=هن جديد دور ۾ مُلڪن جي قسمتن جا فيصلا اُنهن جي نظرياتي اڳواڻن جي جاءِ تي هڪ جاگيردار طبقو ڪري ٿو جنهن جي مقصديت جو معراج منافعي خوري آهي.
انساني تاريخ ۾ جتي عشق جي اوٽ آهي، تتي رت جي راند پِڻ آهي. اُن سموري حال سان دُنيا ڀَري پئي آهي، ڪو خطو خوش رهيو آهي ته ڪو وري رت جي ريج سان رڱيو ويو آهي.
طاقت جي تازي گهوڙي بادشاهن کان وَٺي منافعي خورن جي منافعي گردي جي ٽُڪرن تي پلجندڙ جمهوريتن تائين جي هلت چلت کي ڏسجي ٿو ته هيٺين طبقي يعني پورهيت جو ڏينهن ڏٺي جو سربازار قتل ٿيل لاش مليا. سنڌ هن وقت اُنهن لاشن جو قبرستان بڻيل آهي.
عالمگيريت يعني هِن وقت جنهن واڳونءَ جي وات ۾ دُنيا آهي اُهو آهي منافعي خوري ۽ مُنافعي گردي. جنهن جي چنبي ۾ دُنيا قابو ٿي چُڪي آهي ۽ سندس مُڪمل ضابطو اُنهن وٽ ئي آهي. سنڌ ۾ هِن وقت جيڪي به جن به شين جا هٿ ٺوڪيا اگهه وڌائي مظلوم عَوام کي لُٽيو پيو وڃي اُن سموري ڪاروهنوار ۾ به حڪومت مڪمل مليل آهي.
گلوبل وليج يعني روز پاڻ کي تبديل ڪندڙ اهڙي دُنيا جيڪو ساڻ هَليو اهوئي سڪندر آهي ۽ جنهن قدم ڀرڻ ۾ سستائپ ڪئي اُهو وقت جي دز ۾ لٽجي ۽ پيسجي پيو.
هن گلوبل وليج ۾ عالمگيريت جي هٺ ڌرمي جي ڪري اسان جي مُلڪ جو نوجوان اڄ دُنيا جي ڀيٽ ۾ اپاهج آهي جيڪي چند ماڻهو دُنيا سان هلڻ ڄاڻن ٿا اُهي ٻاهرين مُلڪن ۾ پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر وارن کي اتان جا شهري سڏرائڻ ۾ پوري ڪوشش ڪن ٿا ۽ هن مُلڪ جا سرمائيدار به اُهوئي چاهن ٿا ته هتان جو نوجوان مفلوج رهي ۽ اڳتي نه وڌي سگهي.
عالمگيريت جي پهرين لهر انجڻ جي ايجاد ٿيئڻ سان آئي جنهن مواصلات جي ذريعن کي وڏو فائدو رسايو جنهن سان مُختلف وقتن تي سرد جنگيون لڳيون. ٻين لَهر اُن جي تڏهن آئي جَڏهن يورپي يونين ٺَهي جنهن واپار جو مخصوص دائرو طئي ڪيو جنهن دُنيا جو اقتصادي ڳانڍاپو مضبوط ڪيو. ٽيون دور صنعتي انقلاب انٽرنيٽ جو وجود ۾ اچڻ سان عالمگيريت وڌيڪ سگهاري بڻجي وئي انٽرنيٽ جي اچڻ سان عالمگيريت ورچوئل بنجي وَئي. پهريان دُنيا سياسي نُقطي نظر حوالي سان سڀنين جي سوچ جو مرڪز يورپ جا مُلڪ هوندا هُيا پَر پوءِ اقتصادي حوالي سان چائنه نروار ٿي جنهن 2000ع ۾ يورپي يونين ۾ شموليت ڪئي ۽ عالمي اجگر ٿي اُڀريو.
عالمگيريت جي اُن رچايل ڊرامي ۾ چَند ماڻهو صرف مخصوص مُلڪن جا آهن باقي ٻيا جيڪي ٽين دُنيا جا مُلڪ آهن سي سندن تابعداري جي انتظار ۾ آهن. پهريان ته صرف اقتصاديات ۾ انجڻ پوءِ انٽرنيٽ ۽ هاڻي ڪم گهڻو ٿي چُڪو آهي دُنيا هٿرادو ذهانت جي کَڏ ۾ ڦاسي پَئي آهي. عالمي عالمگيريت جي منافعي خوري جي ڪري ڌرتي جي هر جيوت کي مُختلف قسمن جي خطرن سان مُنهن ڏيڻو پيو آهي ۽ اُهي خطره عالمگيريت جي نروار ٿيڻ سان پيدا ٿيا آهن. اُها منافعي خوري انساني ذهانت تي هڪ نما داغ آهي اُن داغ انسان جي سموري دامن کي داغدار بنائي ڇڏيو آهي.
عالمگيريت تعليم تي به گهرا اثر ڇڏيا آهن جنهن مان سُٺا پروفيشنل ته پيدا ٿي رهيا آهن پَر انسان کان معاشرو محروم بنجندو پيو وڃي. يعني انسانيت جو انت ٿي رهيو آهي جنهن سان اخلاقي بُحران وڌي رهيو آهي.
انسان ڪڏهن فلسفي جي دري مان ڪائنات کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪڏهن مذهب جي دري مان ته ڪڏهن وري سائنس وسيلي بيان ڪري ٿو ته وري هُو ٽيڪنالاجي جي ريل ۾ سوار ٿئي ٿو. مُختلف دورن کي هُن مُختلف نالا ڏنا جيئن اونداهون دور، پٿر جو دور، روشن خيالي جو دور ۽ هاڻي جديديت ۽ مابعد جديديت آهي (اهي ٻه نظريا عالمگيريت ۽ سرمائيدارن جا هٿ گهڙيا آهن، جن جو مقصد عوام کي حقيقتن کان هٽائي اُنهن کي غُلامي ۾ ئي قابو رکڻ آهي، جيڪڏهن پهريون دور موڊرينٽي هو هاڻي پوسٽ ماڊرنزم آهي ته پوءِ ايندڙ دور ڪهڙو آهي؟ ڇا ان جي پويان پوسٽ لڳائي نالو ڏينداسين؟
هن وقت عالمگيريت جو مرڪز سياست آهي پيپلز پارٽي نج منافعا خور اُن جو واضح ۽ چٽو مثال آهي. اُهائي سياست جيڪا پهريان نظرين جي پوئلڳ هُئي ۽ عوام جي حُڪومت عوام لاءِ هُئي ۽ اُهي حڪمران عوام جي خدمت لاءِ اقتدار ۾ ايندا هُيا پاڪستان کي ڇَڏي ڪافي مُلڪن ۾ اهو ڪم ڪيو ٿو وڃي پَر هن عالمگيريت ۾ سياست انساني خِدمتن بدران ڪمائي ۽ ڪاروبار جو ذريعو بنجي وئي آهي جنهن جو مثال توهان پَنهنجي تڪ جي چونڊيل نمائندن وڏيرن، ميرن، پيرن، شاهن، جاگيردار طبقي جو وٺي سگهو ٿا جيڪي هن ٻوڏ جهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي آڙ ۾ شهرن جا شهر ٻوڙائي شين جي هٿرادو کوٽ پئدا ڪري ڊيلرن کان ڀتا وٺي انهن ئي ساڳين شين جي اگهن کي ٻيڻو ڪيو پيو وڃي.
عالمگيريت جو مَقصد هُيو پوري دُنيا کي هڪ عالمي مارڪيٽ بنائي سمورن مُلڪن جي ماڻهن کي پاڻ ۾ ملائي اُنهن سان هم آهنگي قائم رکي منافعو ڪمائڻ هُو ۽ ڪامياب پڻ ٿيا. اُن سان دُنيا جي مُختلف خطن تي ڪافي گهرا اثر پيا اُن ڪوشش ۾ ثقافت، تهذيب، کاڌي پيتي ۾ تبديليون، فيشن ٽرينڊس، اخلاقيات جو زوال ۽ رشتن ۾ پوندڙ ڏارون اُن عالمگيريت جي ٻاريل باهه جو نتيجو آهن.
عالمگيريت ۾ ٺهندڙ شيون ماڻهن جي گُهرج مُطابق نه پَر سندن کيسي جي ماپ مُطابق ٺاهيون ويون آهن. عالمگيريت جو مقصد ترقي نه پَر هڪ ئي مٿئين طبقي کي سگهارو بنائي مالڪ بنائڻ هوندو آهي.
عالمگيريت ڳچ انساني آبادي جو استحصال ڪري رهي آهي. اُن جو اکين آڏو مثال سنڌ آهي جنهن جي سيني کي چيري اُن مان وسيلن کي کوٽي اُن کي بانجهه بنائي ۽ وسيلن جي انساني ضرورتن کان وڌيڪ انڌا ڌُنڌ واهپو ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري وسيلن جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي ۽ مُستقبل ۾ سنڌ مان اُهي وسيلا مُڪمل ختم ٿي سگهن ٿا. ۽ ٻئي طرف صنعتڪارن، سرمائيدارن کي نفعو ملي رهيو آهي باقي قاضي ڄاڻي قيام اُنهن جو ڪنهن سان واسطو ناهي. اُن جو بنيادي مقصد دُنيا جي سمورن قُدرتي وسيلن، ۽ سموري انسانيت سان منافعا بخش راند کيڏندڙ آهن. عالمگيريت جو مقصد هَر شئي مان چاهي زنده هُجي يا مُرده اُن مان منافعو ڪمائڻ آهي مُردن ۾ انسان جو مثال وٺون ٿا جنهن کي ميڊيا جي ذريعي هڪ پروڊڪٽ بنائي پيش ڪيو ويندو آهي ۽ اُن سان چينلن جي ريٽنگ وڌندي آهي.
هئُ مُلڪ عالمگيريت جو ڳڙهه آهي. جتي صنعتڪاري ڪندڙ سمورا جاگيردار آهن. انڊسٽريز سرمائيدارن جون ئي آهن، پوءِ شين جي هٿ سان کوٽ ڪري ضرورت پئدا ڪئي ٿي وڃي جَڏهن عَوام خريداري لاءِ اڳيان هٿ وڌائي ٿو ته سندس کيسي ۾ ايترا پئسا ئي نٿا رهن جو اُن شين تائين هٿ پهچائي سگهي جن جا اگهه به طئي ڪندڙ اُهوئي مٿيون طبقو آهي. جيستائين سوشلسٽ نظام قائم نٿو ٿئي تيستائين غريبن جي جان ۽ مال جي لٽ مار ايئن ئي ٿيندي رهندي ۽ 75 سالن کان هلندڙ سلسلو خبر ناهي ڪٿي هلي دنگ ڪري.