڻ لاءِ به ڪونه چيو. سٺي ماني به ڪونه کارائي، ان لاءِ اسان کي اهو سڀڪجهه ڪرڻو پوندو آهي.”
اهي نا سمجهه ماڻهو جيڪي پنهنجي معصوم ماڻهن کي پنهنجي شوق ۽ رسمن کي نڀائڻ لاءِ روايتن جي چڪيءَ ۾ ڍڳي وانگر جوٽيل آهن. بنهه گهٽ ڪٽنب اهڙا هئا، جن ان کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري قرض ورتو هو. هڪ خاندان اهڙو مليو هو، جنهن 3000 جو راشن ورتو هو ۽ پوءِ پنهنجي چونري کي پڪو ڪرڻ لاءِ قرض ورتو هو. ٻئي خاندان ٻڪري خريد ڪرڻ لاءِ قرض ورتو هو. باقي سڀني خاندان پٽ جي شاديءَ لاءِ قرض ورتو هو. هن کي هونئن ته 70 روپيا اسڪوائر فٽ مزدوري ملندي آهي، پر قرض وٺڻ جي ڪري هاڻي هن کي 40 روپيا ملندا آهن.
ٻوڏ جو پاڻي ماڻهن کي ٻوڙي رهيو آهي، پر ٻڏندڙن کي هڪ ڍڪ پيئڻ جو صاف پاڻي ڪونه ٿو ملي. بيٺل فصل تباهه ٿي چڪا آهن ۽ انهن کي پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ هڪ گره به نٿو ملي. ٻوڏ جي ڪُن ۾ ڪيترو ڪجهه ٻڏي رهيو آهي، ٿورو ڏسو ته سهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button