هي واحد ملڪ آهي، جتي سياستدان عوام جي ووٽ ذريعي اقتدار ۾ اچڻ بدران محلاتي سازش، ميڙمنٿ قافلن ۽ طاقتور ڌرين سان ميچ فڪسنگ ڪري اچڻ گهرن ٿا. هي روش رڳو ڪنهن هڪڙي اڳواڻ جي ناهي، پر اڪثر سياستدان جوڙ توڙ ڪري اقتدار تائين پهچن ٿا. انهن مان ڪجهه ته “بادشاهه سلامت سان وفادار” رهن ٿا ۽ ڪجهه اهو سمجهڻ لڳن ٿا ته شايد کين عوام جي حمايت حاصل آهي ۽ هو ايترا پاپولر سياستدان آهن، جو انهن جي اشارن تي عوام جان به قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، پر هيءَ سراب آهي! جنهن وقت اهڙن سياستدانن کي ڌڪو لڳي ٿو ۽ اقتدار جي ايوانن کان ٻاهر نڪرن ٿا ته پوءِ وري ساڳي ميڙمنٿ ڪندي، اقتدار جا مزا ماڻڻ لاءِ مختلف طاقتور حلقن جون خدمتون حاصل ڪن ٿا. اهي سياستدان جيڪي عوام کي حقيقي آزادي ڏيارڻ جهڙا اڇاترا نعرا هڻي رهيا هئا، انهن جيئدان لاءِ انهن قوتن کان مدد گهري، جن خلاف رات ڏينهن مهم هلائي رهيا هئا. هر فورم تي انهن جي خلاف ڳالهيون ڪري رهيا هئا. آخرڪار انهن کي پنهنجي وزن جي خبر پئجي وئي ۽ انهن قوتن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ويٺا، جن جا هو مخالف نظر اچي رهيا هئا.
برسات ۽ ٻوڏ کان پوءِ عام ماڻهوءَ جي حالت ڪيتري عذابن ۾ ورتل آهي، ان سان سياستدانن جو ڪو گهڻو واسطو نظر نٿو اچي. انهن کي فقط ڪرسي گهرجي ته جيئن هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙا ڪم شروع ڪن، جن سان ملڪ جو سمورو سياسي ڪلچر گدلو ٿي وڃي. جيڪڏهن اهي سياستدان، جيڪي اقتدار جون موجون ماڻي چڪا آهن يا هينئر به اقتدار جي گادي تي ويٺل آهن، انهن کان پڇيو وڃي ته هو پنهنجي دور ۾ عوام کي ڏنل رليف وارا قدم ڳڻائين ته انهن وٽ پيش ڪرڻ يا مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪو خاص وکر نه هوندو. جيڪڏهن هو ملڪ لاءِ سٺو سنئوڻ هجن ها ته ملڪ ترقي ڪري ها ۽ عام ماڻهو غربت جي ڌٻڻ ۾ وڌيڪ نه ڦاسي ها. اهي حڪمرانن جا ئي ڪرم آهن، جن جي سزا عام ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي. اڳ ۾ رڳو ايترو ٻڌو هو ته فوجي آمر ايوب خان جي ڏينهن ۾ اڇي ڪاري جا مالڪ 22 خاندان هئا، پر هاڻ انهن جو انگ سون، هزارن ۾ ٿي ويو آهي، پر اهو نه ٻڌو آهي ته ملڪ جي سموري تاريخ ۾ غربت ۾ ڪيتري گهٽتائي ٿي آهي. ان جا ٻه مک سبب به آهن ته سياستدان يا سياسي ڌريون هميشه هڪٻئي جي ڄنڊاپٽ ۾ رڌل رهيون آهن، ته ٻيو سبب هي آهي ته سول ۽ فوجي نوڪرشاهي وڌيڪ متاري ٿي رهي آهي. انهن جا ڪاروبار، رعايتون ۽ دولت جي انبارن ۾ لڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي. جيڪو اقتدار جي ايوانن يا انهن جي ويجهو رهي ٿو، اهي ئي سمورين “نعمتن” سان مالا مال ٿي وڃن ٿا. باقي ڪانڊيرو ۽ ڪرڙ، جيڪا خدا جي عام خلق آهي، انهن جي جسم تان ڪپڙا به غائب ٿي رهيا آهن. اها اهڙي صورتحال آهي، جنهن کي موجوده سموريون اسٽيٽس ڪو واريون قوتون بهتر بڻائي نٿيون سگهن. اهي جيڪي حڪمرانن جو شڪار ٿي رهيا آهن، اهي هٿئين خالي آهن ۽ ڪمزور به آهن، انهن جو ڪنهن ايوان ۾ ڪو نمائندو به ناهي، جيڪو انهن جي حقن جي ڳالهه ڪري.
ملڪ ۾ جيتري Polarization ۽ ڄنڊا پٽ هينئر سياسي منظر تي نظر اچي ٿي، ان جو مثال ملڪ جي 73 سالن جي تاريخ ورلي ملندو. هينئر آهستي آهستي طاقت جو نيوڪليئس به ڪمزور ٿي رهيو آهي. اهي ادارا جن کي فيصلا ڪرڻ گهرجن، اهي پاسيرا ٿي رهيا آهن، ان ڪري ڪجهه حلقا يا شخصيتون آهن، جن جي اشاري تي گلشن جو ڪاروبار هلي رهيو آهي. خطرو هي آهي ته جيڪڏهن ٽڪرا واري صورتحال وڌي وڃي ٿي ته پوءِ ڪو به حادثو پيش اچي سگهي ٿو. ائين نه ٿئي ته موجوده سياسي طبقو هٿ مليندو رهجي وڃي ۽ ماڻهن جا انبوهه، بنا ڪنهن ڊائريڪشن جي ميدان ۾ نه لهي پون. اهڙي صورتحال ۾ ڪا به طاقت، معاملن کي سنڀالي نه سگهندي. ان ڪري انتها تائين وڃڻ کان اڳ، صورتحال کي معمول تي آڻڻ لاءِ ڪوششون ضرور ٿيڻ گهرجن. پر ائين نه ٿيڻ گهرجي ته لاڏلا چنڊ گهرن ته انهن جي تريءَ تي آڻي رکيو وڃي. جيڪڏهن ملڪ ۽ عوام جي بهتري لاءِ نه سوچيو ويو ته اهي ڏينهن پري ناهن، جو ماڻهو هڪٻئي جو ماس پٽڻ لاءِ ميدان تي اچي وڃن. هينئر جيڪا قدرتي تباهي، ٻوڏ جي صورت ۾ سامهون آئي آهي، اها سموري دنيا لاءِ الارم ته آهي، پر ان کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي نه جوڙي وئي ته هينئر اسان جو وارو آهي ۽ مستقبل ۾ ڪنهن ٻئي جو ايندو.
هينئر ملڪ اندر سياسي قوتون ٻه واضح لڪيرون ڪڍي بيٺيون آهن. انهن جي وچ ۾ ڊائلاگ لاءِ ڪا به ڌر ناهي. هڪڙي ڌر کي اسٽيبلشمنٽ جو آشيرواد حاصل آهي ۽ ٻي وري ان جي شفقت کان محروم آهي. ان ڪري ٻنهي ڌرين ۾ تاءُ واري ڪيفيت وڌي رهي آهي. وڏي ڳالهه ته ٻنهي ڌرين ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي ٽيون رستو ڪڍي سگهن ٿا، پر اهي انتهائي ڪمزور پوزيشن ۾ آهن ۽ اڳواڻن جي هماليا جيڏي انا رڪاوٽ بڻيل آهي. اهي جيڪي لڳاتار طاقتور حلقن کي ٻيهر اقتدار ڏيارڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن، انهن کي سمجهه ۾ اچي رهيو آهي ته هو ڪنهن اهڙي دنيا ۾ ڀٽڪي رهيا آهن، جيڪا نه فقط حقيقي ناهي، پر اتي ممڪن به ناهي ته سندن خوابن ۽ سپنن جي ساڀيان ٿئي. اهي ڌريون جن کي پُل جو ڪردار ادا ڪرڻ گهربو هو، انهن پاڻ، پنهنجي عهدي ۽ اداري کي ايترو تڪراري بڻايو جو، هو ايماندار بروڪر به نه پيا سمجهيا وڃن. انهن پنهنجي عزت کي تين وال ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ جڏهن ڪو رستو نظر نه پيو اچي ته اهي سمجهن ٿا ته هو پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري سگهن ٿا، پر اها به انهن جي خام خيالي آهي. اسان ميڊيا جي حلقن ۾ هڪٻئي پٺيان، صبح ۽ شام جون اسٽوريون پڙهي لطف اندوز ٿي رهيا آهيون ته ڪيئن هڪ شخصيت، پاڻ کي اقتدار جي آربٽ ۾ آڻڻ لاءِ منٿون ڪندي رهي آهي. اهي پنهنجي ذات کان ٻاهر ڏسڻ جي صلاحيت نٿا رکن. هو پنهنجي شخصي جادو جي سحر ۾ گرفتار آهن. هنن ته ڪڏهن به پليورل دنيا جو خواب ئي نه ڏٺو آهي، ان ڪري هو سولو فلائيٽ جا هينئر به قائل نظر اچن ٿا. ٻئي طرف اهڙيون قوتون آهن، جيڪي سياسي سوجهه ٻوجهه رکن ٿيون، پر انهن کي مدي خارج سمجهيو پيو وڃي، پهرين ڌر جيڪا، پوزيشن اختيار ڪئي هئي، ان کان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي. ان ڪري ڊيڊ لاڪ برقرار رهي ٿو. جيڪڏهن پاڻ کان پڇيو ته ملڪ ۾ نيون چونڊون ٿي به وڃن، ان کان پوءِ ڇا ٿيندو؟ قدرتي تباهي جو ازالو ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪهڙو پروگرام آهي؟ ملڪ جا وسيلا جيڪي لڳاتار سسي رهيا آهن، اهي ڪجهه هٿن ۾ قيد آهن. انهن کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ گذريل چئن سالن دوران ڪهڙيون ڪوششون ڪيون ويون؟ هينئر به ساڳي صورتحال آهي. عام ماڻهو، جيڪو مهانگائي، بک ۽ بدحالي کي منهن ڏئي رهيو هو، ان جي حالت وڌيڪ خراب ٿي آهي. ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته وقت کان اڳ چونڊون ٿي به وڃن، پر معاملا بهتر ٿيڻ جي ڪا اميد ناهي.
اهي خبرون به ٻڌڻ ۾ آيون پئي ته عمران خان جي صفن مان ڪجهه ماڻهن، حڪومتي ڌر سان رابطا ڪيا، جنهن جي هو تصديق ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. انهن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن عمران خان پنهنجي هوڏ نٿو ڇڏي ته حڪومت کي نوڙت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، پر ٻي ڌر به انڪار ڪري ڇڏيو. عمران خان جي احتجاج جي سڏ، لانگ مارچ ۽ تالابندي سان ملڪ جو وهنوار بهتر نه ٿيندو. هينئر اڳ جي آيل مصيبت کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. جيئن ئي عظيم سپهه سالار واضح ڪيو آهي ته هو “نيوٽرل ” آهن ۽ رهندا. تيئن ئي عمران خان وڌيڪ مايوسي جو شڪار آهي. هن اڳيان واضح ڪيو ويو ته جيڪڏهن هو حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري سگهي ٿو ته ڪري ڏيکاري پر هو عام چونڊون ڪرائڻ جي پوزيشن ۾ ناهن، نه ئي انهن جو ڪم آهي. جيڪڏهن هو انتظار ڪري ته بهتر آهي. ان کان پوءِ عمران خان جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي.
ٻئي طرف حڪومتي ڌر وڌيڪ جذباتي ٿيندي نظر اچي پئي. اتحادي حڪومت جي معاشي ٽيم جي تبديلي سان ممڪن آهي ته بهتري اچي، پر اسحاق ڊار جا آخري ڏينهن ڪي بهتر نه هئا. ان سان حڪومت کي اخلاقي طور Boost up ملي سگهي ٿو. پر جيڪڏهن فيصلا ڪرڻ جا اختيار ملڪ ۾ موجود قيادت بدران وديش ۾ ويٺل ڪنهن اڳواڻ کي ڏنا وڃن ٿا ته ان سان گهڻا مونجهارا پيدا ٿيندا. ڇاڪاڻ ته هي جنگ جو پراڻو اصول آهي ته جيڪي ڪمانڊر ميدان ۾ هوندا آهن، انهن کي ئي صفبندي ڪرڻي هوندي آهي ۽ اهي ئي سمورا فيصلا ڪندا آهن. هينئر ملڪ ۾ ڪنهن هڪ ڌر جي حڪومت ناهي، پر اتحادين جي آهي، جيڪڏهن اتفاق راءِ سان معاملا نه سلجهيا ته مسئلا پيدا ٿيندا ۽ پوءِ عام چونڊن جو ئي اعلان ڪرڻو پوندو. هينئر تائين هي پهرين اتحادي حڪومت آهي، جيڪا معاملا فهمي سان اڳتي وڌي آهي. ڪيترن ئي اهم معاملن تي به ڪي سنجيده اختلاف سامهون نه آيا آهن. جيڪڏهن ڌرين جي ايتري ئي understanding آهي ته پوءِ موجوده سيٽ اپ ايندڙ چونڊن دوران به برقرار رکڻ گهرجي. حڪومت توڙي عمران خان کي پنهنجي پنهنجي حڪمت عملي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.