ڪالهه ملڪ جي وزيراعظم شھباز شريف خيرپور ناٿن شاهه جي جاکرو خيمه بستيءَ جو دورو ڪيو، جنھن ۾ سنڌ جو وڏو وزير به موجود ھو. 17 لک 60 ھزار آبادي رکندڙ ضلعي دادو جي باري ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته دادو ضلعي ۾ 8 لک ماڻھو ٻوڏ ۾ دربدر ٿيا آھن. وزير اعظم جي ھڪ سوال تي وزيراعليٰ سنڌ جواب ڏيندي چيو ته سڀني ٻوڏ متاثرن تائين خيما نه پھچائي سگھيا آھيون.
ھڪ ٽي وي چينل سان ڳالھائيندي وزيراعليٰ سنڌ چيو پئي ته سنڌ ۾ ھڪ ڪروڙ 80 لک ماڻھو سيلابي ٻوڏ کان متاثر ٿيا آھن، جڏھن ته متاثر خاندانن جو انگ 15 لک آھي. جن ۾ ھن وقت تائين فقط ٽي لک جي لڳ ڀڳ ماڻھن کي تنبو مھيا ڪيا ويا آھن، جڏھن ته ڪافي انگ ۾ ماڻھو سرڪاري عمارتن ۽ اسڪولن ۾ رھايا ويا آھن.
دادو ضلعي جي آبادي سترھن لک 60 ھزار آھي، جنھن ۾ پراڻي ڊي لميٽيشن موجب خيرپور ناٿن شاهه تعلقي جي ٻارھن يونين ڪائونسلن مان فقط سيتا روڊ، ڪڪڙ ۽ ٻورڙي پاڻي کان ٻاھر آھن ۽ خود تعلقي جو ھيڊڪوارٽر، تقريبن 80 ھزار آباديءَ جو شھر خيرپور ناٿن شاهه پاڻيءَ ۾ ٻڏل آھي. ميھڙ تعلقي جون پندرھن ئي يونين ڪائونسلون برساتي ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ مڪمل يا جزوي طور ٻُڏل آھن. جن ۾ شاهه پنجو، ڪولاچي، ميھڙ، مھيسر، ٻيٽو ئي ڪجھه بچي سگهيون آھن. جڏھن ته پوڻا ٽي لک آبادي رکندڙ جوھي تعلقي ۾ فقط جوھي شھر، بھاولپور، ڦلجي وليج جا ڪجھه حصا بچي سگهيا آھن. جڏھن ته دادو تعلقو ايم اين وي ڊرين جي سيلابي قھر کان ته بچيل رھيو پر ان جون به موندر، پپري، سيال، ڦلجي اسٽيشن يونين ڪائونسلون درياهه جي ٻوڏ ۾ ٻُڏي ويون آھن. ائين ئي ميڊيا ۾ آيل انگن اکرن موجب دادو ضلعو 90 سيڪڙو ٻوڏ ۾ ٻُڏل ڄاڻايو ويو آھي.
وزيراعظم کي سنڌ سرڪار جي بريفنگ موجب جيڪڏھن دادو ضلعي جي ٻوڏ متاثر آبادي 8 لک مڃي به وٺجي ته ان حساب سان اھي تقريبن سوا لک خاندان ٿين ٿا، جن مان تمام گهڻو انگ اسڪولن ۽ سرڪاري عمارتن کان ٻاھر ايم اين وي ڊرين، ايف پي بند، سپريو بند جي ڪڙُن تي ويٺل آھن، جيڪي ميڊيا ۾ مسلسل ايندڙ رپورٽن موجب ھن وقت به خيمي ۽ ڪنھن اجهي کان سواءِ ويٺل آھن. ائين جيڪڏھن 8 لک آباديءَ ۾ حمل وارين عورتن جو انگ ڪڍجي ته اھو 24000 بيھي ٿو. مطلب ته دادو ضلعي ۾ چوويھه ھزار عورتن کي حمل دوران، ويم دوران ۽ ويم کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ ڪنھن تجربيڪار مڊ وائيف جي ضرورت ۽ سھوليت درڪار آھي ۽ اھو ڪيئن ممڪن آھي ته جنھن ضلعي جي ھڪ تعلقي اسپتال مڪمل پاڻيءَ ۾ ٻڏل ۽ غير فعال ھجي، جنھن ضلعي ۾ موجود صحت مرڪز ۽ انھن ۾ موجود ويم گهر پاڻيءَ جي گهيري ۾ ھجن، جتي اسٽاف خاص ڪري زنانو تربيت يافته اسٽاف پاڻ ئي ٻوڏ ۾ ڪنھن بند تي اجهي، خوراڪ ۽ پاڻي جي ڳولا ۾ سرگردان ھجي ته اتي حمل وارين عورتن کي اھي سھوليتون ڪيئن ڏئي سگهبيون. اھو ته ھڪڙي دادو ضلعي ۾ فقط حمل وارين عورتن سان درپيش مسئلو آھي. سنڌ سطح تي سرڪاري اکرن موجب تازي برساتي ۽ سيلابي ٻوڏ ۾ ھڪ ڪروڙ اسي لک ماڻھو بي گهر ٿيا آھن ۽ پاڪستان ۾ في خاندان 5 کان 6 ماڻھن تي مشتمل آھي. ان حساب سان اھي ٻوڏ متاثر خاندان ٽيھه لک ٿيندا. جڏھن ته وزيراعليٰ سنڌ انھن خاندان جو انگ 15 لک ٻُڌايو آھي. وزيراعليٰ موجب سنڌ ۾ ٽي لک جي لڳ ڀڳ خيما ورھايا ويا آھن ته پوءِ باقي ٽيھه لک خاندانن جي اڪثريت به اسڪولن، سرڪاري عمارتن ۾ نه بلڪه اھي روڊن رستن بندن تي کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن، جن جو ڪو اوھي واھي ڪونھي.
جيڪڏھن مڃي وٺجي ته متاثر آبادي ھڪ ڪروڙ اسي لک آھي ته پوءِ انھي آباديءَ ۾ به 5 لک کان مٿي حمل واريون عورتون ھونديون، جن کي حمل ۽ ويم دوران سار سنڀال جي سھوليت گهربل آھي جيڪا نه فقط ھن وقت موجود ناھي بلڪه ان جي باري ۾ حڪومت ۽ صحت کاتي جي ڪا پلاننگ به نظر ڪانه اچي رھي آھي. نتيجي ۾ ھاڻي به روڊن رستن بندن تي اللھ جي آسري تي ويٺل سنڌ جي ماءُ ڪيمپ ۾ پنھنجي ٻار کي بنا ڪنھن تربيڪار مڊوائيف جي جنم ڏئي جيءَ به رھي ته شايد مري به رھي آھي. ڪجھه ڏينھن اڳ جڏھن ٻوڏ چوٽ چڙهيل ھئي ته خيرپور ناٿن شاهه جو فقط ھڪ ڳوٺاڻو صحت مرڪز سيتا روڊ ۽ ٽي بنيادي صحت مرڪز پاڻيءَ ۾ ٻڏل ڪونه ھئا، جڏھن ته باقي تعلقي جا سمورا صحت مرڪز پاڻيءَ ۾ ٻُڏل ھئا. ڪجھه اھڙي صورتحال جوھي ۽ ميھڙ تعلقن جي ھئي. جڏھن ته اڻ ٻُڏل صحت مرڪزن جي صورتحال به عملي جي غيرموجودگي ڪارڻ مناسب سھوليتون ڏيڻ کان لاچار ھئي. ان وقت جي خبرن موجب سنڌ جا ستر سيڪڙو صحت مرڪز برساتي پاڻيءَ ۾ ٻُڏل ھئا. ضلعي دادو جا 98 مان 53 صحت مرڪز پاڻيءَ ۾ ٻڏل ھئا. خيرپور ضلعي جا 100 مان 85، ضلعي نوشھرو فيروز جا 124 مان 114، ڪشمور جا 95 مان 65 صحت مرڪز پاڻيءَ ۾ ٻڏل ھئا. ائين ئي قمبر-شھدادڪوٽ ضلعي سميت باقي سنڌ جي ضلعن ۾ صحت مرڪزن جي مخدوش صورتحال ھئي. انھي گنڀير صورتحال ۾ سنڌ حُڪومت ۽ صحت کاتي پاران ڪا به پلاننگ سردست ظاھر ڪانه ٿي آھي ته سيلابي ٻوڏ ۾ ڦاٿل انھن ڳورهارين عورتن جا ويم ڪيئن ٿيندا. برساتي ٻوڏ ۾ ڦاٿل علائقن ۾ اجھي، صاف کاڌي، صاف پاڻيءَ جي اڻ ھوند چوطرف ڦھليل گندي پاڻي جي اُٻ، موتمار تپش، گرمي انھن عورتن سميت مستقبل ۾ جنم وٺندڙ خدا جي مخلوق جي زندگيءَ تي ڪيترا سوال کڙا ڪري ڇڏيا آھن. جتي بيوس، بي سگھه صحت کاتي آڏو ھماليه جهڙو اھو وڏو چيلينج اڳ ۾ موجود ھجي، اتي نئون چيلينج برساتي ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻھن لاءِ مليريا، ڊينگي، دست الٽيون، پيچش، ھيپيٽائٽس اي ۽ چمڙي جي بيمارين جي وبائي صورت ۾ سامھون آيو آھي. صحت کاتي پاران روز جاري ٿيندڙ بيمارين جي وچور ۾ وڏو انگ سيلابي ٻوڏ جي ڪارڻ ٿيندڙ بيمارين جو آھي جنھن جو سنڌ سطح تي روز جو انگ ھڪ لک مريضن جي لڳ ڀڳ آھي جنھن ۾ ماڻھو وڪوڙجي مري رھيا آھن، جنھن جي ڪري انھن بيمارين ڪارڻ روزانو درجنين ماڻھن جي موت رپورٽ ٿي رھي آھي.
سنڌ سميت ھن ملڪ جا حڪمران انھي بيانيي کي مسلسل ورجائي رھيا آھن. جنھن جي ڳالهھ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ڪري ويو آھي ته پاڪستان ماحول جي آلودگيءَ ۾ ھڪ سيڪڙو کان به گهٽ جو ذميوار آھي. جڏھن ته ان تي ماحولياتي گدلاڻ سبب آيل آفت انھيءَ کان تمام گهڻي آھي. ان ڪري عالمي برادريءَ کي پاڪستان جي واھر لاءِ ٻاھر اچڻ گهرجي. اھا ئي ڳالهھ جنرل اسيمبليءَ ۾ ملڪ جو وزيراعظم شھباز شريف به ڪري آيو آھي ۽ اھا ڪيسٽ بلاول ڀٽو پاران به مسلسل وڄائي پئي وڃي ته پاڪستان ۾ آيل برساتي ٻوڏ قيامت کان گهٽ ناھي ۽ اھا انھيءَ ٻوڏ جهڙي آھي جنھن کي حضرت نوح واري ٻوڏ سان تشبيهه ڏئي سگهجي ٿي. جنھن ۾ ڪجهھ به نه بچيو ھو.
سنڌ حڪومت، ملڪ جو وزيراعظم، ملڪ جو آرمي چيف ۽ ملڪ جو سنڌ ڄائو پرڏيهي وزير به اھا ئي ڳالھه ڪري رھيا آھن ته سنڌ ۾ ھڪ سئو ڪلوميٽرن تي ھڪ ڍنڍ ٺھي ويئي آھي، جيڪا حمل کان منڇر ۽ درياهه ذريعي سمنڊ ڏانھن روان دوان آھي. اھو شايد اڌ سچ آھي. سڄو سچ آھو آھي ته قمبر – شھدادڪوٽ، دادو ۽ ڄامشورو جا گهٽ ۾ گهٽ 6 تعلقا ٻوڙي، مڪمل تباھي بربادي ڪري حمل کان منڇر ذريعي درياهه ذريعي سمنڊ ڏانھن ويندڙ ٻوڏ جو پاڻي ته شايد ڪجھه ڏينھن ۾ لھي به وڃي پر درياهه جي کاٻي پاسي ٺيڙھيءَ کان ٻانڌي، نوابشاهه کان شادي لارج تائين جيڪي ڍنڍون ٺھيون آھن، جن کي نه شڪور ڍنڍ سموئي سگھي آھي نه ٽائيڊل لنڪ نيڪال ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آھي، انھي جو جانورن، فصلن ۽ اتي موجود حمل وارين مائرن سميت باقي ماڻھن جو ڇا ٿيندو.
ڳالھه ائين آھي ته غيرمعمولي برساتن جي خبر موسميات کاتي سميت سڀني کي ھئي. ھنن گنھگار اکين سان مون پاڻ جولاءِ جي ٻئي ھفتي ۾ بي بي سيءَ تي پاڪستان جي ڏکڻ ۾ خوفناڪ برساتن جي اڳڪٿي ٻڌي ۽ ڏٺي ھئي. ممڪنه شديد برساتن جي ڳالهھ تي پاڪستان ڏانھن اشارو ڪري خبر پڙھندڙ جي خراب منھن مان سمجھه ۾ آيو پئي ته پاڪستان جي ڏکڻ ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي. ان صورتحال کي منھن ڏيڻ جي تياري ڪٿي ھئي. جڏھن بلوچستان ۾ برساتون ٻوڏ بڻجي سنڌ ڏانهن ئي اچڻيون ھيون ته ان کي منھن ڏيڻ جي منصوبه بندي ڪٿي ھئي. اڃا به اھو ته ھيڏي تباھيءَ کانپوءِ پنج لک حمل وارين مائرن جي پيٽ مان ننڍڙن ملائڪن جو سنڌ ۾ اچڻ جو استقبال ۽ انھن کي اڄ جي دور جون سھوليتون ڏيڻ جو انتظام ڪٿي آھي. شايد سھولت ڏيڻ واري ڳالهھ اڃا اڳتي جي آھي. انھن مائرن ۽ سندن ڪک ۾ پلجندڙ جيو جو جيئدان ڪيئن ۽ ڪٿي ٿيڻو آھي. ان بندوبست جو فائيل ڪھڙي ڪٻٽ ۾ پيل آھي.
ڇا انھيءَ جو ڪارڻ به ماحولياتي آلودگيءَ کي قرار ڏيئي، بار بار انھي تباھيءَ کي طوفان نوح سان تشبيهھ ڏيئي ۽ ھر ھر ھڪ سئو ڪلوميٽر ڍنڍ کي ڄاڻائي جان ڇڏائڻ سنڌ جي ماڻھو کي سمجھه ۾ ايندو. برسات ۽ ٻوڏ ۾ ته وس آھر ڪردار نه ڪيو ويو نه منصوبه بندي ڪئي وئي پر ھاڻي به چار سمجھه وارا درد دل رکندڙ ماھر ويھاري موجودہ چيلينج کي منھن ڏيڻ جو ته روڊ ميپ ڏيڻ کي پنھنجو فرض سمجھي ضرور ادا ڪرڻ گهرجي. نه ته تمام گهڻا ۽ ڏکيا سوال ٿيندا جن جا جواب شايد پنھنجي معنيٰ ۽ مڃتا به وڃائي ويھندا.