فريليمو پارٽي جي ٽين ڪانگريس آڏو سامورا مشيل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو: “موزمبيقي عوام جو انقلابي تجربو ۽ مارڪسي-لينني فڪر جي آفاقي اصولن جو امتزاج فريليمو پارٽي جي رهنمائي ڪري ٿو. خاص طور تنظيم، اصول، ۽ طريقيڪار انهن ئي بنيادن تي طئي ٿين ٿا. پارٽي هميشه مارڪسي فڪر جي آفاقي اصولن کان نمائندگي حاصل ڪندي رهندي، ۽ اسان جي ملڪ ۾ طبقاتي ۽ جمهوري جدوجهد جي ارتقا جي ٺوس حالتن جو احاطو به ڪندي رهندي.”
آگسٽ 1984ع ۾ ٻن حڪمران آفريقي انقلابي پارٽين پنهنجون ڪانگريسون منعقد ڪيون. برازاويل ۾ ڪانگو جي ليبر پارٽي پنهنجي ٽين ڪانگريس ۾ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته پارٽي جي قائداڻي ڪردار کي وڌائڻ، پاڻ پارٽي اندر انقلابي قوتن جي اتحاد کي مضبوط ڪرڻ ۽ قومي اتحاد ۽ سماجي امن کي وڌائڻ لا هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته انهن تقاضائن جي تڪميل سان ئي نئين، آزاد، خوشحال، ۽ سوشلسٽ ڪانگو جي تعمير مشروط آهي. هراري ۾ زمبابوي آفريقي نيشنل يونٽي ۽ پيٽريئاٽڪ فرنٽ (زانو-پي ايف) جي ٻي ڪانگريس پڌرنامو جاري ڪيو ته پارٽي جو هدف هي آهي ته مارڪسي-لينني اصولن تي هڪ اهڙي سوشلسٽ رياست قائم ڪئي وڃي جيڪا زمبابوي جي تاريخي، سماجي، ۽ ثقافتي تجربي سان هم آهنگ هجي. ان ڪانگريس ان واٽ جي تصديق ڪئي ته زانو-پي ايف کي هڪ اهڙي هراول پارٽي بڻايو وڃي جنهن جا سماجي بنياد مزدورن ۽ هارين جي اتحاد تي قائم هجن. ڄاڻايل ٻنهي پارٽين جا نيوڪليئس عوام جي قومي آزادي جي ثابت قدم ويڙهاڪن تي مشتمل هئا. حقيقت ۾ پارٽي جو نالو زانو-پي ايف پاڻ ان تصور ۽ نظرئي جو اهڙي نموني اظهار ڪري ٿو، جهڙي نموني الجزائر جي حڪمران انقلابي آزادي جي پارٽي نيشنل لبريشن فرنٽ جو نالو ان پارٽي جي مقصد ۽ هدف ۽ نظرئي جو اظهار ڪري ٿو.
ايٿوپيا جي پورهيت عوام جي پارٽي (جنهن کي سيپٽمبر 1984ع ۾ قائم ڪيو ويو هو) جي جنرل سيڪريٽري لکيو ته فيبروري 1984ع ۾ ايٿوپيا جي انقلاب جي شروعات ۾ عبوري فوجي انتظامي ڪائونسل قيادت ڪئي. اها قيادت جدوجهد ۾ وسيع عوام جي شرڪت جي نتيجي ۾ اقتدار تائين پهتي هئي. ان وقت ايٿوپيا ۾ ڪا به هراول انقلابي قيادت نه هئي. تڏهن به “ايٿوپيا جا سمورا سچا انقلابي ان ڳالهه کان واقف هئا ته اهڙي قيادت انتهائي ضروري آهي ۽ مڪمل فتح لا ان کان سوا ڪو چارو ڪونهي. هتي عوامي سياسي نظام کي هلائڻ لا هراول پارٽي جي قيام جو ڪم هڪ اهڙي صورتحال ۾ پورو ٿي رهيو هو، جڏهن جاگيرداراڻي ذهنيت جو گهيرا موجود هو، جتي بورجوا سياسي نظريا اجنبي هئا. اهي ئي اهي معروضي سبب هئا، جن جي ڪري اهو عمل ڪيترن لاهين ۽ چاڙهين مان گذريو.”
اڄ ڪيترن ئي آزاد ٿيل ملڪن ۾ پورهيت عوام جون هراول پارٽيون يا ته مارڪسي-لينني نظرئي جون حامل آهن يا وري ان جهڙي نظريي جي بنياد تي ڪم ڪري رهيون آهن. انهن جي نظرياتي ۽ تنظيمي استحڪام لا وڏي محنت جي ضرورت آهي. ۽ اهو ڪم ان ڳالهه جو گهرجائو آهي ته پورهيت عوام جي مفادن لا ڪم ڪندڙ مختلف سياسي گروهه ۽ رجحان جيڪي مختلف رخن ۾ روان دوان آهن، هڪ هنڌ گڏ ٿين. تڏهن به اهو اتحاد رڳو انقلابي اصولن جي بنياد تي ممڪن آهي. ۽ هيٺ ڏنل مثالن مان اهو واضح ٿيندو ته مختلف ملڪن ۾ پورهيت عوام جون انقلابي هراول پارٽيون ڪيئن قائم ٿيون.
پورهيت عوام جي انقلابي هراول پارٽي جي قيام جا طريقا: جن ملڪن ۾ سرمائيداراڻو نظام ايترو اسري چڪو آهي جو ان پورهيت طبقي جي تشڪيل ڪري ڇڏي آهي، ان ۾ مارڪسي-لينني فڪر جي سائنسي نظرئي جي رهنمائي ۾ هلندڙ ڪميونسٽ يا مزدورن جون پارٽيون پورهيت طبقي جي هراول جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. ظاهر آهي ته اها پارٽي به رڳو مزدورن تي مشتمل نه هوندي. بلڪ اها ڪلي طور پورهيت طبقي جي مجموعي مفادن جي نمائندگي ڪندي.
اهو ڏيکاڻ لا ته ان پارٽي جي تخليق ڪير ۽ ڪيئن ڪري ٿو، اچو ته روس جو مثال ڏسون، جيڪو هاڻي يونين آف سوويت سوشلسٽ ريپبلڪس سڏرائي ٿو. 19هين صدي جي ٻئي اڌ ۾ ئي روس سرمائيداراڻي راهه تي ترقي جي روش اختيار ڪري ورتي هئي. ان روش جو اظهار نه رڳو ان حقيقت مان ٿئي ٿو ته هتي اهڙا جديد ترين انتهائي وڏا صنعتي ڪارخانا لڳي رهيا هئا جتي هزارين بلڪ لکين مزدور ملازم هئا، بلڪ ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته سرمائيداراڻو نظام ٻهراڙين ۾ به داخل ٿي چڪو هو. 1861ع ۾ نيم غلامي جي زرعي رشتن جي خاتمي کان پو روسي هارين جي وڏي انبوهه جي ترقي ٿي چڪي هئي. اهي ماڻهو يا ته شهرن ڏانهن لڏو کڻي ويا يا وري ڪولاڪ (ڪولاڪ اهڙي زرعي بورجوازي کي سڏيو ويندو هو، جيڪا ڪنهن هڪ اڌ دڪان يا شراب خاني جي مالڪ هئڻ کان سوا گڏوگڏ اهڙن ماڻهن جي زمين به خريد ڪندا يا ليز تي وٺندا هئا جيڪي اوزارن ۽ ڏاندن وغيره جي نه هئڻ جي ڪري پنهنجي زمين تي زراعت ڪرڻ جي قابل نه هئا.) زميندارن جا کيت مزدور بڻجي ويا هئا. نتيجي طور هاڻي ٻهراڙين جي نمائندگي ديهي بورجوازي يعني ڪولاڪ، ديهي پرولتاري يعني کيت مزدور ۽ هڪ اهڙو نيم پرولتاري يعني اهي غريب ماڻهو ڪندا هئا، جيڪي پنهنجو گذر سفر ڪرڻ لا ٿوري واڌو رقم ڪمائڻ لا هيڏانهن هوڏانهن ٿورو گهڻو ڪم ڪري وٺندا هئا. اهو وچولو هاري به موجود هو جيڪو پاڻ پنهنجي ٻني جي آمدني تي جيئرو هو ۽ نه ڪنهن کي اجوري عيوض ملازم رکندو هو ۽ نه ئي ڪنهن وٽ ڪم ڪندو هو. تڏهن به اهو پرت وڌ کان وڌ گم ٿيندو پئي ويو. ڪجهه وچولا هاري ڪولاڪ بڻجي ويا هئا، جڏهن ته ٻيا ڪيترن ئي غريب هارين جي صفن ۾ شامل ٿي ويا هئا. 1917ع جي روسي انقلاب کان ٿورو اڳ غريب ۽ پورهيو ڪندڙ هاري آبادي جو اٽڪل ٻه ڀاڱي ٽي حصو هئا.
روسي انقلابي هڪ ڊگهي عرصي تائين انقلابي جدوجهد جا درست طريقا ڳولي رهيا هئا. 19هين صدي جي آخر ۾ روس ۾ مزدورن جون يونينون ظاهر ٿيڻ لڳيون هيون ۽ ڪجهه اهڙن ماڻهن جيڪي ماضي ۾ انقلابي نرودنڪ رهيا هئا، هاڻي پورهيت طبقي سان رجوع ڪري ورتو هو ۽ مزدورن ۾ مارڪس ۽ اينگلز جي تعليم ڦهلائي رهيا هئا. جيورجي پليخانوف جو ڳاڻيٺو روس جي پهرين ڪجهه مارڪسي مفڪرن ۾ ٿئي ٿو، هو لڏپلاڻ ڪري سوئيٽزرلينڊ هليو ويو هو. هن هڪ ڇاپ خانو کولي ورتو، جنهن ۾ سندس “مزدورن جي نجات” نالي گروهه مارڪس ۽ اينگلز جي لکڻين جي ترجمن کي ڇاپڻ کان سوا هن پاڻ پنهنجا مارڪسي تجزيا شايع ڪري، انهن کي روس اماڻڻ شروع ڪري ڇڏيو. ان سرگرمي پارٽي جي تخليق لا شروعاتي تياري وارو ڪم ڏنو. پر پورهيت پارٽي جي تخليق ان وقت ٿئي ٿي جڏهن سائنسي سوشلزم جي نظرئي کي مزدورن جي عوامي تحريڪ سان ڳنڍيو وڃي. رڳو پروپئگنڊا ان ڪم کي پورو نٿي ڪري سگهي.
)هلندڙ)