ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئين سياسي آرڊر جا واضح ٿيل بنياد

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

عمران خان جي مڙني ڪوششن، ڌمڪين ۽ دهمانن جي باوجود ملڪ اندر ايندڙ حڪمراني جي حوالي سان صورتحال واضح ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. هينئر تائين جيڪي قدم کنيا ويا آهن، يا مستقبل قريب ۾ قدم کنيا ويندا، انهن ۾ عمران خان جو مستقبل گهڻو روشن نظر نه پيو اچي. اهي جيڪي جوڙ توڙ جا ماهر سمجهيا وڃن ٿا ۽ مختلف سياسي کيڏارين کي In ۽ out رکندا آهن، يا اهڙو ماحول تيار ڪندا، جيئن انهن جي خواهشن مطابق حڪومتي نظام هلندو رهي، اهي ڪاميابي سان اڳتي وڌي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ عمران خان جي ڌرڻن، احتجاجن ۽ لانگ مارچ جو ڇا ٿيندو؟ ان سان گڏ نئين سياسي سيٽ اپ لاءِ به مورچابندي ٿي رهي آهي، ان سموري عمل ۾ عمران خان ڪٿي نظر نٿو اچي، ان جي نتيجي ۾ عمران خان وڌيڪ هٿ پير هڻندو ۽ لاڏلي هجڻ واري ڪارڊ کي به استعمال ڪندو، پر لڳي ائين ٿو ته عمران خان کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه ملڻ وارو ناهي. رهيل ڪسر ملڪ ۾ ٻوڏ ۽ برسات پوري ڪري ڇڏي، جنهن موجوده حڪمرانن لاءِ سافٽ ڪارنر پيدا ڪيو آهي. ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ جيڪا سوچ ويچار ٿي رهي آهي، ان ۾ ڪٿي به اڳوڻن حڪمرانن جو ذڪر خير به نه ٿي رهيو آهي. ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته هو جيترو عرصو اقتدار ۾ رهيا، يا اقتدار ۾ رهڻ جي ڪري موجون ڪري سگهيا پئي، ڪري چڪا، آئينده شايد طاقتور حلقا به عمران خان کي تڪليف نه ڏيندا. هو سمجهن ٿا ته سياست ڪرڻ يا سياسي معاملن کي هلائڻ لاءِ هڪ خاص سوچ جي ضرورت هوندي، ان لاءِ سياسي تياڳ ڪرڻ به لازمي آهي، جيڪي، حڪمراني جي شوق ۾ ته اقتدار جي ايوانن ۾ پهچي وڃن ٿا ۽ اميدن مطابق نتيجا نٿا ڏين، انهن جو اچڻ ڪو خواب سمجهيو وڃي ٿو.
هينئر عمران خان جي نين چونڊن وارو دٻاءُ ٻين فيڪٽرز سان گڏ انڪري به قبول نه پيو ڪيو وڃي ته قدرتي آفتن جي نتيجي ۾ صورتحال مڪمل طور تبديل ٿي وئي آهي، هن صورتحال کي جيڪڏهن خبرداري سان منهن نه ڏنو ويو ۽ عالمي سطح تي Good will به نه ملي ته پوءِ پاڪستان کي سريلنڪا جهڙي صورتحال کان ڪوبه بچائي نه سگهندو. وزيراعظم، جيڪو نيويارڪ ۾ آهي، ان کي سندس صلاحڪارن واضح طور تي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هو عالمي قيادت کي چٽن لفظن ۾ ٻڌائي ته جيڪڏهن هنن ماضي جيان دٻاءُ برقرار رکيو ته ڪو به وڏو حادثو ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ ملڪ جو نقصان ته ٿيندو ئي، پر عالمي قوتن جا مفاد به خطري ۾ پئجي ويندا. هينئر پاڪستان جي ڳالهه کي سموريون ڌريون صبر ۽ تحمل سان ٻڌي، ڪجهه ڪرڻ جي هام هڻي رهيون آهن. عمران خان کي جو بائيڊن جو انتظار ڪندي چار سال گذري ويا، پر ان جي فون نه آئي ۽ هن جي حڪمراني به ختم ٿي وئي، هاڻ آمريڪي صدر چئي ٿو ته واقعي صورتحال ڳنڀير آهي، انڪري اڳتي وڌڻو ئي پوندو. ڪيمسٽري جا ماهر چون ٿا ته ٽي سال ته پريمي به انتظار نه ڪري سگهندا آهن ڇاڪاڻ ته، پيار جي ڪيمسٽري جي سائيڪل ئي مڪمل ٿي ويندي آهي، هاڻ عمران خان جي سياسي ڪيمسٽري به داءُ تي لڳي وئي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران آمريڪي صدر رڳو، وزير اعظم سان ملاقات ئي نه ڪئي آهي پر مانجهاندو به ڏنو ۽ انهن سمورن معاملن تي سوچ ويچار ٿي، جيڪي خطري جي صورت ۾ سامهون اچڻا آهن. هينئر پاڪستان کي سياسي ۽ معاشي طور بچائڻ لاءِ ٻين قوتن سان گڏ ٻه اهم اڳواڻ سامهون آيا آهن، انهن ۾ هڪڙو گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتوني گوتريس آهي ۽ ٻيو آمريڪي صدر جو بائيڊن. هڪڙو سمورن ملڪن جي اداري جو سربراهه آهي ته ٻيو وري دنيا جو صدر سڏجي ٿو. آمريڪي صدر، جو عالمي معاملن جي حوالي سان لهجو به ٻين جي مقابلي ۾ مختلف آهي،انڪري دنيا کي پرامن رکڻ سان گڏ اهي ماحولياتي اشوز جن، پاڪستان جهڙي ملڪ کي ته تباهه ڪيو آهي، پر ان سان گڏ آمريڪا، چين ۽ آفريقا جا ملڪ نه صرف متاثر ٿيا آهن، پر مستقبل ۾ وڌيڪ تباهي کي منهن ڏيندا، جن کان بچڻ لاءِ عالمي سطح تي وڏي تحريڪ جنم وٺڻ واري آهي،جنهن جو اهم حوالو پاڪستان هوندو. هينئر چيو پيو وڃي ته پاڪستان گرمي پد ۾ واڌ لاءِ هڪ سيڪڙو قصور وار آهي، پر باقي 99 سيڪڙو، جن ۾ اميرن جي گهڻائي آهي، انهن کي پنهنجو ڪردار نڀائڻو پوندو ۽ دنيا کي عذاب کان بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.
عالمي اسٽيج تي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان کي ملڪ اندر Respond ڪرڻ لاءِ اهڙي سياسي نظام جي ضرورت آهي، جيڪو مستقبل ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي سگهه رکندو هجي. ان حوالي سان ڪافي اڳڀرائي ٿي رهي آهي ۽ ائين جيئن ماضي ۾ قدآور سياسي اڳواڻ، جن کي پرويز مشرف ڏيهه نيڪالي ڏني هئي، انهن کي واپس آندو ويو، جن ۾ محترما بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف سر فهرست هئا، ساڳي انداز سان هينئر به ڪوششون شروع ٿي ويون آهن. ممڪن آهي ته صورتحال کي معمول تي آڻڻ ۾ ڪافي وقت لڳي وڃي، پر ملڪ کي حادثاتي ليڊرز جي حوالي ڪري نٿو سگهجي. سڀني ڏٺو ته پوسٽ عمران خان ڇا ٿيو؟، عمران خان جيڪي Narratives جوڙيا، انهن کي قبول نه ڪيو ويو. رڳو ملڪ اندر ئي نه پر عالمي سطح تي به ساڳيو ردعمل سامهون آيو آهي. جيڪو سياسي نظام جنم وٺي رهيو آهي، ان ۾ هڪ طرف غير سياسي قوتون،جيڪي پنهنجي استعمال لاءِ کيڏوڻا ٽائيپ سياستدان تخليق ڪنديون رهيون آهن، انهن کي ٻنجو اچي رهيو آهي. هاڻ انهن لاءِ Space سوڙهو ٿيندو ويندو. جنهن ڌر کي سياسي Innings کيڏڻيون آهن، انهن کي ئي اسٽيج ڏنو ويندو. باقي اهي قوتون، جيڪي وري وري مداخلت لاءِ ماحول تيار ڪنديون رهيون آهن، انهن کي پاسيرو ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن ملڪ جي عالمي سطح تي اڪيلائپ ختم ٿي وڃي ته ان سان ڪافي فائدا ٿي سگهن ٿا ۽ Say به بهتر ٿيندي. ان حوالي سان ڪجهه منظر ملڪ اندر نظر اچن پيا، جيڪڏهن چور ۽ ڌاڙيل وارو راڳ ٻڌڻ وارو طبقو، مايوس ٿيندو ويو ته صورتحال اوڏانهن ئي ويندي، جتان معاملا ڪٽجي ويا هئا.
هينئر موجوده سياسي سيٽ اپ جي sustain ڪرڻ جا وڌيڪ امڪان لڳن پيا. ان جو اهم سبب هي آهي ته نواز شريف به ڏيهه ورڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا آهن ۽ ان لاءِ نيب قانون ۾ جيڪا ترميم ڪئي وئي آهي، اها سياسي ڪلچر کي بهتر بڻائي رهي آهي. ان جي نتيجي ۾ ڪجهه اهڙيون لائينون ڪڍيو ويون آهن، جنهن سان سياسي ميلا مچندا. نيب جو قانون پهريان، غير سياسي قوتن انڪري متعارف ڪرايو هو ته جيئن سياسي سوچ کي پاسيرو ڪري سگهجي. هو ڪافي سالن تائين پنهنجي سوچ مطابق معاملن کي هلائيندا رهيا، هاڻ صورتحال مختلف رخ اختيار ڪيو آهي. نئين قانون تحت پهريان موجوده وزير اعظم کان وٺي، ان جي پارٽي کي ڪافي ريليف مليو، اهي به ان قانون مان فيضياب ٿيا، جن لاءِ چيو پئي ويو ته انهن سان زيادتي ڪئي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وفاقي وزير احسن اقبال کي ڪيس مان آجو ڪرڻ وقت جيڪي رمارڪس ڏنا، اهي بلڪل اهڙا ئي هئا، جهڙا، ماضي ۾ ملڪ جي اعليٰ عدالت خواجا سعد رفيق لاءِ ڏنا هئا. ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته ملڪ جون عدالتون ڀلي جيڪي چاهين فيصلا ڏين پر سياسي ڪلچر کي گدلو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ خاموشي سان ڪم ٿي رهيو آهي. هينئر نواز شريف،جنهن جي واپسي جا مستقبل قريب ۾ ڪي گهڻا امڪان نه هئا، پر هاڻ پيدا ٿي ويا آهن. ان حوالي سان مثبت نتيجا به سامهون ايندا، ان کان اڳ ۾ وري ان عدالت، جنهن نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو، ان کي اڳوڻي ناڻي جي وزير اسحاق ڊار کي ريليف ڏيندي، رستو صاف ڪيو آهي ته جيئن هو بنا خوف ۽ خطري جي ڏيهه اچي پنهنجن ڪيسن کي به منهن ڏئي ۽ ان سان گڏ هڪ ڀيرو ٻيهر ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل جي جتيءَ ۾ پير وجهي. هونئن به مفتاح جي عهدي جو مدو پورو ٿي رهيو آهي، هن کي آئيني طور تي پاڻ چونڊرائڻو پوندو، جنهن جي گنجائش گهٽ آهي ۽ ان جي ضرورت به محسوس نه پئي ڪئي وڃي ته هن کي وڌيڪ عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جو موقعو فراهم ڪجي. جيڪڏهن اسحاق ڊار واپس اچي، ناڻي جي وزير طور عوام کي ريليف ڏيڻ جو ڪو پلان تيار ڪري ٿو ته ان کان بهتر ڪا ڳالهه نه ٿيندي، ٻي صورت ۾ چونڊون ويجهڙ ۾ ٿين يا مقرر مدي اندر، حڪمرانن کي عوام جي اهنجن تي پها ته رکڻا پوندا،جيڪڏهن ائين ٿي وڃي ته مستقبل ۾ جنهن سياسي آرڊر جو سپنو ڏٺو ويو آهي، اهو پورو ٿي ويندو. هن ڀيري اهي سياسي پارٽيون جيڪي،حڪومت ۾ موجود آهن، اهي هڪ طرف هونديون ۽ عمران خان اڪيلو ٻئي پاسي هوندو. سياسي قوتن پنهنجي سياسي ڏاهپ ۽ تجربي کي استعمال ڪيو ته اهڙو نظام قائم ٿيندو، جنهن ۾ گدڙ ڀڀڪين جي ڪابه گنجائش نه هوندي. اتفاق سان هي سمورا معاملا ايندڙ مهيني آڪٽوبر ۾ ئي طئي ٿيڻا آهن. هڪ طرف نواز شريف ۽ اسحاق ڊار جي ڏيهه واپسي لاءِ رستو واضح ٿيندو ته ٻئي پاسي وري نئين آرمي چيف جي به مقرري ٿيندي، ان دوران شيخ رشيد جي به اهم اداري جي گيٽ نمبر چار ذريعي داخلا تي پابندي هوندي!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button