ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

انقلابي پارٽي-II

Editorial-Article-Yameen Jatoi

بالشيوڪ پارٽي جي ميمبرشپ جي فهرست ۾ زارشاهي جي فوج جا ڪجهه باقائده آفيسر به شامل هئا، بعد ۾ جڏهن سوويت رياست کي پنهنجي هٿياربند فوج جي تنظيم سازي جي ضرورت پئي ته انهن ماڻهن جو علم وڏو لاڀائتو ثابت ٿيو. اينتونوف اووسيينڪو پهريون ماڻهو هو جنهن دفاع جي عوامي ڪميسارن جي اداري جي سربراهي ڪئي. ماضي ۾ اهو شخص هيٺين درجي جو آفيسر هو. ڊبينڪو بالٽڪ سامونڊي ٻيڙي ۾ مهاڻو هو ۽ ڪريلينڪو پهرين مهاڀاري جنگ دوران سيڪنڊ ليفٽيننٽ هو. روس جي گهرو ويڙهه دوران سرخ فوج جا ٻه وڏا آفيسر ووروشيلوف ۽ بلوخر مزدور هئا.
سوويت فوج جي عسڪري نظرئي جو وڏو نظرئي ساز ميخائيل فرونز هو، هن پنهنجي ڪل وقتي انقلابي سرگرمين دوران ئي عسڪري علمن جو مطالعو ڪيو هو. بودي اوني هاري هو، پهرين عالمي جنگ دوران اهو ترقي ڪندو زارشاهي جي فوج ۾ سارجنٽ ميجر ٿي ويو. توخاچيوسڪي زار جي روس ۾ پنهنجي فوجي تربيت حاصل ڪئي هئي، هن محافظن جي ليفٽيننٽ طور سرخ فوج ۾ شموليت اختيار ڪئي. اهي سمورا ماڻهو اهي ماڻهو هئا، جن محاذن تي ڪمان ڪندي سفيد محافظن جي انهن انقلاب مخالف فوج کي شڪست ڏني جن جي قيادت زارشاهي جا جرنيل ڪري رهيا هئا، جن وٽ فوجي علمن جون سندون به هيون ۽ ويڙهه جو ڊگهو تجربو پڻ. ان کان سوا رد انقلاب جي انهن فوجن کي آمريڪي، برطانوي، فرانسيسي ۽ جاپاني فوجي صلاحڪارن جي سهائتا حاصل هئي.
اهي سمورا مثال ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته ان سچائي جي تصديق ٿئي جيڪا هاڻي سموري پورهيت عوام کي معلوم آهي. يعني اها ته مدبرن، سياستدانن ۽ فوجي اڳواڻن جي تربيت رڳو انهن ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ اسڪولن ۾ ئي ناهي ٿيندي جن جا در يا ته عوام لا بند آهن يا وري انهن تائين پهچڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ان عوام جي تعليم ان جدوجهد دوران ٿيندي آهي جيڪا انهن کي وڌيڪ علم تي مجبور ڪندي آهي. هڪ پراڻي چوڻي آهي ته: “ٿانون کي ٿانو ٺاهيندڙ ئي پچائيندو آهي، نڪي ديوتا.” ۽ حقيقت اها ئي آهي ته رياستي معاملن کي ٿانو ٺاهيندڙ، ڌات ساز يا ڪنهن ٻئي پيشي ۾ مصروف ماڻهو هلائي سگهن ٿا. ضرورت رڳو ان ڳالهه جي آهي ته اهي منظم هجن ۽ انهن جي تربيت ڪئي وڃي ۽ اهي انتظاميا بابت بنيادي مهارتون حاصل ڪري وٺن. صرف عوام جي انقلابي هراول يعني پارٽي ئي اهو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. شرط اهو آهي ته اها اهڙن ماڻهن تي مشتمل هجي جيڪي پورهيت عوام لا پيروي ڪرڻ جوڳو مثال پيش ڪري سگهندا هجن.
روس ۾ لينن انقلابي پارٽي قائم ڪندي ان ڳالهه جو خيال رکيو ته ان پارٽي لا اهڙن ماڻهن مان چونڊ ڪئي وڃي جيڪي انقلاب تي يقين رکندا هجن ۽ پورهيت طبقي جا طرفدار هجن. ان ڏس ۾ هن لکيو: “بهتر اهو هوندو ته معيار اهڙا هجن جو…کڻي پارٽي لا ڪم ڪندڙ 10 ماڻهو پاڻ کي پارٽي جو ميمبر نه چئي سگهن. (حقيقي ۽ سچا ڪارڪن اعزازن پويان ناهن ڊوڙندا.) پر ڪنهن اهڙي ماڻهو کي پاڻ کي پارٽي ميمبر چورائڻ جو موقعو يا حق نه ملڻ گهرجي جيڪو رڳو لفاظي ڪري ٿو.” پورهيت طبقي جي پارٽي انقلاب دوران ۽ بعد ۾ سماج جي نئين سر تشڪيل ۾ قيادت جو ڪردار رڳو ان صورت ۾ ادا ڪري سگهي ٿي، بقول لينن: “اها واقعي به طبقي جي بهترين نمائندن تي مشتمل هجي، ان ۾ ڀرپور شعور جا مالڪ ۽ اهڙا پڪا وفادار ڪميونسٽ شامل هجن جن جي تعليم ۽ تربيت ٿي چڪي هجي ۽ جيڪي اڻٿڪ انقلابي جدوجهد جي تجربي مان گذرڻ جي ڪري شيهي جي ڀت جيان تمام گهڻا مضبوط ٿي چڪا هجن.”
لينن ان ڳالهه کان آگاهه هو ته ڪيترن ئي ملڪن جي بورجوا حڪومتن ۾ اهڙا مزدور پارٽي ليڊر موجود هئا، (۽ اڄ به موجود آهن) جيڪي “سرمائي ۽ قانون جا پابند” آهن. اهڙي ريت لينن هي وضاحت ڪئي ته : “ڪا به سياسي پارٽي حقيقي معنيٰ ۾ مزدورن جي سياسي پارٽي آهي يا نه؟ ان سوال جي جواب جو انحصار انهن ڳالهين تي به هوندو آهي ته ان پارٽي جي قيادت ڪندڙ ماڻهو ڪهڙا آهن، ان پارٽي جي سرگرمين ۽ قدمن جي ماهيت ڇا آهي؟ ۽ اها ڪهڙي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي. رڳو ان آخري ڳالهه مان ان ڳالهه جو تعين ٿئي ٿو ته اسان آڏو موجود ڪا پارٽي پرولتارين جي پارٽي آهي يا نه.”
جيڪڏهن پورهيتن جي پارٽي چاهي ٿي ته ان جي طبقاتي پاليسي تي سختي سان عمل ٿئي ته ضروري آهي ته پورهيت طبقي جا رڳو بهترين نمائنده ئي ان جي نيوڪليئس ۾ موجود هجن. اهڙي نموني لينن جي خيال ۾ اهو ضروري هو ته پارٽي جي ميمبرشپ ۾ پهرين پورهيت طبقي جا نمائنده داخل ٿين. هن نشاندهي ڪئي ته “اسان پنهنجن خيالن ۽ فڪرن تي اعتماد وڃائڻ کان سوا ملڪ جي سمورن ترقي پسند عنصرن کي انقلابي ڪم ۾ شموليت جي دعوت رڳو اهڙي پارٽي طرفان ئي ڏئي سگهون ٿا جيڪا حقيقي معنيٰ ۾ پورهيتن جي هڪ پارٽي هجي.” ان ڏس ۾ 1917ع جي آڪٽوبر انقلاب کان ٿورو اڳ پارٽي جي سماجي جوڙجڪ بابت ڄاڻڻ دلچسپ هوندو. اهو اهو وقت هو جڏهن پارٽي جي ميمبرشپ لا آزمائشي وقت ۽ تحريري سفارشن جا شرط ختم ڪيا ويا هئا ۽ رڳو “فطري چونڊ” جي ان رهنما اصول کي پارٽي جي ميمبرشپ جو بڻياد بڻايو ويو هو ته جيڪي ماڻهو ڪمزور ۽ ٻڏتر ۾ ورتل هوندا ۽ جيل يا جلاوطني کان ڊنل هوندا اهي پاڻ ئي پارٽي ۾ شموليت اختيار نه ڪندا. بورجوا ۽ پيٽي بورجوا پارٽين جي نمائندن کي روسي عوام رد ڪري ڇڏيو هو. انهن ماڻهن پرڏيهه ۾ ترسڻ دوران واندڪائي ۾ گهڻا ئي ڪتاب لکيا، انهن لکڻين ۾ انهن پنهنجين پارٽين جي تباهي جا حيلا پيش ڪندي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوش ڪئي آهي ته بالشويڪ سوڀ رڳو اتفاقي محرڪن جو نتيجو هئي.
گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سوويت يونين جي ڪميونسٽ پارٽي جا دشمن ان بهتان کي ڦهلائڻ ۾ مصروف آهن ته روس ۾ لينن جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ ڪجهه سرگرم دانشورن اتفاقي طور پورهيت طبقي کي پنهنجي اثر رسوخ ۾ آڻي ورتو هو. پر ڪير شڪ ڪري سگهي ٿو ته جيڪڏهن انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن سرگرم دانشورن کي ان سڄي طبقي جي حمايت حاصل نه هجي ها جنهن جي مفاد ۾ اهي وڙهي رهيا هئا ته کڻي اهي دانشور ڪيترائي باصلاحيت ڇو نه هجن ها اهي رڳو 14 سالن جي عرصي ۾ ننڍڙي گروهه مان ترقي ڪري دنيا جي سڀ کان وسيع ملڪ جي مقتدر پارٽي نه بڻجي سگهن ها.
لينن سدائين ڪميونسٽ پارٽي جي طبقاتي نوعيت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پارٽي کي گهرجي ته لڳاتار مزدورن جي حلقن کي مضبوط ڪندي رهي. پر گڏوگڏ لينن جو خيال هو ته پورهيت عوام جي ٻين پرتن يعني هارين ۽ دانشورن جي وڌندڙ حلقن کي به پنهنجي اندر شامل ڪري، شرط اهو آهي ته اهي حلقا پورهيتن جا طرفدار هجن ۽ پرولتاري شعور ۽ فڪر کي پنهنجي اندر ۾ سمائي وٺن. پورهيتن جي پارٽي پورهيت عوام ۽ استحصال سٽيل عوام جي انهن سمورين پرتن کي شموليت جي دعوت ڏئي ٿي جيڪي پرولتاري شعور کي پوري طرح اختيار ڪري وٺن.
ان ڏس ۾ مينشويڪن (بالشويڪن جا مخالف) جي هڪ مضمون “بالشويڪن جي قوت ۽ طاقت جو بنياد ڇا آهي” مان ڪجهه اقتباس ڏيڻ دلچسپ هوندا. 25 آڪٽوبر (7 نومبر) 1917ع تي “نئين زندگي” جي نالي سان شايع ٿيندڙ هڪ اخبار ۾ بازاروف عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جي فتح واري ڏينهن هي اعتراف ڪيو ته “بالشويڪ پارٽي جي نيوڪليئس ۾ روسي محنت ڪش طبقي جي ڪريم، ان جا مضبوط ترين حلقا شامل آهن جيڪي بي پناهه تخليقي صلاحيتن جا مالڪ آهن. پوين ڪجهه مهينن دوران بالشويڪن جي مزدور دانشور حلقن ٽريڊ يونينن، فيڪٽري ڪميٽين، ۽ ٻين باعمل پرولتاري تنظيمن ۾ ڪم ڪندي وڏي پئماني تي ڦهليل ثقافتي ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي ۽ اهي ئي اهي دانشور حلقا آهن، جن جا اسان ٿورائتا آهيون جو انهن وڏين تباهين ۽ انهن جي اثرن باوجود اسان جي صنعتي زندگي کي ابتر ٿيڻ کان ايترو ته بچايو جو اها مڪمل انارڪي ۽ گڙٻڙ جو شڪار ٿيڻ کان بچيل رهي.”
)هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button