سنڌ گريجويٽس ايسوسيئيشن جي چيئرپرسن محترمه مهتاب ااڪبر راشدي گذريل شام روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ ڪوٺايل ايوراڊ تقريب ۾ ذهنن ۽ روحن کي لوڏيندڙ خطاب ڪيو. جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته، سنڌ ۽ اسان جي قوم جا هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏن ڪري بنياد اکڙي چڪا آهن، ڳوٺ ۽ شهر ويران ۽ حالت تباهه حال ۽ مستقبل به اونداهو يا ڌنڌ ۾ ويڙهجي ويو آهي. سنڌ جو ايندڙ وقت وڌيڪ مشڪلاتن ۽ انيڪ آزمائشن وارو ٿيڻ وارا ڏيک ۽ انديشا ڏيکاري رهيو آهي. ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته سموري سنڌ پنهنجي حياتي، جياپي ۽ موت جي ٻه واٽي تي آهي ۽ پنهنجي بقا واري جنگ ۾ داخل ٿي چڪي آهي. جنهن مان هو رڪ بنجي نڪري نروار به ٿي سگهي ٿي ۽ حالتن جي سٽ نه سهندي ختم به ٿي سگهي ٿي. اهڙي قسم جي انديشن واري صورتحال ۾ اسان سڀني، سموري قوم ۽ ساڃاهه وندن کي هر قسم جي ايندڙ حالتن لا سجاڳ ۽ خبردار رهڻو پوندو. ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جو سنڌ جي تعليم جي صورتحال تي خاص مهمان جي حيثيت ۾ پنهنجي فڪر انگيز خطاب ۾ چوڻ هو ته، دنيا ۾ هن وقت ڪنهن به قوم يا فرد جي اهميت، حيثيت، مڃتا ۽ جياپي جو ماپو سندس تعليم، تعليمي معيار، اهليت ۽ قابليت تي آهي. جيڪڏهن اوهان دنيا جي چٽاڀيٽي ۽ مقابلن ۾ پاڻ کي ثابت نه ٿا ڪريو ته پو اوهين ڪٿي به نه آهيو. سگا جي چيئرپرسن جو چوڻ هو ته سرڪار تي تنقيد ته سڀئي ڪن ٿا پر ڪنهن دور ۾ سرڪاري اسڪولن جي تعليم سنڌ جي ڪرنگهي وارو ڪم ڪيو ۽ اسين سڀ سرڪاري اسڪولن جا پڙهيل آهيون، ان دور ۾ اسڪولن ۾ سهولتون نالي ماتر هونديون هيون پر انهن اسڪولن ۽ تعليمي ادارن مان وڏا وڏا قابل شاگرد پڙهي ۽ ڪامياب ٿي نڪتا ۽ اهي پنهنجي قوم لا فخر ۽ عزت جو سبب بڻيا. يقينن، ان وقت مضبوط تعليمي سرشتو ۽ نظام موجود هو، استاد قابل، محنتي ۽ فرض شناس هئا، اڄ اسان جي استادن، شاگردن ۽ سرڪاري اسڪولن جو ڇا حال آهي؟ اهي ڳالهيون ٻڌڻ کان ڳريون ۽ لڄائيندڙ آهن. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄوڪي سنڌ جا استاد سڀ کان وڌيڪ بي ايمان آهن جيڪي سنڌ ۽ قوم سان پنهنجي محبت جي دعويٰ ته ڪن ٿا پر پنهنجا فرض پورا ڪرڻ ۽ ٻار پڙهائڻ لا تيار نه آهن.
ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جو چوڻ هو ته سنڌ جي تعليم کاتي جي سيڪريٽري، وومين ڊولپمينٽ کاتي ۽ اطلاعات کاتي سميت ڪيترن ادارن جي سيڪريٽري
جي عهدن تي ڪم ڪرڻ جا موقعا مليا جنهن دوران مون کي لڱ ڪانڊاريندڙ تجربا حاصل ٿيا. اهي به خبرون پيون ته اڪثر استادن جي پنهنجي ذميوارين موجب اهليت ئي نه هئي ۽ ڪيترا ته مستقل گوسڙو ۽ غير حاضر رهڻ جا هيراڪ، سفارشِي ڀرتي ٿيل ۽ انهن مان ڪيترائي ڊيوٽيون ڪرڻ بجا ويزا تي ويل آهن. جنهن جي معنيٰ ته اها تعليمي تباهي اڳتي وڌي قوم جي نسلن جي تباهي ۽ آخرڪار قوم ۽ ان جي مستقبل جي تباهي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. سنڌ ۾ اهڙي قسم جي تباهي ٻوڏ جي تباهه ڪارين کان وڌيڪ هاڃيڪار ثابت ٿي رهي آهي جيڪا ورهين کان سنڌ ۽ قوم جي مستقبل کي اڏوهي وانگر کائي کوکلو ڪري رهي آهي. محترمه مهتاب اڪبر راشدي جو چوڻ هو ته، سنڌ هن وقت گهڻ رخي تباهين جو شڪار آهي ۽ موسمياتي تبديلين، برساتن ۽ ٻوڏ بعد قوم جا اجها ۽ بنياد پڻ ڊهي چڪا آهن ۽ سڀ ڪجهه اکين اڳيان برباد ٿيندو ڏسي رهيا آهيون. قوم جون نياڻيون، ٻارڙا ۽ خاندانن جا خاندان دربدري جو شڪار آهن ۽ پنهنجي جياپي ۽ بقا جي ويڙهه کي منهن ڏئي زندگي جي ٻه واٽي تي اچي پهتا آهن ته يا ته هو انهي آزمائش ۾ پاڻ کي مضبوط ۽ بردبار بڻائي نڪري مٿي اچي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائيندا يا سندن خاتمو ٿي ويندو. ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جو چوڻ هو ته قوم جي بقا ۽ سربلندي ۽ سماجي انقلاب انهي ريت پيدا ٿي سگهي ٿو ته، هو هر قيمت تي پنهنجي تعليمي قابليت وڌائڻ ۽ خاص طور تي پنهنجي عورتن تي ڀروسو ڪن ۽ نياڻين کي تعليم ڏيارين ۽ سندن عزت ڪن ۽ ٻارڙن جي رجحان کي سمجهن ۽ کين همٿائين ته هي قوم معجزا ڪري ڏيکاري سگهي ٿي ۽ دنيا ۾ پنهنجو وڃايل مقام وري حاصل ڪري سگهي ٿي.
هوڏانهن، سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه حيدرآباد ۾ تعليم کاتي جي اهم اجلاس کي ڪيل سندس خطاب منظر عام تي آيو آهي جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته، ٻوڏ سبب سنڌ صوبي ۾ 28 لک ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، اڳ ئي ڪورونا سان گهڻو نقصان ٿيو. هاڻي ٻوڏ سبب اسڪول رليف ڪئمپن ۾ تبديل ٿي ويا آهن، سندس چوڻ هو ته هن وقت 17 هزار اسڪولن جي اهڙي حالت ناهي جو ٻارن کي انهن ۾ ويهاري سگهون، اسڪولن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ فنڊ ناهن. هن چيو ته گهڻن ضلعن ۾ اسڪول پاڻي ۾ ٻڏل آهن ۽ صوبي جي 28 لک ٻارن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي، تعليم واري صوبائي وزير جو چوڻ هو ته، ضلعي انتظاميا کي خط لکيو آهي ته جلد متاثرن کي متبادل جاين تي موڪليو. وڃي سندس چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ رليف ڪئمپون اسڪولن ۾ نه ٺاهڻ گهرجن ها. تعليم کاتي ۾ رشوت خوري واري معاملي تي پنهنجي ردعمل ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه طرفان تعليم کاتي جي رشوت وٺندڙ آفيسرن کي آخري وارننگ ڏيندي چوڻ هو ته ڪنهن به اسيمبلي ميمبر، ايم اين اي يا ايم پي اي جو ماڻهو اوهان کي تنگ ڪري ٿو ته بنا دير اطلاع ڏيو، انهن کي هاڻي ئي گرفتار ڪرائي ڇڏيندس. سردار شاهه جو چوڻ هو ته، تعليم کاتي جي ڪيترن ئي سينيئر آفيسرن جون ميريٽ تي مقرر ڪيل استادن کان رشوتون گهرڻ جون رڪارڊنگس موجود آهن انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي ۽ ڪيڏي نه شرمناڪ صورتحال هوندي جو ڊي اوز ۽ ڊائيريڪٽرز کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ هٿڪڙيون هڻي انهن کي جيل موڪليو وڃي، هن راشي عملدارن کي آخري وارننگ ڏني ۽ چيو ته هاڻي گرفتاريون ۽ قانوني ڪارروائيون شروع ڪيون وينديون. يقينن سنڌ ۽ سنڌي قوم جي جياپي ۽ مستقبل جي بقا جي جنگ پنهنجي انجام ڏانهن وڌي رهي آهي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي.
موسمياتي تبديلين ۽ رڪارڊ برساتن ۽ ٻوڏ جي صورت ۾ يقينن قدرت جي پيدا ٿيل ردعمل جي نتيجي ۾ ملڪ جو ٽيون حصو پاڻي هيٺ آهي جيڪو پوري برطانيا جي ايراضي جي برابر آهي، جڏهن ته سنڌ صوبي جو 80 سيڪڙو حصو برساتن ۽ ٻوڏ جو شڪار آهي، سنڌ جو متاثر ٿيندڙ علائقو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن متحده عرب امارتون، قطر، سريلنڪا، برما، مالديپ، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ کان به وڌيڪ ايراضي تي پکڙيل آهي. تازين رپورٽن موجب سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن مان هڪ پاسي ٻوڏ جو پاڻي گهٽ ٿيو آهي پر ڪيترن ئي ضلعن ۾ ٻوڏ واري پاڻي جي سطح وڌي رهي آهي. برساتن ۽ ٻوڏ جي هاڃيڪارين سبب هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جون خبرون رڪارڊ تي آيون آهن ۽ هزارين زخمي ٿيا آهن. هن وقت ٻوڏ وارن علائقن ۾ چمڙي ۽ پيٽ جون بيماريون ۽ ڪيترائي وبائي مرض پڻ پکڙي رهيا آهن، جنهن جو علاج ۽ دوائون به اڻلڀ آهن. مليل رپوٽن موجب، هيڏي وڏي ٻوڏ ڪري سموري ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو سڌوسنئون متاثر ٿيا آهن جنهن ۾ لڳ ڀڳ اڌواڌ نقصان سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جو ٿيو آهي. گڏيل انگن اکرن موجب موسمياتي تبديلي جي اثرن 6 ڪروڙ پاڪستانين کي متاثر ڪيو آهي. رپورٽن موجب، تازي ٻوڏ سبب ملڪ ۾ 17 لک گهر، 12 هزار ڪلوميٽر تي ٻڌل رستا، 350 پليون ۽ 50 لک ايڪڙ فصل تباهه ٿي چڪا آهن ۽ ٻوڏ سبب اٽڪل 30 ارب ڊالر ماليت جو نقصان ٿيو آهي. جڏهن ته ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ بيماريون ۽ هزارين ڳوٺن، سندين ۽ شهرن جا بنياد ئي ڊهي پوڻ سان هن خطي ۾ وڏو انساني الميو پيدا ٿي رهيو آهي جنهن سان سنڌ ۽ قوم جي جياپي ۽ مستقبل جا ڳڻتي جوڳا سوال اڀري مٿي اچي ويا آهن.