ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شال هاڪ وهي هاڪڙو

Editorial-Article-Irshad Leghari

هاڪڙو درياهھ جيڪو هاڻ ڀل جو کڻي ماضيءَ جي ڪٿا بڻجي چڪو آهي پر اڄ به ان جا ڪجھه نشان کاروڙي جي اوڀر ۾ شِوَ مندر جي ويجهي کان ٿيندا چيل بند، جُهڏي ۽ ونگي پتڻ تائين پسي سگهجن ٿا. ها اهو هاڪڙو جنهن لاءِ ماموئي فقيرن جي اها اڳڪٿي به جڳ مشهور آهي ته:
“هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ
بِهه، مڇي، لوڙهه، سمي ويندا سُوکڙي”
سو اهو هاڪڙو سمن لاءِ بِهه مَڇي جي سوکڙي ڪڏھن ٿو موڪلي، تنهن راز جو ته في الحال پاڻ کي پتو ناهي پر ايترو سو ضرور ٿيو آهي جو هڪ مڪمل تهذيب جو اڏيندڙ اهو درياھه، جيڪو وقت جي ويسر واڙ ۾ پيل هو، سو سنڌ ۾ آيل هيلوڪي برساتي ٻوڏ سبب ٻيهر ويچار ڌارا ۾ ساھه کڻڻ لڳو آهي ۽ لوڪ چوي ٿو ته اڄ جيڪڏھن هاڪڙو ۽ پُراڻ ڍورو جيڪڏھن اُجاڙ نه هجن ها ته اسين ايئن نه ٻُڏون ها.
بهرحال پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته هي رياست جيڪا اسان جي جيئري سِنڌو کي به سُڪائڻ پُٺيان آهي، سا اسان جي ماضيءَ جي تهذيبي ورثي کي ڪيترو اهم سمجهندي هوندي؟ ها پر هاڪڙو سنڌ وطن لوڪ ياد واري هِردي ۾ اڄ به ڌڙڪي ٿو ۾ سنڌ هاڪڙي کي جيئن هاڻ لڳاتار سارڻ لڳي آهي، تنهن سار جو متان ڪو حيران ڪندڙ نتيجو سامهون اچي به وڃي.
خير اهو ته ٿيو پنهنجو هڪ خواب سو جڏهن ساڀيا ماڻي تيستائين پاڻ چاهيون ٿا ته هاڪڙي بابت سرائيڪي وسيب جي هڪ ڏاهي ۽ سُلَڇڻي پُٽ پياري مشتاق گاڏهي پاران هاڪڙي جي تاريخي پَچار جو ڪجھه حصو سنگت آڏو رکون ته جيئن اسان جي نوجوان نسل کي هاڪڙي بابت معلوم ٿي سگهي ته اهو درياھه ڪيترو اهم رهيو آهي.
پيارو مشتاق گاڏهي جيڪو قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ تاريخ جو استاد آهي، سو اسان کي سمجهائي ٿو ته:
“سنڌو سڀيتا جي مُهڙ کي جڏهن اسين ڏسون ٿا ته ان عظيم تهذيب جي سُهائي وارو سورج مهر ڳڙهه جي ميدانن وٽان نروار ٿئي ٿو. اهو خطو، جتان جي واسين پهريون ڀيرو جَوَ جي پوکي سکي هئي ۽ ان سان گڏ پنهنجي مخصوص انداز جا ٿانوَ ٿِپا ٺاهڻ جو هنر به سکيا ته گڏوگڏ ڍور ڍڳا پڻ ڌارڻ لڳا. اها لڳ ڀڳ ساڍا اٺ هزار سال اول جي ڳالهه آھي. ايئن پوءِ تنهن تهذيب جو وهڪرو هڙپا، موهن جو دڙو، ڍولا ويرا، رکشاهي، ڪاليڀنگن ۽ اهڙن ڪجھه ٻين قديم شهرن جو روپ ڌاريندو اڳتي وڌڻ لڳو ۽ اها روپ ڌارا چولستان (بهاولپور) تائين اچي پهتي. چون ٿا ته اهو دور ست هزار سالن کان شروع ٿي چار هزار ڇھه سئو سالن تائين جاري رهيو ۽ ان دوران ئي سنڌ جي شهري تهذيب جنم ورتو، جنهن تهذيب جي ڪجهھ مکيه شهرن جا نالا اسين مُنڍ ۾ ڏيئي آيا آهيون. جن شهرن ۾ چولستان اندر گنيريوالا واري اسي هيڪٽرن تي مشتمل وسندي پڻ شامل آهي.
واضح ڪندا هلون ته چولستان ۾ ان تهذيبي اوسر جو وسيلو هاڪڙي کي ئي ڄاتو وڃي ٿو. اهو هاڪڙو درياھه جنهن بابت ڪيتريون ئي جيالوجيڪل، هيڊرو لوجيڪل، آرڪيالوجيڪل، ميٿيڪل ۽ تاريخي شاهدين ملن ٿيون.
ان ڏس ۾ هندوئن جو خيال اهو آهي ته هاڪڙو اصل ۾ رگويد جو سرسوتي درياھه آهي جيڪو چولستان ۽ ٿرپارڪر ۾ ڍنڍون جوڙيندو الوپ ٿيندو رهيو. ڪجھه محقق وري اهو چون ٿا ته هي هماچِل پرديش وٽان وهندڙ گهاگهرو درياھه آهي جيڪو هريانا ڀارتي پنجاب ۽ راجستان کان ٿيندو چولستان ۽ اڳيان ديره بُڳٽي پهاڙين وٽان خيرپور، نواب شاھه، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر کان ڪڇ جي رڻ ۾ وڃي ڊيلٽا ٺاهيندو هو ۽ اهو سڀ سنڌو درياھه جي سلسلي کان هڪ الڳ ٿلڳ سلسلو هو. ان حوالي سان ڪجھه اهڙا به ماهر آهن جيڪي وري اهو چون ٿا ته هاڪڙو اصل ۾ ستلُج درياھه هو جيڪو سندو رُخ لڳاتار مٽائيندو رهيو ۽ هڪ دور ۾ هاڪڙي واري هاڻوڪي مِسريل پر ڪٿي ڪٿي پراڻن پڊن طور نظرجندڙ ڌارا ۾ وهندو رهيو. باقي هاڪڙي بابت ڪجھه هاڻوڪا نوان محقق وري اهو به ٻُڌائين ٿا ته هي واهُڙ نئون هزار سال اڳ ئي سُڪي ويو هو ۽ سنڌو سڀيتا جي چولستان جڏهن ته ڪڇ ۾ وري ڍولا ويرا تائين وهندو رهيو، جنهن آڌار اتي انساني آباديون ممڪن بڻيون.
بهرحال انهن سمورن اندازن جو سچ جيڪو به هجي پر چولستان ۾ اڄ به اهڙين وڏين آبادين ۽ شهرن جون زميني شاهديون ملن ٿيون ۽ آرڪيالوجي رڪارڊ ۾ پڻ موجود آهن. جنهن سان اهو خيال پختو ٿئي ٿو ته سنڌو سڀيتا جي اوسر اتان ئي اڳتي وڌي ٿي. جنهن ۾ اها ڳالهه به ملي ٿي ته هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي وچ ۾ چولستان جو گنيريوالا شهر به هو جنهن تنهن دور جي انهن ٻنهي وڏن شهرن کي پاڻ ۾ ڄڻ ڳنڍيو ٿي.”
اهو آهي تنهن هاڪڙي جو سراسري تعارف، جيڪو هاڪڙو هاڻ ڪٿي ڪٿي انهن ماڳن وٽ کنڊرن جي صورت ۾ نظر اچي ٿو جن ماڳن جو پاڻ مهڙ ۾ ئي ذڪر ڪري آيا آهيون. ٻُڌڻ ۾ اهو آيو آهي ته هاڪڙي جا جيڪي ٿورا گهڻا نشان بچيا آهن، تن جي کاٽي ڪرائي وئي آهي. اها هڪ سُٺي خبر آهي پر ڪم ان کان اڳتي تمام گهڻو آهي.
اهو هيئن ته هيلوڪي ٻوڏ بابت هيستائين جيڪي مقامي توڙي عالمي جاچ رپورٽون پڌريون ٿيون آهن، تن ۾ سڀني جي اها گڏيل راءِ آهي ته برسات بروبر تمام وڏي هئي پر ان برسات جي نتيجي ۾ امڪاني طور جيترو نقصان ٿي پئي سگهيو تنهن امڪان کان ڏهوڻ تي ٿيندڙ وڌيڪ بربادي حڪومتي نااهلي جي ڪري ٿي آهي. اها حڪومت جيڪا 2010 واري ٻوڏ ڏسڻ جي باوجود پاڻي جا قدرتي لنگهھ بحال ڪرڻ لاءِ ڪا به رٿابندي نه ڪري سگهي. تان جو هيلوڪي ٻوڏ هڻي سموري سنڌ کي سُڃ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي ان کان وڏي بدقسمتي ٻي ڪھڙي ٿي سگهي ٿي، جو ٻوڏ جي پاڻيءَ جا جيڪي اکين آڏو سڌاسنوان لنگھه ۽ رستا موجود پيا آهن، سي به مقامي وڏيرن جي تڪرار سبب نٿا کوليا وڃن. جنهن جو ثبوت ڪيترن ڏينهن کان ڍوري پراڻ کي ڪٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ وارو جاري جهيڙو آهي.
هي آهي انهي نظام جي حالت جنهن جي آسري پاڻ جي رهيا آهيون. اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته هتان جي حڪمرانن ۽ انهن جي سفارشن تي سالن کان مرحليوار ڀرتي ٿيل نااهل آفيسر شاهي ۾ پاڻي کي سمجهڻ جي صلاحيت ئي ڪونهي ۽ ٻيو اهو ته عوام هن نظام جي ايجنڊا ۾ ڪڏھن رهيو ئي ناهي. تنهن ڪري هاڻ سواءِ فطرت جي پنهنجو ٻيو ڪو آسرو آهي ئي ڪونه. اها فطرت جيڪا پنهنجي تي جڏھن اچي ٿي ته مرندڙ درياھه به جيئرو ڪري ٿي ڇڏي. ايئن جيئن ٻارنهن سالن جي وِٿي کان پوءِ هيل وري پنهنجو سِنڌو ٻنهي ڪنڌين ڀر تار ٿي وهي هليو. جي نه ته مئي جون تائين سنڌو ۾ ته واري واڪا پئي ڪيا. ڇاڪاڻ ته ملڪ جي مُنڍ پنجاب ۾ ويٺل پاڻي تي قابض قوتون هر صورت ۾ سِنڌو کي سُڪائڻ لاءِ رات ڏينهن سازشن ۾ جُٽيل آهن. اهي قابض قوتون جيڪي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ پاڻي جو هڪ ڦُڙو ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. پر هي فطرت جي مهرباني آهي، جنهن اسان کي هيل پنهنجو سِنڌو جيئاري ڏنو.
تيئن ممڪن آهي ته ماحول جي ڪا مهربان تبديلي پاڻ کي هڪ ڀيرو ٻيهر هاڪڙو به جيئاري ڏي!!؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button