ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڊيڪارٽ ۽ سندس فلسفو

Editorial-waheed Chandeo

جڏهن انساني تهذيب اڃا پنهنجي اوج کي نه رسي هئي، تڏهن انسانن جي دماغن اندر هڪڙا ڪوڙا قصا، ڪهاڻيون ۽ بي تُڪيون ڳالهيون گهرُ ڪري چڪيون هيون، جن ۾ اهڙيون ته ڏند ڪٿائون جوڙيون ويون جو انسان جو عقل حيران ۽ پريشان ٿي وڃي ته ٻيلي هيئن به ٿي سگهي ٿو؟ اُن اوائلي دور جي انسان کي کنوڻين، برساتن، ٻوڏن، زلزلن ۽ ٻين انيڪ آفتن تي حيرانگي ٿيندي هُئي، پر اُن وقت سندس ذهن ۾ اهو سوال نه هو ته اهو ڇو ٿي رهيو آهي؟ ڇاڪاڻ ته ڇو وارو سوال فلسفي جو سوال آهي ۽ ان وقت فلسفياڻو ذهن دنيا اندر وجود نه پئي رکيو، تنهنڪري ان سوال جي جڳهه تي هو سوچيندا هئا ۽ سوال ڪندا هئا ته اِهو سڀ ڪجهه ڪير ڪري رهيو آهي؟ ڪير ڪري رهيو آهي؟ وارو سوال مذهب جو بنيادي سوال آهي ۽ اُن جُملي مذهبي روايتن کي جنم ڏنو.
انسان جي ذهني ڪيفيتن جي لاڙي يا تبديليءَ جو سبب سندس سماج اندر موجود طرز پيداوار Mode of production آهي، ڇاڪاڻ ته انساني سماج ۽ انساني شعور ترقي ڪندي اڳتي تڏهن وڌي ٿو، جڏهن سندس مُعاشي حالتون تبديل ٿين ٿيون. معاشي حالتون ئي سماج جي بيهڪ جو تعين ڪنديون آهن. جهڙي ريت انساني تهذيب ۽ تمدن جي نقطه نگاهه کان تهذيبن جي شروعاتي دور جو سهرو عراقي ۽ مصري تهذيبن جي سِرَ تي آهي. انهن دنيا جي سڀني تهذيبن کي نوان گس ۽ پيچرا ڏنا.
ريني ڊيڪارٽ 31 مارچ 1596ع تي فرانس جي شهر ٽورين جي لوئر نالي واديءَ ۾ پيدا ٿيو. هن جو والد جوشم ڊيڪارٽ، هائيڪورٽ ۾ پنهنجي دور جو هڪ نهايت ئي قابل ۽ مصروف ترين وڪيل هو. هوَ هڪ سال جو مس ٿيو هو ته هن جي ماءُ جِينِ مري وئي. ڊيڪارٽ، سندس ڀائرن ۽ ڀيڻن کي سندس نانيءَ پاليو. هو جڏهن ڪاليج ۾ داخل ٿيو ته اتي هن ڪلاسيڪل فلسفي سان گڏوگڏ منطق ۽ ارسطو جو روايتي (يورپ ۾ عيسائي پادرين ارسطو کي عيسائيت جو آفيشل فيلسوف قرار ڏئي ڇڏيو هو) فلسفي بابت تمام گهڻو پڙهيو. انهن ڏينهن ۾ سندس طبيعت خراب رهڻ لڳي هُئي، تنهنڪري هُن کي اجازت ڏني وئي ته هو صبح جو يارهين وڳي تائين ننڊ ڪري سگهي ٿو. هو ننڊ ڪونه ڪندو هو پر سوچيندو رهندو هو. اها اجازت ملڻ ڪري هو رات کان وٺي صبح تائين سوچيندو رهندو هو. اها سندس عادت بڻجي وئي، جنهن پوري حياتي سندس ساٿ نه ڇڏيو. ڪاليج کانپوءِ هِن ڪجهه وقت پيرس ۾ رياضي سکندي گذاريو. هن يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي والد جي خواهش مطابق قانون جي شعبي ۾ داخلا ورتي ڇو ته هن جي والد جو خواب هو ته هو کيس سٺو وڪيل ٿيندي ڏسي. هِن پنهنجي والد جو هڪڙو خواب ته 1616ع ۾ قانون جي سند حاصل ڪري پورو ڪيو پر هو کيس وڪيل ڏسڻ وارو سندس اهم خواب پورو نه ڪري سگهيو. ڊيڪارٽ جي زندگيءَ ۾ ئي سندس ٻه جُملا ايترا ته مشهور ٿيا جو انهن مان هڪ جملي تي بعد وارن تقريبن فيلسوفن ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي، پهريون جملو هيءَ هو جيڪو علم بابت سندس اُڃَ کي ظاهر ڪري ٿو؛
“توڙي جو مان يورپ جي تمام وڏن وڏن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ويو آهيان، تنهن هوندي به مان سدائين پاڻ کي شڪ ۽ گمان جي دامن ۾ محسوس ڪيو آهي، انهن وڏن وڏن اسڪولن ۾ مون کي علم جي جستجو گهٽ محسوس ٿي”.
ٻيو جملو نه فقط سندس فلسفياڻي بيهڪ کي واضح ڪري ٿو پر مون کي فلسفي شعبي ۾ پڙهندي اهو محسوس ٿيندو هو ته ان جملي پٺيان جيتريون فيلسوفن تنقيدون ڪيون آهن. ائين لڳندو هو ته ڊيڪارٽ کي متعارف ئي انهن ڪرايو هُجي. جملو ڪجهه هن ريت آهي؛
“مان سوچان ٿو، تنهنڪري منهنجو وجود آهي” I think, therefore I am” هن جملي مان سندس عقلي فلسفي جي شروعات ٿئي ٿي. هن ئي جملي يورپ جي علمي پرڀات ۾ هڻي هنڌ ڪيو. مٿئين جملي مان ظاهر ٿيو ته ڊيڪارٽ عقليت پسند فلسفي هو. عقليت پسند فلسفين لاءِ
صحيح علم جي حاصلات عقل ذريعي ممڪن آھي. عقل حسيات (حواس) جو نتيجو آهي. انسان جا پنج حواس، ٻڌڻ، ڏسڻ، سنگهڻ، ڇُهڻ ۽ چکڻ اهي پنج حواس گڏجي عقل کي ممڪن بڻائين ٿا. عقليت پسندي پنجن حواسن مان مليل ڄاڻ کي چئجي ٿو. حسيات ۽ محسوسات ۾ فرق ٿئي ٿو. محسوسات جو مطلب آهي ته ڪا شيءِ جيڪا انٽيوشن (وجدان) ذريعي معلوم ٿئي.
ڊيڪارٽ کان اڳ واري دور ۾ فلسفي اندر دنيا ۽ ڪائنات جو بحث عام جام هُو. اُهي ڪهڙا سبب هئا جو ڊيڪارٽ پنهنجي وجود متعلق سوچي ٿو ۽ پنهنجو الڳ فلسفو ڏي ٿو. يورپ ۾ روشن خيالي renaissance کان اڳ جاگيرداري ۽ شهنشاهي نظام رائج هُو ۽ سرمائيداري بورجوائي نظام اچڻ کانپوءِ ماڻهن شهري زندگيءَ کي ترجيح ڏني. ڳوٺاڻي زندگيءَ اندر ڀلي شخصي آزادي نه هُجي پر اجتماعيت ضرور هوندي آهي. مهمان نواز ۽ اوطاقن اندر ڪچهريون ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ سان ڳنڍيندڙ هونديون آهن. سرمائيداري بورجوازي نظام اچڻ کانپوءِ شهري زندگيءَ ۾ انسان شخصي طور تي جاگيرداري نظام کان وڌيڪ آزاد ته ٿي ويو پر هو انفراديت پسنديءَ جي ڪري اجتماعيت کان ڪٽجي ويو، ڇاڪاڻ ته بورجوازي نظام اندر اجتماعيت گهڻي ڀاڱي ختم ٿي وڃي ٿي. ماڻهو ڳوٺاڻي زندگي ڇڏي جڏهن شهري زندگي اندر داخل ٿئي ٿو ته شهر ۾ هو انفراديت جو شڪار ٿيندي ئي ويڳاڻپ جو شڪار ٿئي ٿو (ويڳاڻپ Alienation جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ پڙهو ڪارل مارڪس Economic and Philosophic Manuscripts of 1844 جنهن ۾ مارڪس سرمائيداري نظام اندر انسان جي ويڳاڻپ جي سببن کي شاندار نموني بيان ڪيو آهي).
ڊيڪارٽ حقيقت کي ٻن رخن ۾ پئي ڏٺو. هن جي فلسفي موجب جسم ۽ دماغ الڳ الڳ وجود رکن ٿا. جسم ۽ ذهن ٻه الڳ خاصيتون آهن. انهن جو پاڻ ۾ ڪوئي ميلاپ ناهي پر جيڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن اهڙو عمل ٿئي ٿو ته اهو فقط هڪ اتفاق آهي. جيئن اُڃَ لڳڻ ڪري جسم کي پاڻيءَ جي ضرورت پوي ٿي ته دماغ پاڻي پيئڻ جو سوچي ٿو ۽ اتفاق سان ان وقت جسم حرڪت ڪرڻ لڳي ٿو ۽ هٿ وڌائي پاڻي کڻي پيئڻ لڳي ٿو. هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن ڊيڪارٽ اهو به چوي ٿو ته جسم ۽ دماغ جو پاڻ ۾ ڪوئي ڳانڍاپو ناهي ته پوءِ اهو اتفاق ڪيئن ٿو پيدا ٿئي؟ جنهن ۾ جسم ۽ ذهن گڏ گڏ حرڪت ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته اتفاق به تڏهن پيدا ٿي سگهي ٿو جڏهن انهن جو پاڻ ۾ ڪوئي نه ڪوئي ميلاپ يا ڳانڍاپو هُجي. اهو سوال ڊيڪارٽ جي ذهن ۾ به اڀريو هو ۽ بلڪل ان جي جواب ۾ ئي هو پنهنجي پوري فلسفي جي عمارت کي ڄڻ پنهنجن هٿن سان هٿوڙو کڻي پاڻ ئي مسمار ڪري ٿو ۽ چئي ڏي ٿو ته اهو اتفاق پيدا ڪندڙ ڪوئي ٻيو نه پر مافوق الفطرت آهي. هو عيسائي هُو تنهنڪري هُن عقل جي بنياد تي مافوق الفطرت هستيءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ منطق جو سهارو پڻ ورتو، جيئن هُن چيو ته اسين انسان پورڻتا ۾ ناهيون، مان پاڻ اڻپورو انسان آهيان. مون ۾ الاهي کوٽون آهن تنهن هوندي به منهنجي هِن اڻپوري دماغ ۾ هڪ مڪمل ۽ پوري هستي، جيڪا تمام گهڻو سٺي، تمام گهڻو طاقتور ۽ هر شيءِ تي ضابطو رکندڙ هستي آهي. ان هستيءَ جو تصور منهنجي ذهن ۾ ڪيئن آيو؟ ان مافوق الفطرت هستيءَ جو خيال مُنهنجي نامڪمل ذهن ۾ ڪيئن اڀري ٿو؟ ان منطق ذريعي هو مافوق الفطرت هستي لاءِ دليل ڏيندي چوي ٿو ته هڪڙا خيال اهڙا هوندا آهن، جيڪي ڄائي ڄم (Innate) کان وٺي اسان جي ذهن ۾ رکيل هوندا آهن ۽ اهي خيال ڪوئي ٻيو نه پر مافوق الفطرت هستي پاڻ اسان جي ذهن ۾ رکي ٿي. تنهنڪري اسان جي ذهن ۾ ان هستيءَ جو تصور ڄائي ڄم کان وٺي موجود هوندو آهي.
مٿئين ڳالهه ذريعي شعوري يا لاشعوري طور تي ڊيڪارٽ انساني تاريخ ۾ ذهن جي بدلجندڙ ڪيفيتن ۽ حالتن کان انڪار ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته انسان جي ذهن ۾ جيڪي به خيال وڌيا ويجها ۽ اسريا نسريا آهن، اهي سڀ تاريخي آهن. مذهبي توڻي فلسفياڻا خيال سڀ جو سڀ تاريخي آهن، (تاريخي لفظ مان مراد آهي ته اهي پهرين ڪونه هئا پوءِ وجود ۾ آيا ۽ انهن جي جاءِ تي وري نون خيالن جنم ورتو). انهن جون سماجي حالتن جي تبديلين سان اٽٽ رشتو آهي، بلڪه اهي هيسيتائين پهتا ئي طرز پيداوار جي تبديلي ڪري آهن. خوفَ منجهان مافوق الفطرت هستين، ديوين ۽ ديوتائن جو دنيا ۾ تصور جُڙڻ، ڏند ڪٿائن مان عقليت پسنديءَ جو جنم، گڏجي شڪار ڪرڻ واري آڳاٽي اشتراڪي نظام مان غلامي دور ۾ اچڻ ۽ وري غلامداري سماج مان جاگيرداري، جاگيرداريءَ مان سرمائيداري نظام جو جڙڻ. انهن سڀني سماجي نظامن تي سرسري نظر وجهڻ سان خبر پوندي ته اهي سماج هڪ پاسي پيداواري سرشتي جي تبديلي ڪري تبديل ٿيندا رهيا آهن. ٻي پاسي انهن انساني ذهن جي شعوري ترقيءَ ۾ به وسان ڪين گهٽايو آهي. ڪوبه سماج گهڻو وقت ساڳي طرز پيداوار اندر هلي نه ٿو سگهي، خاص ڪري جتي طبقاتي معاملو هُجي. جيئن پيداواري سرشتي جي تبديلين ڪري سماجي رشتا ۽ رويا ازلي ۽ ابدي ناهن، طرز پيداوار مطابق اهي تبديل ٿيندا رهن ٿا. تيئن ئي انساني ذهن ۾ ڪابه شيءِ ابدي ۽ ازلي ناهي. انسان سماج مان ئي سکي ٿو، تجربا ڪري ٿو ۽ مشاهدا ڪري ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button