هن ٻوڏ ۾ سڀ کان دکدائڪ خبر ڪي اين شاهه جي شهباز ڪالونيءَ جي ڍول فقير چانڊيو جي ٻڏل گهر مان سندس لاش جو ملڻ هو. لاش چار ڏينهن پراڻو هو. فوت ٿي ويل جي لاش کي ڪتا پٽي چڪا هئا. ٻوڏ جي باوجود هيءَ غريب گهر جي سنڀال لاءِ ترسيل هو. رپورٽ هئي ته چورين ۽ ڌاڙن سبب ڪي اين شاهه ٻڏي وڃڻ جي باوجود 5 سيڪڙو ماڻهن پنهنجا گهر خالي نه ڇڏيا. ڪير پنهنجا دڪان ۽ گهر ڀريل ڀڪيل ڇڏي وڃي سگهي ٿو. ائين ڍول فقير به پنهنجو گهر حال سارو نه ڇڏيو هو. ڍول فقير ڪڪڙ واري دڪان تي ڪم ڪندڙ هو. ڪي اين شاهه ۾ بجلي ۽ گئس نه هو. پيئڻ جو پاڻي ملڻ مشڪل بڻيل هو. اتي کاڌو ملڻ ته اڃان به ڏکيو هو. مٿان مڇرن جو آزار. پوءِ ڍول فقير کي مڇرن ۽ مليريا، بک ۽ اڃ ماريو. پر اها حقيقت آهي ته ڍول فقير چانڊيو مئل حالت ۾ مليو ۽ هن جي مرڻ جي نشاندهي به ڪتن ڪئي. ان کان وڌيڪ ڪهڙي ستم ظريفي ٿي سگهي ٿي. رڳو ڪي اين شاهه ۾ انهيءَ دوران 26 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. (جن جي نه ايف آءِ آر، نه ڊيٿ سرٽيفڪيٽ) هنن جا وارث سندن معاوضو به وٺڻ کان لاچار آهن. هيءَ سڄي ڊاڪيومينٽيشن ڪيئن ٿيندي؟ جن ٻوڏ جي باوجود پنهنجا اجها نه ڇڏيا هئا. ڍول فقير به انهن ۾ هڪڙو هو.
حڪومت ٻوڏ جو پاڻي ته نه روڪي سگهي، پر امن امان جي لحاظ کان ٻوڏ وارن علائقن ۾ ڪنٽرول ته ڪري ها، اهو به نه ڪري سگهي. ڪي اين شاهه جي ٻوڏ ۾ مثالي ڪم تعلقه اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر نائچ جو ڏٺو ويو. جنهن تعلقه اسپتال جي عمارت ٻڏي ويل هجڻ باوجود، ڊاڪٽر نائچ شهر ۾ ٻئي هنڌ پنهنجي اسپتال کي فنڪشنل رکيو ۽ هن ڏکي گهڙيءَ ۾ ڪي اين شاهه واسين جي واهر ڪئي. ڪي اين شاهه جي اوسي پاسي ۾ چوريءَ جون ايتريون ته وارداتون ٿيون آهن، جو غريب ماڻهن جي ڪريل گهرن جا گارڊر، ٽيئر ۽ سولر پليٽون به چور لاهي کڻي ويا آهن. هاڻوڪي برساتن ۾ سڀ کان پهرين جهڏو شهر ٻڏي ويو. هن وقت تائين سڀ کان گهڻيون چوريون ۽ ڦرون انهيءَ علائقي ۾ ٿيون آهن.
2010ع جي ٻوڏ: ٻه هزار ڏهه واري دريائي ٻوڏ ۾ سڀ کان پهرين غوث پور جو شهر ٻڏي ويو هو. درياءَ جي ساڄي ڪنڌيءَ تي ۽ موٽري جي ڏکڻ پاسي واقع ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي جو هيءَ تاريخي شهر آهي. هندو آبادي هن شهر ۾ وڏي انگ ۾ رهي ٿي ۽ وڏو ڪاروباري مرڪز وارو شهر آهي. غوث پور جي درٻار هن شهر جو مکيه مرڪزي هنڌ آهي. هن درٻار جو هندو جاتيءَ جي اهم مرڪزن ۾ شمار ٿئي ٿو. ٽوڙي بند کي گهارو لڳڻ کانپوءِ هيءَ سنڌ جو پهريون شهر هو جو ٻڏي ويو هو. نئين شهر جي واڌ ويجهه موٽري واري پاسي گهڻي ٿي آهي. باقي پراڻو شهر قديمي عمارت سازي تحت ٻوڏ کان بچڻ لاءِ مٿاهين تي ٺهيل هو. ان ڪري غوث پور درٻار ۽ قديم شهر جي بازار ٻڏڻ کان بچي وئي هئي. پر موٽري وي پاسي شهر جون گهڻيون عمارتون ۽ آفيسون مڪمل ٻڏي ويل هيون ۽ موٽر وي جي پيٽرول پمپ تي ٻڏي ويل ڪار به بيٺي هئي، جيڪا نڪري نه سگهي ۽ مٿان پاڻي چڙهي ويو هو.
ٻوڏ جي خوف کان سڄو شهر خالي ڪري ماڻهو هليا ويا هئا. شهر جي خالي ٿيڻ جو فائدو وٺي ڪي ڪاٽڪو ٻيڙين تي چڙهي رات جو غوث پور ۾ داخل ٿيا ۽ فجر تائين سڄي شهر جا دڪان ۽ گهر لٽي ٻيڙيون ڀري کڻي ويا. ايتري تائين جو نيشنل بينڪ جا تالا ٽوڙي جيڪي ڪجهه چورن کي مليو اهو کڻي ويا. ٽوڙي بند جي گهاري وارو پاڻي جيڪب آباد کان ٿيندو اڃان بلوچستان جي پٽن ۾ هليو پئي. نيٺ ان کي اوستا محمد کان واپس ٻيهر سنڌ ڏانهن موڪليو ويو. سنڌ جي شهرن کي بچائڻ لاءِ فلڊ پروٽيڪٽ بند جي اندران اندر وارو گس ڏئي پاڻيءَ کي منڇر ڏانهن موڙيو ويو. جوهي، ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ اوسي پاسي وارن علائقن ۾ وارو وار ٿي وئي ۽ ڪي اين شاهه جي سامهون سپريو بند لڙهي ويو. پهرين لمحي گوزو ۽ پوءِ ڪي اين شاهه ٻڏي ويا. انهيءَ دوران ٻڏي ويل غوث پور جي لٽجي وڃڻ واريون خبرون عام ٿي ويون هيون. ڳڙهي خيرو ۾ رات جي اونداهيءَ ۾ گولي هلي ڪو مئو يا بچيو. پر ماڻهو ٻوڏ جي باوجود پنج ڏهه سيڪڙو پنهنجي گهرن تي پهرو ڏيڻ ويهي رهيا. پوءِ ٻيا شهر ٻڏا ته ڪونه، پر ان جي باوجود جوهي، دادو، سيوهڻ، ميهڙ ۽ ٻيا اوسي پاسي وارا ماڻهو پنهنجا گهر خالي ڪري هليا ويا. پر ماڻهن پويان ڪجهه ڀاتي حال سارو سنڀال لاءِ رکيا. ان جي باوجود ڪي اين شاهه سڄو شهر ٻڏو ويو هو ۽ وڏو شهر هو. اتان چورين جون ڪيتريون وارداتون ٻه هزار ڏهه ۾ ٿيون. اٽڪل مهينو يا 20 ڏينهن پوءِ درياءَ جو وڏو وهڪرو ٺٽي پهتو. ڪوٽ عالمون وٽان سجاول ضلعي ۾ درياءَ جي کاٻي پاسي کان گهارو لڳو. صبح جو ٽائيم هو. ان ڪري ماڻهو پنهنجو سامان سڙو کڻي نڪتا. ماڻهو پريشان ڪيڏانهن وڃن. جتي کين درياءَ جي ٻوڏ جو خوف نه هجي. ماڻهن کي مڪلي سجهي ۽ دڙو، ٻنون، ٻيلو، بٺورو، سجاول جي اوسي پاسي جا ماڻهو سج لهڻ وقت سجاول واري درياءَ جي پل ٽپي ٺٽي پهتا هئا. رمضان جو مهينو هو. متاثر ماڻهن روزو ٺٽي ۾ اچي کوليو. ٺٽو سجاول پل ان لمحي ورهاڱي وانگر فيروزپور جي پل لڳي رهي هئي. ان وقت جو صوبائي وزير ذوالفقار مرزا ٽريفڪ پوليس واري وانگر هڪ هڪ گاڏي ڪراس ڪرائي رهيو هو. ڪيتريون ئي گاڏيون ٽريفڪ جام ۾ تيل کٽي وڃڻ سبب ڦاٿل هيون.
ڪوٽ عالمون جو گهاري وارو پاڻي مختلف علائقا ٻوڙيندو وڃي سنڌ جي آخري شهر جاتي پهتو. جاتيءَ ۾ ٻوڏ جو پاڻي پهچڻ واري خوف کان جنهن کي جيترو سامان ملي سگهيو اهو کڻي بدين ۽ گولاڙچي ڏانهن لڏپلاڻ ڪري وڃي رهيا هئا. جاتيءَ جا ماڻهو مڪلي پهچي نه پئي سگهيا، ڇو ته سجاول ٻڏي چڪو هو. هو کورواهه جي رستي کان وڃي رهيا هئا. رات جو سج لٿي مهل سنسان رات ۾ هڪ سيٺ خوف جي عالم ۾ پنهنجي دڪان جي مٿان ستل هو. خوف هئس ته دڪان رات جو لٽجي نه وڃي. جاتي ۾ ان وقت نوتڪ بلوچ ايس ايڇ او هو. هن ٿاڻي تي ايمرجنسي ڊڪليئر ڪري ڇڏي. سڄي شهر ۾ ٽي چار چوڪيون ٺاهي رات ڏينهن پهرو ڏيڻ لڳو. خواجه، ميمڻ، ديوان وغيره وڏا وڏا واپاري هئا. جاتيءَ جي واپارين پوليس اسٽاف جي راشن جو به بندوبست ڪيو. پر نه شهر ۾ بجلي نه گئس. رڌپچاءُ ڪيئن ٿي. 20 ڏينهن ۽ رات ڪري پوليس سڄي شهر جو گشت جاري رکيو. مون رپورٽنگ دوران به صوبيدار کي پنهنجي ڊيوٽيءَ تي ڏٺو.
جاتيءَ جي شهر مان اڃان پاڻي ڪونه سُڪو هو. ماڻهو به اڃان شهر ۾ واپس ڪونه آيا هئا. اوچتو حادثو ٿيو. صوبيدار نوتڪ جي ڪٽنب سان ملير جي ويجهو حادثو ٿيو. جنهن ۾ ننڍا وڏا هن جي ڪٽنب جا ست ڀاتي حادثي ۾ فوت ٿي ويا. هن کي فون تي اطلاع مليو. هن گهر ڀاتين سان معذرت ڪئي آئون نٿو اچي سگهان. منهنجو هتان نڪرڻ سان هڪ لمحي ۾ شهر لٽجي ويندو. هن جي دوستن هن کي روئيندي به ڏٺو، پر هن جاتي نه ڇڏي. آئون جاتي ٻڏي وڃڻ کانپوءِ جي صورتحال ڏسڻ ويس ته ان ڏينهن شهر ۾ وڏو جلوس ايندي ڏٺم. خبر پئي ته صوبيدار نوتڪ جي بدلي ٿي وئي آهي. شهر واسين سونو تاج پارائي شهر ۾ سندس سرگس ڪڍي رهيا آهن. مون حيرت ۾ ڪنهن پوليس آفيسر سان ايڏي محبت ڪندي جاتي وارن کي ڏٺو. ڪئين مڻ اجرڪون ماڻهن کيس تحفي ۾ ڏنيون. نوتڪ صوبيدار کي سرڪار پاران ڪوبه پرائيڊ آف پرفارمنس ڪونه مليو هو. پر جاتي جي عوام جو اهو پيار ڪنهن به صدارتي ايوارڊ کان وڏو هو.