ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

روپوش روزگار ڪٿي آهي؟

Editorial-Article-Umar Qazi

برسات جو ٻوڏ بڻيل پاڻي اڃان تائين ڳوٺن ته ڇا پر شهرن ۾ به موجود آهي. اڃان تائين ڪريل گهر نه جڙيا آهن ۽ اڃان تائين سرڪار جي پاران ڪا امداد به نه آئي آهي جو ٿيل نقصان جو ڪنهن طرح سان ازالو ٿي سگهي پر حڪومت هاڻي کان وٺي ٻوڏ متاثر ماڻهن کي مهڻا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ڇا اها ڳالهه ڪنهن طرح سان به ڪنهن حڪومتي سربراهه کي سونهين ٿي جو امداد ڏيڻ کان سواءِ صوبي جي ماڻهن کي اهو طعنو ڏئي ته ماڻهو ڪم ڪار ڪرڻ بدران سرڪاري امداد طرف واجهائين ٿا. جڏهن ته هن ڀيري سنڌ جي ماڻهن جو جيڪو به نقصان ٿيو آهي، اهو گهڻو ڪري سرڪار جي ناقص ڪارڪردگيءَ سبب ٿيو آهي. جيڪي به شهر ۽ ڳوٺ ٻڏا آهن، انهن جي ٻڏڻ جو اهم سبب اهو بيان ڪيو پيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن انهن شهرن ۽ ڳوٺن جو نڪاسيءَ جو نظام بهتر هجي ها ته ايتري گهڻي تباهي ڪنهن به صورت ۾ نه اچي ها. پر جنهن صوبي ۾ صفائيءَ واري نوڪري به رشوت تي ملندي هجي ۽ سرڪار مال ڳڙڪائڻ جي لاءِ سفيد پوش ماڻهو ٻهاري ڏيڻ ۽ گٽر صاف ڪرڻ واري ڪم جي نوڪري وٺي گهر ويٺي پگهار کڻن ۽ جنهن صوبي ۾ اربين روپيا کاٽيءَ جي لاءِ جاري ٿين پر ڪروڙن جو ته ڇا پر لکن جو ڪم به نه ٿئي ته ان هنڌ تي معمول کان وڌيڪ مينهن تباهيءَ جو باعث ڇو نه بڻبو؟ جڏهن ان قسم جو ڪوئي ٿيندو آهي ته ان تي سرڪار جو ردعمل اهڙو هوندو آهي، جهڙوڪ اهو ڏوهه به عوام ڪيو هجي!
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ميار ڪنهن به طرح سان سمجهه کان بالاتر آهي. هو عوام کي ان طرح سان طعنو ڏئي رهيو آهي، ڄڻ ته سالن کان وٺي سنڌ جي ماڻهن کي سرڪار پاليندي هجي ۽ ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ بيڪار ويٺا هجن ۽ انهن کي ٽن ويلن جي مانيءَ سان گڏ دوا دارون ۽ لٽو ڪپڙو سرڪار مهيا ڪندي هجي. صرف ان صورت ۾ سرڪار جي پاران ان قسم جو طعنو ٺهي ٿو ته آخر عوام ڪم ڪار ڇو نه ٿو ڪري؟ هڪ ته سنڌ حڪومت هن مهل تائين هڪ به اهڙو منصوبو عمل ۾ نه آندو آهي، جيڪو عوام جي لاءِ روزگار جو باعث بڻجي. سرڪار هڪ به اهڙو وڏو ڪم شروع نه ڪيو آهي، جيڪو بيروزگاريءَ جي باهه ۾ سڙندڙ عوام جي مٿان ڇنڊو هڻي سگهي. هن وقت تائين جيڪي به پراجيڪٽ شروع ٿيا آهن، انهن جي لاءِ پهريان ته اهو چيو ويندو آهي ته ان مان مقامي ماڻهن کي روزگار ملندو پر جڏهن اصل ۽ وڏي سرڪار وڏي صوبي جي ماڻهن لاءِ نوڪرين جا دروازا کولي ڇڏيندي آهي ۽ مقامي ماڻهن کي ڪجهه به نه ملندو آهي ته ان جا سبب به عجيب غريب پيش ڪيا ويندا آهن. اسان اهو به ڏٺو آهي ته جڏهن مقامي ماڻهن جا چهرا ڏيکارڻ جي لاءِ ڪجهه نوڪريون انهن کي ڏنيون وينديون آهن ته اهي به پٽيواليون ۽ چوڪيداريون هونديون آهن. جڏهن ته اهم ۽ وڏي پگهار واري نوڪري پوءِ به وڏي صوبي جي ماڻهن کي يا وڏي سفارش واري فرد کي ڦرڻي ڪرسي ڏني ويندي آهي.
سنڌ سرڪار کي پهريان ته روزگار جا وسيلا ڏيڻ گهرجن ۽ جيڪڏهن صوبي جا ماڻهو پوءِ به ڪم نه ڪن ته انهن جي مٿان پوءِ ميار رکي ويندي ته اها ڪنهن کي سمجهه ۾ به ايندي. اهو ته ائين آهي، جيئن پيئڻ جي لاءِ پاڻيءَ جو ڍڪ به موجود نه هجي ۽ ماڻهن جي مٿان اها تنقيد ڪئي وڃي ته ماڻهو بنهه جاهل آهن ۽ هو پيئڻ جو پاڻي نه ٿا واپرائين. هن مهل تائين انهن ئي اخبارن ۾ تمام گهڻا ليک لکجي چڪا آهن ۽ گهڻيون خبرون شايع ٿيون آهن، جن ۾ ماڻهن جي روزگار جي لاءِ آهون دانهون هونديون آهن ۽ هن مهل اسان سرڪار جي پاران اهو ٻڌي رهيا آهيون ته ماڻهو ڪم نه ٿا ڪن. ماڻهن کي مفت جي ماني کپي ٿي. سرڪار ڪنهن کي مفت جي ماني ڏني آهي؟ سرڪار ڪنهن کي گهر ويٺي ان پهچايو آهي؟ سرڪار ڪنهن جو گهر ڀريو آهي؟ سرڪار اهو ڇا ڪيو آهي، جنهن جي بنياد تي سرڪار ان قسم جي ڳالهه ڪرڻ جو اخلاقي حق حاصل ڪري سگهي ٿي؟ سرڪار هن مهل تائين ماڻهن جي جائز مدد به نه ڪئي آهي. هن مهل تائين سرڪار پاران اهڙو ڪو ڪم نه ٿيو آهي، جنهن ڪم جي بنياد تي ماڻهن کي ڪم مليو هجي. سڀ کان اڳ ۾ ته سرڪار روزگار جا وسيلا ظاهر ڪري ۽ ان کان پوءِ پنهنجا تنقيدي تير هلائي ۽ ٻڌائي ته هن آخر اهو ڇا ڪيو آهي، جنهن جو عوام فائدو حاصل نه ڪيو هجي؟
عوام منڍ کان وڏي سرڪار کي منٿون ڪيون آهن ۽ ٻاڏايو آهي ته ان کي ڪنهن ڪم سان لڳايو وڃي پر سرڪار ماڻهن کي نوڪريون مفت ۾ ڏيڻ جي ڪا به صورت پڌري نه ڪئي آهي. جنهن صوبي ۾ سرڪاري نوڪري وڪامي، ان صوبي جي ماڻهن کي مفت جي مال کائڻ جو عادي ٿي وڃڻ وارو مهڻو ڪيئن ٿو ڏئي سگهجي؟ ان صورتحال کي ماڻهن جي ڦٽن مٿان لوڻ ٻرڪڻ چئبو آهي. ڇو ته هڪ ماڻهن کي حق نه ملن ۽ ٻيو ته ماڻهن کي اهي مهڻا ڏجن ته هو حق وٺڻ بدران مفت جو مال کائڻ جا هيراڪ آهن. اسان جا ماڻهو تمام گهڻا محنتي ۽ تمام گهڻا پورهيت آهن. انهن کي هر صورت ۾ پنهنجي عزت واري روزي گهرجي. اهو ئي سبب آهي ته سرڪاري غفلت سبب گهر تڙ کان بي گهر ٿيل ماڻهن کي جڏهن ڪيمپن ۾ وهاريو ويو ته انهن سڀ کان اڳ ۾ اها دانهن ڪئي هئي ته هو ماني ڳڀي جي لاءِ ڊوڙون پائڻ ۽ قطارون ڪري بيهڻ وارا ماڻهو ناهن. هو ته پنهنجن راڄن ڀاڳن وارا ماڻهو آهن ۽ انهن ته هميشه کان وٺي پنهنجي حق حلال جي ماني کاڌي آهي ۽ انهن کي هن مهل اهڙو وقت ڏسڻو پيو آهي ته انهن جون اکيون شرم کان کڄي نه ٿيون سگهن جو انهن کي گهرڻو پوي ٿو. هو ته سدائين ڏيڻ وارا ماڻهو رهيا آهن. ساڳي طرح سان سوشل ميڊيا تي ان ننڍڙي نينگريءَ جي به وڊيو موجود آهي، جيڪا تمام گهڻي تڪليف سان چوي ٿي ته انهن کي ايئن اڇلائي ماني ڏني وڃي ٿي، جيئن هو انسان نه پر جانور هجن. هو انسان آهن ۽ انهن کي عزت سان امداد ڏني وڃي.
سنڌ سرڪار کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن انهن ماڻهن جي امداد ڪئي پئي وڃي ته اها امداد حڪمران پنهنجي ذاتي اڪائونٽ ۽ پنهنجي ذاتي کيسي مان خرچ نه ٿا ڪن پر اهو به عوام جو پئسو آهي، جيڪو هو مختلف ٽيڪسن جي صورت ۾ حڪومت کي ڏين ٿا. حڪومت جو خزانو عوام ڀريندو آهي پر اها ٻي ڳالهه آهي ته هن مهل تائين عوام جي کيسي مان ڀرجندڙ اهو خزانو حڪمران خالي ڪندا رهيا آهن ۽ انهن جا انهن مٿان ڪيس به هلندا رهيا آهن ۽ هن مهل به هن ملڪ جا حڪمران ڪيسن ۾ ضمانتن تي هلن ٿا. انهن کي جيڪڏهن ڪرسيءَ تان هيٺ لاٿو وڃي ٿو هو سڌا جيل ۾ ويندا. انهن کي ڪرسيون بچائي ويٺيون آهن. اهي ساڳيا حڪمران آهن، جن بينڪن جو پيسو کائي ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪيو آهي ۽ اهو عالمي سطح جو سچ آهي ۽ ان کان ڪو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. جڏهن ته اهڙي ماحول ۾ تهمت عوام جي مٿان هنئين وڃي ته ٻڌڻ واري جو جيءُ جلڻ هڪ فطري عمل آهي. ان عمل جي بنياد تي جيڪڏهن اها پڇا ڪجي ٿي ته ان ۾ ارهائيءَ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ سرڪار جيڪڏهن واقعي به اهو سمجهي ٿي ته ماڻهو ڪم ڪار نه ٿا ڪن ۽ انهن کي مفت جي ماني کائڻ جي پٽ پئجي وئي آهي ته هن کي پنهنجي سخاوت روڪڻ گهرجي ۽ ان سلسلي ۾ قوم کي ڪنهن اهم فورم تان ٻڌائڻ گهرجي ته آخر نوڪرين ۽ روزگار جا اهي ڪهڙا وسيلا آهن، جن کي هن عوام ٺڪرائي سرڪاري امداد جي ضد ٻڌي ٻي ڪا به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه ٿا ٿين؟
سرڪار کي ان سلسلي ۾ اخبارن جون مفت خدمتون حاصل ڪرڻ گهرجن ۽ انهن کي پريس ڪانفرنسن جي ذريعي ٻڌائڻ گهرجي ته اهي ڪهڙيون نوڪريون آهن، جيڪي سرڪار ٺاهي رکيون آهن پر اسان سوڌو عوام کي نظر نه ٿيون اچن؟ جيڪڏهن ان قسم جون نوڪريون آهن ته سرڪار کي فوري طور تي انهن نوڪرين جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي ته جيئن حقدارن تائين گهٽ ۾ گهٽ نوڪرين جو حق ته پهچي. هي هڪ وڏو ڪوڙ ۽ وڏو فراڊ آهي. يا ته اها غلط فهمي آهي يا تمام وڏي تهمت آهي ته سرڪار روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا آهن پر عوام ان مان ڪو فائدو حاصل نه ٿو ڪري. هن مهل تائين ته عوام سرڪاري نوڪرين جي لاءِ روڊن ۽ رستن تي پوليس جي لٺين سان سٽبو ڪٽبو رهيو آهي. جيڪڏهن عوام کي عزت سان روزگار جا وسيلا ملي رهيا آهن ته پوءِ ان نيڪ ڪم ۾ ايتري دير ڇو پئي آهي ۽ ڪنهن وڌي آهي؟ ان سلسلي ۾ به جاچ ٿيڻ گهرجي. عوام روزگار جي لاءِ تمام گهڻو پريشان آهي ۽ سرڪار جو اهو اعتراض آهي ته عوام ڪم ڪار نه ٿو ڪري. جيڪڏهن عوام ڪم ڪار نه ٿو ڪري ته عوام کي بلڪل به تڪليف ۾ هجڻ گهرجي. پر ان جو بنيادي شرط پوءِ به اهو ئي آهي ته عوام کي سرڪار پاران روزگار ميسر هجي. اهو روزگار جيڪڏهن سرڪاري آهي ته ان کان وڏي شيءَ ٻي ڪا به ڪونهي ۽ جيڪڏهن اهو روزگار غيرسرڪاري به آهي ته عوام ضرور ڪندو ۽ خاص طور تي اهو پرائيويٽ روزگار خوشيءَ سان ڪندو، جيڪو هن کي سرڪار جي معرفت ملندو. ڇو ته ان روزگار جي نوعيت هر حوالي سان نيم سرڪاريءَ جهڙي ته هر صورت ۾ هوندي. ان ڪري عوام کي اهڙي روزگار کان انڪار ڇو هوندو؟ امداد مجبوريءَ جو نالو آهي. امداد ماڻهوءَ جي صلاحيت ۽ آزاديءَ کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. عوام کي امداد نه گهرجي. عوام کي عزت وارو روزگار گهرجي. جيڪڏهن سرڪار وٽ روزگار آهي ته عوام اجايو امداد جي آسري تي نه ويهن ۽ پنهنجي عزت ۽ آبروءَ جو تحفظ ڪندي پنهنجي جائز ڪم ڪار سان لڳي وڃن. پر شرط اها آهي ته سڀ کان اڳ ۾ سرڪار روزگار جي نشاندهي ڪري ٻڌائي ته هو روپوش روزگار ڪٿي آهي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button