ٻوڏ جي تباهڪارين کان پوءِ جيڪا صورتحال سامهون اچي رهي آهي، اها وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي ٻوڏ کان پوءِ کاڌي پيتي جي شين جو بحران پيدا ٿيو آهي ته ٻئي پاسي ٻوڏ متاثر بيمارين کي پڻ منهن ڏئي رهيا آهن، نتيجي ۾ نه رڳو انهن جون ضرورتون پوريون ڪونه پيون ٿين پر انهن لاءِ مسئلا پڻ وڌي ويا آهن. ڪئمپن ۾ ويٺل ماڻهو بکن، بيمارين ۽ عدم تحفظ کي منهن ڏئي رهيا آهن. هاڻي انهن کي مختلف بيماريون دوائون پڻ ڪونه ملي رهيون آهن، جنهن ڪري انهن جي حياتين کي وڌيڪ خطرو ٿي پيو آهي. مليريا، بخار ۽ پيٽ جي بيمارين ۾ورتل ٻوڏ متاثر گهڻي وقت تائين انهن بيمارين کي منهن نه ڏئي سگهندا. جڏهن ته حڪومت به اهو اعتراف ڪري رهي آهي ته ان وٽ ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ دوائون ڪونه آهن.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهن لاڙڪاڻو، شڪارپور، شهدادڪوٽ، رتوديرو، سجاول جوڻيجو، قمبر، ڏوڪري، ميرو خان ۽ آريجا ۾ برسات متاثرن جي رليف ڪئمپن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير ڳالهائيندي اعتراف ڪيو ته اسان سڀني کي امداد پهچائي نه سگهيا آهيون، سنڌ ۾ مليريا ۽ بخار جي دوا ختم ٿي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ هيل غير معمولي برساتون وسيون آهن، ايتريون برساتون اڳ ڪڏهن به نه پيون آهن، اڃا به ڪيترن هنڌن تي پاڻي موجود آهي. پراڻا رڪارڊ ته ناهن پر اڳ کان ڏهوڻ، يارهوڻ تي وڌيڪ برسات پئي آهي. اهو سمورو پاڻي ڪڍڻو آهي جنهن لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ڪوشش آهي ته پاڻي ڪڍڻ دوران ڪنهن ٻئي کي تڪليف ۾ نه وجهون ۽ ماڻهن تي الزام نٿو هڻان پر هر ڪنهن کي پنهنجي ڳوٺ اڳيان پاڻي بيٺل آهي ته اهو پاڻ به ڪڍرائي، انهن ماڻهن کي رڳو اهو پاڻي نظر ايندو آهي ۽ اهو سمجهندو آهي ته سرڪار اهو پاڻي هتان ڪڍي اڳتي موڪلي ڇڏي پر هتي هر پاسي پاڻي ئي پاڻي آهي، جنهن ڪري جيڏانهن ڏسندا پاڻي نظر ايندو. پاڻي نڪرڻ ۾ وقت لڳندو 75 سيڪڙو پاڻي هڪ ڏيڍ مهيني ۾ ڪڍي وٺنداسين. هن چيو ته اسان کي 15 لک خيمن جي ضرورت آهي فقط ساڍا 4 لک خيما ڏنا ويا آهن ان حساب سان اسان ماڻهن تائين ٽينٽ نه پهچائي سگهيا آهيون. هن چيو ته سمورن ملڪن مان 10 هزار کان به گهٽ ٽينٽ مليا آهن، هي وڏو سانحو آهي. ماڻهن جي تڪليف ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سنڌ جي ڪيترن ضلعن ۾ 1100 ملي ميٽر برسات پئي ۽ پڊ عيدن ۾ 1800 ملي ميٽر برسات پئي. جڏھن ته سنڌ جي ايراضي 41 ھزار اسڪوائر ڪلوميٽرن تي آھي. جيڪڏھن ان جو سراسري جائزو وٺبو ته 140 ملين ايڪڙن تي پاڻي بيھي چڪو آھي. جيڪو 20 تربيلا ڊيمن جي برابر آھي، اھو ئي سبب آھي جو جتي نظر پوندي اتي پاڻي ئي پاڻي نظر ايندو. سنڌو درياءَ جي ساڄي پاسي ڪشمور کان سيوھڻ تائين صرف پاڻي آھي ۽ ھر ڪوئي اھو چاھي ٿو ته ان جي علائقي مان پاڻي نيڪال ٿئي پر پاڻي ڪڍڻ ۾ وقت لڳندو. منڇر ڍنڍ ذريعي پاڻيءَ کي نيڪال ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير امدادي سامان ڏيندڙ ملڪن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ھي برساتون وڏي سانحي کان گھٽ ناھن پر سنڌ حڪومت ماڻھن جي تڪليفن کي گھٽائڻ جي ڀرپور ڪوششون ڪري رھي آھي.
اسين سمجهون ٿا ته وڏي وزير جي اعتراف کان پوءِ اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ تڪليفن جو دور ختم ناهي ٿيو ۽ اهي ان کان وڌيڪ تڪليفون ڏسي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ حڪومت وٽ مليريا ۽ بخار جون گوريون به ڪونه آهن. حڪومت کي هنگامي بنيادن تي بخار ۽ مليريا جي دوائن جو بندوبست ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هاڻوڪي مند ۾ مڇرن جي آزار جي ڪري اهي مليريا ۽ ڊينگيءَ جو شڪار ٿي رهيا آهن. پر وقت سر انهن کي دوائون نه مليون ته ٻوڏ متاثرن جون حياتيون متاثر ٿي سگهن ٿيون. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پرڏيهه مان اهي دوائون گهرائي ماڻهن کي مهيا ڪري ڏنيون وڃن ته جيئن ٻوڏ متاثرن کي مرڻ کان بچائي سگهجي ۽ انهن کي صحتمند رکڻ جو بندوبست ڪيو وڃي.