اسرندڙ ملڪن ۾ پورهيت عوام جو انقلابي هراول: اسرندڙ ملڪن ۾ جيڪي ماڻهو انقلابي هراول پارٽي جي تنظيم لا پاڻ کي ارپين ٿا، اهي بنيادي طور انهن ئي داخلي گڻن وارا هئڻ گهرجن جيڪي پرولتاري انقلابين ۾ موجود هوندا آهن. ان کان سوا آزادي لا جدوجهد يا سوشلسٽ نئين سر اڏاوت جي مرحلي ۾ صحيح معنائن ۾ مصروف انقلابي هراول دستن جون منفرد صفتون انهن صفتن کان مختلف ناهن هونديون، جيڪي مزدور طبقي جي انقلابي هراول دستي ۾ موجود هونديون آهن. پر وري به اسرندڙ ملڪن ۾ اندرين ۽ ٻاهرين سطحن تي مختلف نوعيت جا طبقاتي لاڳاپا موجود هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسرندڙ ملڪن ۾ انقلابي جدوجهد طرحين طرحين رنگ اختيار ڪري ٿي.
اسرندڙ ملڪن ۾ امڪاني انقلابي طبقاتي قوتن جي نشاندهي لا هيٺ ڏنل محرڪن کي آڏو رکڻ ضروري آهي. پهرين ڳالهه ته اها ئي آهي ته عام طور رڳو سوشلسٽ واٽ تي ئي ترقي ممڪن آهي، تڏهن به اها ڳالهه به درست آهي ته ڪجهه اسرندڙ ملڪن جي تاريخ مختلف نوعيت جي لاهين چاڙهين مان لنگهي آهي. مثلن، چلي ۾ فاشسٽ ڪوديتا ڪئي وئي، ڪمپوچيا ۾ پول پوٽ جي خوني گينگ اقتدار تي قبضو ڪري ورتو، سادات جي صدارتي دور ۾ 1952ع جي مصري انقلاب جا ڪيترائي فائدا ضايع ٿي ويا، پيٽرس لوممبا کي قتل ڪيو ويو پو ڪانگو ۾ زوري گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. انهن سمورن واقعن جي نتيجي ۾ شڪست ملي. تڏهن به اهي ناڪاميون عارضي هيون ۽ سماج جي عمومي ارتقا جي تعين ۾ فيصلائتي اهميت واريون نه هيون.
ٻيو، قومي آزادي جي جدوجهد عالمي انقلاب جي هڪ ڌارا آهي جيتوڻيڪ مختلف ملڪن جي عوام کي مختلف نوعيت جا مسئلا درپيش آهن، تڏهن به انهن سمورن انقلابن جا هدف سامراج دشمن آهن. نتيجي طور باوجود ان جي ته اسرندڙ ملڪن ۾ انتهائي مختلف رياستي ۽ سماجي نظام رائج آهن، تڏهن به انهن ملڪن جي عوام جي جدوجهد ۾ انهن جي اڳوڻين آقا رياستن جا پورهيت طبقا اسرندڙ رياستن جا دوست آهن ۽ ان کان به وڌيڪ سوشلسٽ ملڪ انهن جا دوست آهن جتي مزدور ۽ هاري اقتدار تي قبضو ڪري چڪا آهن. انهن مختلف ملڪن ۽ علائقن ۾ قومي آزادي جي انقلابن جي قسمت جو انحصار وڏي حد تائين ان ڳالهه تي هوندو آهي ته عالمي سوشلزم ۽ انهن ملڪن جي عالمي آزادي جي تحريڪن ۾ رشتو ڪيترو نه گهرو ۽ مضبوط آهي. بيٺڪيتي سرشتي جي خاتمي ان ڳالهه جا ثبوت فراهم ڪري ڇڏيا آهن ۽ حقيقت اهائي آهي ته سڀ کان وڌيڪ معنيٰ خيز ڪاميابيون انهن ملڪن حاصل ڪيون آهن جن جون قومي آزادي جون قوتون عالمي سوشلزم جي جٽادار ۽ مستقل مدد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيون آهن.
ٽيون، انقلابي هراول پارٽين کي ڪيترن ملڪن جي تجربي سان ثابت ٿيندڙ ان ڳالهه جي ڄاڻ هئڻ گهرجي جنهن بابت لينن وضاحت ڪندي لکيو آهي ته: “اسريل ملڪن جي پرولتارين جي سهائتا ۽ سهڪار سان پٺتي پيل ملڪ سوويت نظام ڏانهن اڳڀرائي ڪري سگهن ٿا ۽ پو خاص مرحلن مان گذرندي سرمائيداراڻي مرحلي مان گذرڻ کان سوا ڪميونزم حاصل ڪري سگهن ٿا.” تڏهن به عملي طور ايئن ٿيندو آهي جو مختلف نوان آزاد ٿيل ملڪ ترقي جي مختلف رستن مان گذرندا آهن. ترقي جي انهن رستن جي نوعيت جو انحصار انهن ملڪن ۾ طبقاتي قوتن جي صفبندي ۽ کليل فوجي مداخلت سميت سامراجي دٻا جي مختلف طريقن جي مقدار تي هوندو آهي. حقيقت ۾ انهن مان ڪجهه ملڪ وڌ کان وڌ سرمائيداراڻي نظام جو حصو بڻجندا پيا وڃن. جڏهن ته انگولا ۽ ايٿوپيا جيان ٻيا سوشلزم جي واٽ تي هلي رهيا آهن. ٻين ملڪن ۾ ڪيوبا، ويٽنام ۽ منگوليا قومي سماجي جبر جي زنجيرن کي مڪمل طور ڇني ڇڏيو آهي ۽ اهي سوشلسٽ ملڪن جي مدد ۽ تجربي مان لاڀ حاصل ڪندي ڪاميابي سان سوشلزم جي تعمير ڪري رهيا آهن.
چوٿون، ان حقيقت جي باوجود ته اسرندڙ ملڪن جي ترقي ۽ انهن کي درپيش فوري ڪم گوناگون نوعيت جا آهن، تڏهن به انهن ملڪن جي انقلابي هراول پارٽين کي گهرجي ته اهي پنهنجين مخصوص حالتن ۾ عمومي ڪميونسٽ نظرئي جي اطلاق جي ضرورت ۽ امڪان کي نظرن کان اوجهل ٿيڻ نه ڏين. ان کان سوا انهن کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته عوامي حڪومت ۽ عوامي سامراج دشمن محاذ جو قيام ضروري آهي.
معاشي طور پٺتي پيل ملڪ سامراج جي ڦرلٽ جو شڪار رهيا آهن. اتي هاري اڪثريت ۾ آهن ۽ جدوجهد جو هدف سرمائيداراڻي نظام بدران جاگيرداراڻي نظام جي باقيات (زمينداراڻي ۽ قبائلي ملڪيت) جو خاتمو آهي. اهڙي صورتحال ۾ انقلابي پارٽيون پورهيت عوام جي قومي ۽ سماجي نجات لا پنهنجي جدوجهد ۾ رڳو ان وقت ئي ڪامياب ٿي سگهن ٿيون، جڏهن اهي مارڪسي-لينني نظرئي جو اطلاق ڪن.
لينن جي خيال مطابق اسريل ملڪن جي طبقاتي شعور رکندڙ مزدورن، سامراج جي جبر هيٺ پيسجندڙ سمورن ملڪن جي مزدورن، هارين ۽ انهن غلام ملڪن جي سموري عوام جو اتحاد ضروري آهي. هن ويجهو پورهيت عوام جي عمومي جدوجهد جي ڪاميابي ان اتحاد سان مشروط آهي.
انقلابي پارٽي کي گهرجي ته هو ڪنهن ملڪ جي خاصيتن ۽ مختلف نسلي گروهن جي پنهنجي پنهنجي خاصيتن جو مڪمل لحاظ رکي، اتي ان کي اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته جاگيردار ۽ سرمائيدار به انهن خاصيتن ۽ اختلافن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. تازن ڏهاڪن ۾ عوام جي آزادي جي جدوجهد دوران رونما ٿيندڙ واقعن مان ان ڳالهه جي ثابتي ملي ٿي ته معاشي طور پٺي پيل نون آزاد ٿيل ملڪن ۾ رجعتي ۽ جاگيرداراڻا عنصر وڏو اثر رسوخ رکن ٿا. انهن ماڻهن جي هميشه هي ڪوشش هوندي آهي ته سامراج دشمن آزادي جي تحريڪ خانن، زميندارن ۽ مقامي بورجوازي جي قوت ۽ طاقت کي وڌائڻ جو وسيلو بڻجي وڃي ۽ پورهيت عوام، جنهن ان جدوجهد دوران سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون هيون، ايئن ئي رهجي وڃي.
لينن انقلابي پارٽين کي ملڪيتدارن ۽ قومي ۽ مذهبي تعصبن خلاف خبردار ڪندي انهن کي پرزور تاڪيد ڪيو ته هو مخصوص قومي خاصيتن کي آڏو رکن. هن چيو ته ڪميونسٽ سرگرمي ۽ عمل جي جيڪي صورتون اسريل ملڪن ۾ منظر عام تي آيون آهن انهن جو اطلاق اهڙن ملڪن ۾ ممڪن نه آهي، جتي پورهيت طبقو موجود نه آهي. 1921ع ۾ سندس ملاقات منگوليا جي عوامي انقلابي پارٽي جي هڪ وفد سان ٿي، ۽ جڏهن کانئس اهو سوال ڪيو ويو ته آيا ان پارٽي کي ڪميونسٽ پارٽي ۾ تبديل ڪيو وڃي ته هن چيو: “مان سفارش نٿو ڪري سگهان، ڪنهن پارٽي لا اهو ممڪن نه آهي ته ان جي نئين سر تشڪيل ڪري ان کي ٻي پارٽي جي شڪل ڏني وڃي، انقلابين کي وڏي محنت ڪري پنهنجي رياستي، معاشي ۽ ثقافتي سرگرمين کي پروان چاڙهڻو پوندو، پو ئي سست رفتار سان هلندڙ عوام عروج تي پهچي پرولتاري عوام جي رتبي جو حامل ٿيندو ۽ اهو عوام ئي آخرڪار عوامي انقلابي پارٽي کي ڪميونسٽ پارٽي جي صورت ڏيندو. رڳو لکيل تختين جي تبديلي نقصانڪار ۽ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي.”
(هلندڙ)