ٻوڏ متاثر علائقن ۾ زندگي اڃا تائين معمول تي نه اچي سگهي آهي. مختلف علائقن ۾ هن مهل به 6 کان 8 ۽ ڪٿي ڪٿي 12 فٽ پاڻي بيٺل آهي. جڏهن ته پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري مختلف علائقن ۾ گيسٽرو ۽ مليريا وبائي صورت اختيار ڪري ورتي آهي جنهن جي ڪري معصوم ٻارڙا فوت ٿيڻ جون رپورٽون اچي رهيون آهن، پر حڪومت هن مهل تائين ڪو به اثرائتو رليف فراهم نه ڪري سگهي آهي. خيرپور ناٿن شاھه ۾ 26 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻوڏ جو پاڻي نڪري نه سگهيو آهي، هن مهل تائين تعلقو مڪمل طور ٻڏل آهي، هر هنڌ 8 کان 12 فوٽ تائين پاڻي بيٺل آهي، مسلسل پاڻي بيهڻ ڪري سوين گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، بيٺل پاڻي ۾ تمام گهڻي خراب ڌپ ٿي وئي، جنهن سبب مختلف خطرناڪ بيمارين منهن ڪڍيو آهي، انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندا مسلسل غائب آهن، متاثرن جي ڪنهن به سار نه لڌي، متاثرن ٻيڙين تي واپس اچي پنهنجي گهرن کي ڏٺو ته جتي ڪٿي پاڻي ئي پاڻي آهي. ان سلسلي ۾ ٻوڏ متاثرن چيو ته ظالمن هٿ سان اسان کي ٻوڙيو آهي، 2010ع ۾ به چونڊيل نمائندن ٻوڙيو هو، وري 12 سالن کانپو اسان کي ٻوڙيو آهي، ظالمن ظلم ڪيو آهي، ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن واهر نه ڪئي. خيرپورناٿن شاهه واسين مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي خيرپورناٿن شاهه جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو حڪم ڏئي شهر ٻوڙائڻ جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري.
قبوسعيد خان ويجهو ڳوٺ ڪوٽ شھبيگ ۾ پورھيت جي ٻن ورهين جي نياڻي مليريا وگھي فوت ٿي وئي. معصوم ٻارڙي جي پي دانهيندي چيو آهي ته ٻوڏ سبب الهه تلهه لڙهي وڃڻ ڪري بي يارو مددگار ويٺل آهيون، مزدوري نه هجڻ ڪري وس آهر پنهنجي معصوم ڌي جو علاج ڪرايو پر غربت سبب وڌيڪ علاج ڪرائي نه سگهيس، جنهن ڪري منهنجي معصوم نياڻي تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي آهي. وڳڻ ويجهو نينگر برسات جي بيٺل پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. نصيرآباد جي ڳوٺ حاجي محمد بخش کوسو ۾ 13 ورهين جو نينگر برسات جي بيٺل پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. گولاڙچي ۾ گيسٽرو ۽ مليريا بي قابو ٿي وئي آهي. 24 ڪلاڪن ۾ شهر سميت تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. ان ڏس ۾ ڳوٺ حيات رند ۾ 2 مهينن جا 2 ٻار شعبان رند ۽ شاهجهان فوت ٿي ويا. ڳوٺ خدابخش چڪ نمبر 15 ۾ 6 سال جو شهباز پٽ گلاب احمداڻي گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو. وارڊ 4 ۾ هڪ سال جي زينب ڌي بچايو منڌرو به بخار سبب فوت ٿي وئي. رهواسين ٻڌايو ته برساتن کانپو مختلف بيماريون پکڙجي ويون آهن، سرڪاري توڙي نجي اسپتالن ۾ روزانو 200 جي لڳ ڀڳ گئسٽرو، پيٽ جي سور ۽ مليريا ۾ مبتلا مريض اچن ٿا. مختلف بيمارين سبب مريضن جو انگ وڌي ويو آهي. ھزارين ماڻھو بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن. سڄي تعلقي ۾ ھزارين ماڻھو بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ساحلي پٽي جي صورتحال انتهائي خراب، ضلعي انتظاميا سميت صحت کاتو آفيسن ۾ اجلاسن تائين محدود ٿي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي متاثر مريضن جو علاج ڪيو وڃي.
قبوسعيد خان ۾ يوسي بگو دڙو جي مختلف ڳوٺن جي رهواسي ٻوڏ متاثرن ٻئي ڏينهن به اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار خلاف گوادر موٽروي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن چيو ته ٻوڏ سبب گھر ڊھي پٽ ٿيڻ ڪري بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺان ويٺا آھيون. نوشهروفيروز ۾ برسات متاثر فنڪارن جو سھائتا لاءِ پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاج جاري آھي. اڳواڻن چيو ته برسات سبب بيروزگار ٿيا آھيون ۽ گھرن کي نقصان پھتو پر ثقافت کاتو توڙي انتظاميا واھر نه ٿي ڪري. سڄي سنڌ کي ھٿ وٺي ٻوڙيو ويو جنھن ڪري فنڪارن سان گڏ سنڌ جا لکين ماڻھو دربدر آھن. پر سرڪار ڪنھن به متاثر جي سار لھڻ لاءِ تيار ناھي. ھن چيو ته فوري طور پاڻي نيڪال ڪري متاثرن جي سھائتا ڪئي وڃي.
اسان سمجهون ٿا ته جنهن سطح جي آفت ۽ ان جي ڪري جنهن پئماني جي تباهي آئي آهي، ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته حڪمران انهن جي رليف ۽ بحالي لا ڪو جامع پلان تيار ڪن پر بدقسمتي سان اهڙو ڪجهه به نظر نه اچي رهيو آهي، ٻوڏ متاثرن کي ٻوڏ جي پاڻي ۽ وبائي بيمارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. حڪمران رڳو سکڻا اعلانن جي مٿان اعلان ڪري رهيا آهن پر عملي طور متاثر اڄ به بي يارو مددگار بڻيل آهن، اسان حڪمرانن کان مطالبو ٿا ڪيون ته متاثر علائقن مان پاڻي فوري طور ڪڍي هڪ پاسي ماڻهن کي تڪڙو رليف ڏنو وڃي، امدادي سامان جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ماڻهن جي طبي امداد ڪئي وڃي ٻئي پاسي سندن بحالي جي پروگرام تي به جلد ڪم ڪيو وڃي، مٿان سياري جي مند اچي رهي آهي، ان کان اڳ پاڻي جو نيڪال ڪري متاثرن کي محفوظ زندگي فراهم ڪئي وڃي.