سنڌ تاريخ جي بدترين بحران مان گذري رهي آهي ۽ عوام جو برو حال ڏينهن ڏينهن وڌندي ۽ پيڙا ڀوڳيندي هڪ اهڙي رستي وڌي پيو جنهن تي هلڻ کان پوءِ جلدي هڪ ٻيو واٽو ايندو جنهن جي هڪ راھه نجات جي هوندي ۽ ٻئي ذلت خواري ۽ هاڻي جي حالتن کان به بدترين حالتون ۽ وڌيڪ برو حال هوندو. ڇو ته بحرانن ۽ مصيبتن ۾ جيئن فرد جو ڪردار امتحان مان گذري ٿو، بلڪل ايئن ۽ اهڙي طرح سان قومن جو ڪردار به اهڙي امتحان مان گذري پيو، جيڪڏهن فرد ڏکين ۽ بري حالتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي نفسياتي ڪيفيت کي يڪجا ڪري مزاحمت جي طرف وڌندي مصيبتن جو مقابلو ڪندي نجات جي طرف وڌي ٿو، اهڙي طرح ۽ ايئن ئي جيڪڏهن قوم پنهنجو پاڻ کي منظم ڌارا ۾ آڻي ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي ارادي کي پختو ڪري هڪ پر امن سياسي مزاحمت ڪندي پنهنجي سياسي تعمير ۾ اڳتي قدم وڌائي ٿي پوءِ اها قوم نه رڳو موجود مشڪلن مان نجات ٿي ماڻي پر ان جو مستقبل وڌيڪ پر اعتماد، بي خوفي ۽ مشڪلن کان آجو ٿيندي اڳيان ايندو پر قوم جي انهيءَ عمل تي وڌڻ جي لاءِ اهم ڪردار يا بنيادي ڪردار سياسي جماعتن ۽ نظرين جو هوندو آهي.
جيڪا سياسي جماعت پنهنجي نظريي ۽ فڪر ۾ مڪمل طور تي عوام دوست ۽ عوام سان جڙيل هجڻ عوام جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو نظريو رکي ٿي اها ئي جماعت تاريخ جي بدترين ۽ برين حالتن ۾ قومي ڪردار جو رهنمائي فرض ادا ڪندي آهي سياسي جماعتون جڏهن بدترين ۽ بري حالتن ۾ پنهنجو قومي فرض ادا ڪندي هراول دستي جو ڪردار ادا ڪنديون آهن تڏهن اهي پنهنجي قوم يعني عوا م جو ڀرپور اعتماد حاصل ڪري سگھنديون آهن. پوري انساني سماجن ۽ قومن جي تاريخ انهن مثالن سان ڀري پئي آهي پر جيڪڏهن هي چئون ته دنيا جي ڪا اهڙي ترقي يافته قوم وجود نٿي رکي جنهن بدترين بحران نه ڏٺا هجن ۽ انهن بدترين بحرانن ، برين حالتن مان ڪڍڻ جي لاءِ انهن جي سياسي قيادتن ۽ جماعتن جو ڪردار نه هجي يورپ آمريڪا ايشيا يا آفريڪا ۾ سوين مثال اسان جي اڳيان موجود آهن پر جتي قومي استحڪام ۽ ترقي ڪمزور ۽ پوئتي آهي ته انهيءَ جو مطلب به صرف ۽ صرف اهوئي آهي ته هو بهترين قيادت ۽ بهترين سياسي عمل کان محروم رهيا آهن. سنڌ يا هي ملڪ سياست ۽ قيادت جي ان بحران جي دور مان مسلسل گذري پيو پر خاص ڪري سنڌ وڌيڪ سفر پئي ڪري پر سوال هي آهي ته پاڻ جيڪو ڪجهھ بحث ڪريون پيا ان تاريخي حقيقتن اصولن ۽ سمجهھ کان ڇا سنڌ جي قوم پرست سياست يا ٻئي سياست جيڪا پاڻ کي قوم پرست نٿي سمجھي اها وانجھيل آهي انهن کي ڄاڻ ناهي ته سياسي جماعتن جو قومن جي ترقي ۾ ڪهڙو ڪردار هجي ٿو يا قوم جي بري وقت ۾ سياسي جماعت ڪهڙي ۽ ڪيئن سياست ڪري سگھي ٿي.
پاڻ هن بحث ۾ تمام جماعتن کي بحث جو موضوع نٿا بڻايون نه انهن جي تجزياتي ڇنڊڇاڻ ۾ وڃون ٿا موجود حالتن ۾ سنڌ جي قوم پرست سياست جنهن تاريخ جي امتحان ۾ پنهنجو پاڻ کي گذارڻ جي بجاءِ آسيري پاسيري نظر پئي اچي، انهيءَ تي بحث ڪرڻ ۽ لکڻ ئي اسان جي اڄ جو موضوع آهي. سنڌ جا قوم پرست جيترن به گروپن ۾ ۽ پارٽين ۾ ورهايل آهن انهن سڀني جو هڪ نقطو مشترڪا آهي اهو نقطو آهي سنڌ جي قوم پرستي ۽ قوم پرستي جو مطلب سمجھڻ يا سمجهائڻ ڪو ڏکيو ناهي. قوم پرستي پنهنجي قوم سان ڀرپور پيار، عقيدت احترام جي اصولن تي جڙيل نظريو هجي ٿو، قوم پرستي رڳو جابر قوم جي خلاف غصي ۽ نفرت جي اظهار جو نالو ناهي ۽ نه قوم سان منفي رويا رکندڙ گروهن ڏانهن تعصبي رويا رکڻ سان قوم پرستي هجي ٿي قوم پرستي ته هڪ اهو اصول ۽ نظريو آهي جنهن جي شروعات پنهنجي قوم کان ٿيندي پوءِ پوري عالم انسانيت جي طرف محبت ۽ پيار جو لڳاءُ هجي ٿو پر جيڪڏهن قوم پرست نظريي ۾ عوام جي ڏک ۽ تڪليفن جو احساس ڪمزور ۽ ثانوي هوندو ته انهيءَ جو عمل پنهنجي قوم جي بري وقت ۾ انهن سان جڙڻ ۽ ٻانهن ٻيلي ٿيڻ کان پاسيرو رهندي نظر ايندو.
اهڙي قوم پرستي صرف ۽ صرف دعويٰ جي حد تائين هجي ٿي بري وقت ۾ عوام جو ساٿ ڏيڻ يا انهن جي لاءِ اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ هميشه نٻل ۽ ڪمزور هوندي آهي بيشڪ سنڌ پنهنجي سياسي اليڪشنري گرفت ۾ پ پ پ جي ۽ جاگيرداري سياست جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي انهيءَ گرفت مان عوام کي ٻاهر ڪڍڻ به قوم پرست سياست جو ئي ڪم آهي پاڻ هن وقت ڪنهن هڪ گروپ يا پارٽي تي بحث نٿا ڪريون پر جيڪو ڪجھه سنڌ جو برو حال آهي انهيءَ ۾ قوم پرست سياست کي عمل جي ميدان ۾ ڏسندي هي سوال ٿا ڪريون ته هن حالتن ۾ تمام قوم پرست جماعتن کي اهوئي سوال اڳيان رکڻ گھرجي ته هو هن وقت ڇا ڪري سگھن ٿا؟ پاڻ قوم پرستن کان اها اميد نه رکون ٿا نه اها صلاح ئي ڏيون ٿا ته هو فلاحي ڪم ڪن. جيڪڏهن ڪنهن کان فلاحي ڪم ٿئي ٿو ته بهتر آهي پر کين اهو ڪم ڪرڻ گھرجي جيڪو انهن جي فرض ۾ آهي يعني عوام کي سياسي ۽ عملي بنيادن تي جوڙي ڪري اڳتي وڌڻ گھرجي هي سوال اڪثر ڪيو ويندو ته هن بري وقت ۾ سياست ڪيئن ڪري سگھجي ٿي جنهن جو باآساني جواب هي آهي ته سياسي عمل جو مقصد پارٽين جا جهنڊا بينر ۽ قيادتن جا نعرا ناهن هوندا پر سياسي عمل سياسي جماعتون ان صورت ۾ ادا ڪنديون آهن جو اهي عوام کي ڦرماريت ۽ استحصاليت جي خلاف جبر ۽ بدترين ڪرپشن جي خلاف منظم ڪنديون آهن سنڌ جا قوم پرست هي ٺيڪ طرح سان سمجھن ٿا ته پ پ پ يا رولنگ ڪلاسي جاگيرداري سياست عوام کي رليف ڏيڻ جي بجاءِ لٽ مار پئي ڪري ۽ ايندڙ وقت ۾ جڏهن لولو لنگڙو تعمير جو مرحلو ايندو ته انهيءَ ۾ به بد کان بد ۽ بري طريقي سان ڪرپشن ٿيندي تنهن ڪري سنڌ جا قوم پرست جنهن جنهن ضلعي جي اندر ٿوري گھڻي سگھه سان موجود آهن اهي متاثرن جون ايڪشن ڪميٽيون ٺاهي ضلعي سطح تي انهن ڪميٽين جي ذريعي سڀ کان پهريان نقصان جا انگ اکر ڪٺا ڪن ۽ اهي تفصيل سان سوشل ميڊيا ۽ پريس جي ذريعي ۽ پمڦليٽن جي صورت ۾ پبلش ڪن.
انهيءَ سان گڏوگڏ ملندڙ امداد جا تفصيل عوام جي آڏو رکن هر ضلعي ۾ جيتري امداد ڏني وئي آهي ۽ ڏني ويندي انهيءَ جي ڊيٽا ڪٺي ڪن پوري مانيٽرنگ سسٽم کي آرگنائيز ڪن عوام کي متحرڪ ڪندي اڳتي وڌن ته جيئن جاگيرداري ڪرپٽ سياست ڪرپشن جي بري ارادن ۾ بي خوف ۽ ڀرپور طريقي سان ڪامياب نه ٿئي اهو واحد طريقو آهي عوام کي هن وقت متحرڪ ڪرڻ ۽ منظم ڪرڻ جو. جيڪي فلاحي ادارا تعمير نو جو ڪم ڪندا انهن کي پ پ پ جي ڪرپٽ وزيرن ڀوتارن ۽ ڪامورن جي عتاب کان بچائڻ جي لاءِ ۽ گڏوگڏ ملي ڀڳت ڪري ڪرپشن ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ پورو ڪردار ادا ڪن خود پنهنجي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪن تي ڪڙي نظر رکن ته جيئن هو عوام دوستي جو ڪردار ادا ڪري سگھن ايئن نه ٿئي جو بگهڙن کان بچائيندي پاڻ انهن کان به بدتر ڪردار ادا ڪن سنڌ جي قوم پرستن کي هي کلي دل اعتراف ڪرڻ گھرجي ته انهن جي صفن ۾ ڪافي موقع پرست ۽ چندا خور ڀتاخور فردن جو تعداد آهي، انهن تي چيڪ ايند بلينس ڪرڻ سياسي پارٽين جي لاءِ ڪو ڏکيو ڪم ناهي هوندو آهي جيڪڏهن سنڌ جا قوم پرست سنڌ جي عوام کي پاڻ سان جوڙڻ جي لاءِ رڳو ايترو ڪن، تڏهن به سنڌ جي عوام جي هڪ وڏي آٿت بڻجي سگھن ٿا ۽ سنڌ جي قوم پرست سياست کي عوام تائين پهچائڻ جو هڪ بهترين عملي پورهيو ڪري سگھجي ٿو جنهن جا نتيجا بهتر کان بهتر نظر ايندا پر سوال وري اهوئي آهي ته اهو سڀ ڪجهھ ڪرڻ ۽ سمجھڻ قوم پرست سياسي اڳواڻن لاءِ ڏکيو ناهي ۽ نه ڪرڻ ڏکيو آهي پاڻ اهو دهرايون ٿا ته هو انهن مشورن کان وڌيڪ سمجھه سوچ رکن ٿا پر سوال انهن کان اهوئي آهي ته جيڪو ڪجھه سياسي بنيادن تي عوام کي منظم ڪرڻ لاءِ يعني ٻين لفظن ۾ عوام کي پنهنجي حقن جي حاصلات جي منظم ڪرڻ جي لاءِ عمل ڇو نٿو ڪيو وڃي جيڪو ڪجهھ ڪري سگھجي ٿو اهو ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ انهيءَ جو جواب قوم پرست کي ڏيڻو آهي ۽ جي هن سنڌ جي بري حال ۾ قوم پرست سياست سرد مهري، سست روي يا ٻين سببن جي ڪري خاموش رهي ته تاريخ ڪنهن کي به معاف ناهي ڪندي ۽ قوم پرستن جو حال وڌيڪ برو ٿيندو.