ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آفت ۽ امداد جو آسرو

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

پاڪستان جي اختيارين کي اهو اندازو ضرور هوندو ته اهي گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ ڪيترا ڀيرا مختلف مدن ۾ عالمي ادارن کان امداد وٺي چڪيون آهن. پر انهن ڪڏهن اهو نه سوچيو هوندو ته ملڪ امدادن وسيلي نٿا هلائي سگهجن. ڪورونا کان پوءِ هاڻوڪي آيل ٻوڏ هڪ مها آفت سمجهي پئي وڃي. عملي طور اهو ثابت به ٿيو آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ بنهه گهڻي تباهي آندي آهي. ان تباهيءَ کي منهن ڏيڻ ۽ دربدر ٿيل ماڻهن جي بحاليءَ ايترو سولو ڪم ناهي، دنيا ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ملڪ هجي جيڪو آفتن مان نه گذريو هجي. پر اهو ڪهڙو جادو آهي، جنهن وسيلي اهي ملڪ پاڻڀرا ٿي ويندا آهن، عوام جي سک لاءِ سڀئي بندوبست ڪري ٻين ملڪن کي امداد ڏيڻ لڳندا آهن.
بنگلاديش جيڪو سدائين ٻوڏن ۽ ڏڪارن جو شڪار ٿيندو رهندو هو. جڏهن اهو اوڀر پاڪستان سڏبو هو ته اولهه پاڪستان جا حڪمران بنگالين مان ايترا بيزار هوندا هئا جو چوندا هئا ته انهن جي ٻوڏن مان اسين ڦاسي ويا آهيون. پر ان ٻوڏ جهڙين آفتن کي منهن ڏيڻ سکيو، ان کي آفت بدران هڪ موقعو سمجهيو ۽ اهڙي ريت بنگالين گهڻو ڪجهه سکي ورتو. اڄ بنگلاديش ماحوليات جي حوالي سان ڪيترن ئي ملڪن کان بهتر آهي. هن پنهنجي معاشي حالت ڀارت کان به گهڻي بهتر ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان پاڪستان ڪنهن ليکي ۾ ئي ڪونهي. ان کان سواءِ هاڻ هو اهڙُو ملڪ ٿي چڪو آهي، جيڪو امداد وٺندڙ نه پر امداد ڏيندڙ آهي. هاڻوڪي ٻوڏ کان پوءِ هن پاڪستان کي انساني بنيادن تي امداد ڏني آهي، اهو ئي ملڪ جنهن جي ماڻهن کي بکيو سمجهيو ويندو هو. پر بنگلاديش نه رڳو ماضي مان سکيو آهي پر ان ملڪ هر حوالي سان پاڻ ملهايو آهي.
هن وقت پاڪستان جو وزير اعظم شهباز شريف دنيا کي امداد جي اپيل ڪري رهيو آهي ۽ هر فورم تي هو پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب آيل تباهيءَ جو ذڪر ڪري ملڪن ۽ ادارن کي ان ڳالهه لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته اسان کي امداد ڏني وڃي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي سيشن ۾ به هن اها ئي ڳالهه ڪئي آهي.
رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي 77 هين سيشن جي اعليٰ سطحي ڊائيلاگ جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪ ڪئي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ميزبانيءَ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿيل آجياڻي واري تقريب ۾ دنيا جي مختلف رياستن ۽ حڪومتن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جسينڊا آرڊن سان ملاقات ڪئي. تقريب دوران وزيراعظم فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون سان غير رسمي ملاقات ڪئي ۽ ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ مملڪتي وزير حنا رباني کر به وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم شهباز شريف آسٽريا جي چانسلر ڪارل نيهمر ۽ فلپائين جي صدر بونگ بونگ مارڪوس سان به ملاقات ڪئي. آسٽريا جي وفاقي چانسلر سان ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي مضبوط ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم نيويارڪ جي پنهنجي دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب کانسواءِ ڪيترن ئي بين الاقوامي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪندو، جڏهن ته مائيڪرو سافٽ جي باني بل گيٽس سان سندس ملاقات طئي ٿيل آهي. هو نيويارڪ ٽائيمز کي انٽرويو ڏيڻ لا ٽائيمز اسڪوائر جو دورو پڻ ڪندو. جڏهن ته نيويارڪ پهچڻ کانپو پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته “پاڪستان جي ڪهاڻي دنيا کي ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه ڪلاڪ اڳ نيويارڪ پهتو آهيان، اها ڪهاڻي ٻوڏ سبب ٿيل هڪ وڏي انساني الميي سان پيدا ٿيل گهري ڏک ۽ پيڙا تي ٻڌل آهي.” ٻئي طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جنرل اسيمبليءَ جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي وڌندڙ قيمتن، سياري، موتمار تڪرارن ۽ گرمي پد وڌڻ سان ايندڙ “عالمي بي اطميناني” بابت خبردار ڪيو. سيڪريٽري جنرل چيو ته اعتماد ٽٽي رهيو آهي، اڻبرابري وڌي رهي آهي. اسان جو سيارو سڙي رهيو آهي، ماڻهو تڪليف ۾ ورتل آهن. انتونيو گوتريس چيو ته عالمي سطح تي گرمي پد وڌڻ سان پاڪستان جو اڪثر حصو ۽ برطانيا جو ڪجهه حصو پاڻي هيٺ آهي. هن فوسل فيولز ڪمپنين تي سخت تنقيد ڪندي ان کي فطرت خلاف آپگهاتي جنگ شروع ڪرڻ جي برابر قرار ڏنو. هن چيو ته اچو ته انهن کي ٻڌايون جن کي لڳي ٿو ته اسان جي دنيا فوسل فيولز جي عادي ٿي چڪي آهي. هي وقت مداخلت ڪرڻ جو آهي ۽ اسان کي فوسل فيولز ڪمپنين ۽ انهن کي هلائيندڙن کي ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي. هن اسريل معيشتن تي زور ڀريو ته اهي فيوسل فيولز مان حاصل ٿيندڙ منافعي تي ٽيڪس لڳائين ۽ موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ نقصان جي تلافي لاءِ ۽ وڌيڪ اگهن کي منهن ڏيندڙ ماڻهن جي مدد لاءِ فنڊز وقف ڪن. گڏيل قومن جي سربراهه چيو ته گدلاڻ پکيڙيندڙن کي حساب ڏيڻو پوندو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن وقت جتي به موسمي تبديليون آيون آهن ۽ ماڻهن آفتن سبب ڀوڳيو آهي، ان جي پويان سڌريل ملڪن جو هٿ آهي. پر سوال اهو آهي ته ڇا آفت اچڻ کان پوءِ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي آفت جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي. ڪي به اهڙا اپاءَ نه ورتا ويندا آهن، جن سان انهن آفتن کان بچي سگهجي ۽ ماڻهن کي اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته اهي ترت ان مصيبت مان نڪري ويندا. امداد تي ڀاڙڻ ۽ اها امداد جڏهن ملي وڃي ته ان جي رسائي عوام تائين نه ٿئي ته اهڙي امداد ڪهڙي ڪم جي.
هيءَ ٻوڏ ڪا اوچتو ڪانه آئي آهي، اڄ جي جديد سائنس جي ڪري موسم جي اڳڪٿي ڪرڻ ۽ آفت جي اچڻ جو اطلاع ڏيڻ سولو ٿي ويو آهي. پر تنهن هوندي به حڪومت ڪا تياري نه ڪئي. خاص طور تي سنڌ حڪومت وٽ به ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جو سولو حل اهو ئي هو ته ڪٽ ڪٿان هنيا وڃن، انهن ڪٽن جي ڪري نه رڳو سنڌ جي شهر ٻڏا پر لکين ماڻهو دربدر ٿي ويا، انهن جا فصل لڙهي ويا. مال متاع مري ويو ۽ هاڻ حالت اها آهي جو ماڻهو روڊن تي ويٺا آهن. جتي انهن کي خيرات جي ماني ملي رهي آهي.
رياست جڏهن پنهنجو پاڻ کي ان ڳالهه لاءِ تيار ڪري وٺندي آهي ته اها امداد تي ڀاڙيندي رهندي ته اها نفسيات سماج ۾ ائين ئي هلندي رهندي آهي. تنهنڪري هيءَ معاملو رڳو رياستي مشينريءَ جو ڪونهي پر ان فرد جو به آهي، جيڪو هن سماج جو حصو آهي. جيئن هن وقت ملڪ ۾ لکين عورتن کي انڪم سپورٽ پروگرام وسيلي ڪم کان آجو قرار ڏنو ويو آهي. اها نفسيات ڪنهن به سماج کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي قابل نٿي ڪري سگهي.
هيءَ سڄو معاملو مئنجمينٽ جو آهي. جيڪڏهن ادارا ۽ فرد آفتن کي سنڀالي نٿا سگهن ٿا ته ان جو ڏوهه آفت تي ڏيڻ بدران ادارن تي ڏيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ جو لائحه عمل موجود آهي. اهي ملڪ جن لاءِ آفتون هاڻي ڪو مسئلو نه رهيون آهن. انهن پڻ ٽيڪنيڪل بنيادن تي گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ ان کي عمل ۾ آندو آهي. جنهن کان پوءِ انهن پنهنجن ماڻهن کي وڌيڪ محفوظ بڻايو آهي. پاڻيءَ کي سمنڊ تائين ڇوڙ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو به حڪومت نه ڪري سگهي ته ظاهر آهي پاڻي پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو. سنڌ حڪومت به ان انتظار ۾ رهي ته پاڻي پنهنجي مرضيءَ سان پکڙي وڃي. نتيجي ۾ اهي ماڻهو به هن ٻوڏ ۾ ٻڏي ويا، جن کي بچائڻ ممڪن هو.
عالمي ادارن کي پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ جي حوالي سان ڳڻتي آهي، اهي ڀرپور امداد به ڪري رهيا آهن پر ڇا ملڪ کي انفرا اسٽرڪچر کي ايترو بهتر نٿو ڪري سگهجي جو ڪنهن به آفت مهل اسان کي امداد لاءِ واجهائڻو نه پوي ۽ ڪروڙين ماڻهو دربدر ٿيڻ کان بچي وڃن. تنهنڪري امداد وسيلي عوام کي پالڻ مسئلي جو حل ناهي پر انهن کي امداد کان بچائڻ ضروري آهي ته جيئن اهي پنهنجن پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ محفوظ رهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button