سنڌ ۾ هيلوڪين برساتن سبب آيل ٻوڏ واري تباهي کي سنڌ جا حڪمران ڀل کڻي ڪيترو به قدرتي آفت جي کاتي ۾ شمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پر اهي ڳوٺ ۽ شهر جن جو الهه تلهه تاراج ٿي ويو آهي، تن ڳوٺن ۽ شهرن جو عوام پهرئين ڏينهن کان پنهنجي ٿيل تباهي جو ذميوار قدرت کي نه پر سنڌ حڪومت جي جاگيردارن کي ئي قرار ڏيئي رهيو آهي. ان جو ثبوت پهرئين ڏينهن کان وٺي ٻڏل علائقن ۾ ٿيندڙ عوامي احتجاجن جي اها سُورائتي ٻولي آهي، جنهن ۾ متاثر ماڻهو مقامي ثبوتن ۽ انگن اکرن سان اھو ٻڌائي رهيا آهن ته ڪيئن نه نااهل جاگيردار نمائندن کين هٿ وٺي ٻوڙائي ڇڏيو. سو اهو آهي حال پنهنجي اڄوڪي ان سنڌ جو، جنهن سنڌ جي ڪوٽا تي، عوامي حڪمراني جي چولي ۾ لِڪي، جڳ مشهور چور سن ستيتاليهه کان وفاق جا سهڪاري بڻجي اسان تي حڪمراني ڪندا پيا اچن.
هاڻ سڀ کان اول اچو ته جاگيرداري کي ٿورو سمجهون ۽ اهو به ڏسون ته سنڌ ۾ اهي جاگيردار ڪڏھن کان حاڪم بڻيا ويٺا آهن يا هر دور جي سامراج طرفان اسان مٿان زبردستي ٿاڦيا ويا آهن. دراصل جاگيرداري هڪ سماجي معاشي جوڙجڪ، جيڪا غلاميءَ واري يا قديم پئنچائتي نظامن جي ٽوڙ ڦوڙ کان پوءِ سامهون آئي، سا لڳ ڀڳ سڀني ملڪن ۾ موجود رهي آهي جنهن ۾ ڌارين ۽ قابض حڪمرانن ڌرتي ۽ عوام سان غداري ڪندڙن کي بخشش ۾ لاحد زمينون ڏيئي جاگيرون عطا ڪيون ته جيئن انهن غدار طبقن کي اڳيان ڪري قبضي هيٺ آيل ڌرتين جي آساني سان لُٽ ڪري سگهجي. ها غدارن کي عطا ٿيل عوام جي اها اصل ملڪيت يعني زمينون، جن تي ڍل يا ڪوبه ٻيو سرڪاري ٽيڪس پڻ جاگيردارن کي معاف هوندو هو. ياد رهي ته انهن جاگيردار جا مفادن ۾ ڀائيوار ۽ سهڪاري سنڌ اندر هر دور جا ڪوڙا ۽ نام نهاد مذهبي پيشوا پڻ رهندا آيا ۽ اڄ تائين اهو سلسلو هلندڙ آهي.
دراصل هتان جي ويجهي پارليماني تاريخ جو جيڪڏهن ڇيد ڪجي ته ڄڻ مُهڙ کان ئي جاگيرداري کي هٿي ملندي آئي آهي. مثال طور سنڌ جي بمبئي کان آزادي کانپوءِ 1937 وارين چونڊن ۾ سنڌ مان جيڪي ميمبر چونڊجي آيا، انهن ۾ اڪثريت وڏيرن ۽ جاگيردارن جي هئي. ان کان اڳ بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌ کي جيڪا نمائندگي حاصل هئي تنهن ۾ پڻ جاگيردار ۽ وڏيرا اڳيان هئا. ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ ڏيندڙن جي اڪثريت جو تعلق به ساڳئي طبقي سان هو. پوءِ وري ٿيو ايئن جو 1967ع ۾ کاٻي ڌر جي سوشلسٽ اڳواڻ ڊاڪٽر مبشر حسن جي لاهور واري رهائشگاھه تي “روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان” جي نعري هيٺ جيڪا نئين سياسي شروعات ٿي، تنهن ۾ به 70 وارين چونڊن ۾ سنڌ ۾ اڪثريتي وڏيرن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون ۽ اڳتي هلي اقتدار ماڻڻ کانپوءِ انهن موقعي پرست وڏيرن آمر جنرل ضياءَ سان سَنمُک ٿي ڪري شهيد ڀٽو کي سُوريءَ سزاوار بڻائي ڇڏيو.
وري اڳيان 85 جي غيرجماعتي چونڊن ۾ هڪ دفعو ٻيهر اڪثريتي وڏيرن جي هڪ وڏي لانڍ کي چونڊرايو ويو. 88 وارين چونڊن ۾ به ساڳي ئي نموني اڪثريتي طور وڏيرا ئي چونڊجي آيا.
وري جو هن ملڪ مٿان اڳيان هلي پرويز مشرف جهڙي چرب زبان چالاڪ آمر جي آمريت نازل ٿي ته هُن وڏيرن جون وفاداريون خريد ڪرڻ لاءِ ناظمي نظام قائم ڪري وڏيرن کي سياسي ۽ معاشي طور تي سڀني دورن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط ڪيو. تان جو محترمه جي شهادت کانپوءِ ڪنهن سُڌاري جي آخري اميد به ختم ٿي وئي ۽ هر پاسي رڳو جاگيردار ئي وڃي بچيا. اهڙي موقعي جو فائدو وٺندي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي کُليل آشيرواد سان سنڌ جي سياست ۽ انتظام ۾ هيٺين سطح تائين ڪرپشن کي متعارف ڪرايو، جنهن جي نتيجي ۾ قانون ۽ جمهوري حڪمراني بدران جاگيرداري ۽ سرداري راڄ اڳي کان به وڌيڪ مضبوط ٿيو آھي.
سو ان تناظر ۾ هاڻ لڳاتار تلخ تجربن کان پوءِ سنڌ ۾ جاگيرداري راڄ خلاف ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جنھن تمام وڏي شديد سطح تي اڀريو آھي، تنهن ۾ سوشل ميڊيا توڙي عوامي مظاهرن ذريعي سگهارو اظهار ته هر علائقي اندر تمام وڏي تيزي سان ٿيڻ لڳو آهي پر انهي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي حقيقي عوامي پارليماني سياسي سگهه ۾ ڪيئن تبديل ڪجي؟ اهو سوال سنڌ جي اڄوڪي روشن خيال، عوام دوست ۽ وطن دوست سياست جو سڀ کان وڏو سوال هئڻ گهرجي.
ته پوءِ ٿيڻ ڇا گهرجي؟ منهنجي خيال ۾ هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ انهن ڳيجهو ۽ غدار جاگيردارن کي کٽائڻ لاءِ جنهن قسم جا چونڊ تڪ ٺاهي رکيا آهن، تنهن ۾ هڪ وچولي طبقي جي عوامي اڳواڻ جي چونڊ في الحال ته تمام گهڻي ڏکي آهي. تنهن ڪري مڪاني سطح کان ويندي صوبائي ۽ قومي ايوانن تائين چونڊن ۾ جيترو ممڪن ٿي سگهي مقابلو لازمي ڪرڻ گهرجي پر ان سان گڏ ضرورت سنڌ ۾ جاگيرداري خلاف اڀري آيل هِن تازي ڪاوڙ کي سياسي فهم طور اڀارڻ جي آهي. ان لاءِ سنڌ ۾ زرعي سڌارن جي نعري هيٺ جاگيرداري خلاف هڪ عوامي ۽ قانوني تحريڪ لاءِ بنادير ويچارڻ گهرجي. اهو ڪم سنڌ جون وطن دوست روشن خيال ڌريون هڪ نئين اتحاد جي صورت ۾ به ڪري سگهن ٿيون ته ان سان گڏ جيڪڏهن ڪا ڌُر اڪيلي سِر اهو ڪم ڪرڻ چاهي تڏھن به ان کي بنادير سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهڻ گهرجي. ياد رکو ته سياست ۾ مهل ۽ گهڙي جي تمام وڏي اهميت هوندي آهي ۽ هن وقت سنڌ ۾ اها گهڙي جُڙي بيٺي آهي. جيڪڏھن ڪو ملهائڻ چاهي!!