ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آڊيو ليڪس

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

پاڪستان ۾ ڪير ڪيترو محفوظ آهي، ان جو اندازو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ڪو ماڻهو کنڀجي ويندو آهي ۽ اهو سالن کان پوءِ به پڌرو ناهي ٿيندو. اهڙي ريت سياستدانن جون ڪيل ڳالهيون جڏهن عوام جي ڪنن تائين پهچن ٿيون ته انهن جي تحفظ تي به سوال اٿڻ شروع ٿي ويندا آهن. سياسي فيصلا جيڪي ملڪي سلامتي يا وري ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ ڪيا ويندا آهن، اهي بنهه حساس نوعيت جا هوندا آهن ته جيئن ڪنهن دشمن ملڪ کي ان جي خبر نه پئجي سگهي. پر گذريل ڪجهه سالن کان آڊيو ۽ وڊيو ليڪ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو آهي، ان کان پوءِ ائين لڳي رهيو آهي ته هتي ڪنهن به وزير ۽ وزيراعظم جي ڪابه ڳالهه محفوظ ناهي، ڇاڪاڻ ته بند ڪمرن ۾ ڪيل ڳالهيون هاڻي جتي ڪٿي پهچي رهيون آهن.
تازو شهباز شريف جي ڪابينه جي ڪوٺايل گڏجاڻيءَ ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو آهي، ان جي آڊيو ليڪ آئي آهي. ان مان خبر پئي ٿي ته وزير اعظم هائوس به محفوظ ڪونهي ۽ اتي جيڪي فيصلا ٿين ٿا يا جن معاملن تي ڳالهايو وڃي ٿو، اهو ڪنهن نه ڪنهن ريت ڳجهي نموني رڪارڊ ٿي رهيو آهي. جنهن سان حڪومت جي ساک کي متاثر ڪرڻ سولو ٿي ويندو آهي.
ڪالهه کان هڪ نئين آڊيو ليڪ مارڪيٽ ۾ آيل آهي. اها آڊيو اڳوڻي وزير اعظم عمران خان نيازيءَ جي آهي. جنهن ۾ سندس پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. اها سڄي ڳالهه ٻولهه آمريڪي سائفر جي حوالي سان آهي. جنهن ۾ عمران خان نيازي چئي رهيو آهي ته اسان کي رڳو کيڏڻو آهي پر آمريڪا جو نالو ناهي وٺڻو ۽ ان تي هڪ ميٽنگ گهرايو. جڏهن عمران خان نيازيءَ جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آندي وئي هئي ۽ اپوزيشن پارٽين وٽ هن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ ووٽ به پورا هئا، هن هڪ فرضي ڪهاڻي گهڙي ته کيس آمريڪي سازش وسيلي گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي. ڇو ته هن آمريڪا کي پاڪستان جا اڏا ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. پر آمريڪا نه ته اڏا گهريا هئا ۽ نه ئي افغانستان ۾ آپريشن جاري رکڻ لاءِ پاڪستان جي هوائي حدن جي گهر ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته هاڻ هو گهربل افغان دهشتگردن کي مارڻ لاءِ اهڙن ميزائيلن جو استعمال ڪري رهيو آهي، جن سان فقط هدف کي نقصان پهچي ٿو ۽ ڪنهن ٻئي ماڻهو کي ڪو نقصان نٿو پهچي. ايمن الظواهري کي به اهڙي ئي ميزائيل وسيلي نشانو بڻايو ويو هو. جنهن کي هيل فائر چيو وڃي ٿو. تنهنڪري اهو هڪ ڪوڙ هو ته آمريڪا پاڪستان کان اڏا گهريا هئا.
ذوالفقار علي ڀٽو جي ٻي حڪومت جي خاتمي بابت آمريڪي سازش جو جڏهن به ذڪر ايندو آهي ته ان جي پويان سمورن محرڪن کي جاچيو ويندو آهي. ان وقت عالمي حالتون ڪجهه ٻيون هيون. دنيا باءِ پولر هئي. آمريڪا ۽ سوويت يونين پاڻ ۾ ڪٽر دشمن لڳا پيا هئا. افغانستان ان وقت جنگ جو ميدان هو. سوويت يونين ۽ آمريڪا افغانستان مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ آمريڪا کي سوويت يونين کي شڪست ڏيڻ ۽ ان جي خاتمي لاءِ هڪ اهڙي ماڻهو جي ضرورت هئي، جيڪو افغان جهاد کي قومي فرض سمجهي وڙهي ۽ اهڙو ماڻهو انهن کي ضياءُالحق جي صورت ۾ ملي ويو هو. تنهنڪري ڀٽي کي اقتدار وڃائڻو پيو ته ان جي پويان هڪ وڏي سازش جا سبب به واصح نظر اچن ٿا. هن وقت حالتون اهي ڪونه آهن جو آمريڪا روس کي شڪست ڏيڻ چاهي ۽ ان کان پوءِ عمران خان نيازي آمريڪا لاءِ ڪو ايڏو وڏو چئلينج هجي، جيڪو پاڻ آر ٽي ايس سسٽم فيل ٿيڻ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان اقتدار ۾ آيو هو. ڇاڪاڻ ته کيس ڪنهن به صورت ۾ ملڪ جو وزير اعظم ٿيڻو هو ته جيئن سندس نالي اڳيان وزير اعظم جو عهدو لڳي سگهي.
هاڻ جڏهن عمران خان نيازيءَ جي آڊيو ليڪ ٿي آهي ته ان سان اهو به واضح ٿي ويو آهي ته آمريڪي سازش نالي ڪجهه به نه ٿيو هو. هن جي حڪومت عوام لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ ڪانه هئي. عمران خان نيازي پنهنجو پاڻ کي هڪ فاشسٽ وزير اعظم ثابت ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو هو. اڄ هو پنهنجن جلسن ۾ چئي رهيو آهي ته هو اسٽيبلشمينٽ وسيلي اقتدار ۾ ڪونه آيو هو. پر سچ ڪنهن به ريت لڪندو ڪونهي. عدليه کان وٺي ادارن ۽ اسٽيبلشمينٽ عمران خان نيازيءَ لاءِ سموريون رنڊڪون صاف ڪيون هيون. هن کي وزير اعظم ڪرڻ لاءِ ميدان سجائي ڏنو ته جيئن هو ئي وزير اعظم ٿي سگهي ۽ جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو ٿيڻ جي اهل به هجي ته ان کي اهو عهدو نه ڏنو وڃي.
آمريڪي سازش جو ذڪر ان ڪري به ڪيو ويو ته جيئن عوام جي همدردي حاصل ڪري سگهجي. جيئن ته سندس حڪومت جي ڪارڪردي ٻڙي هئي ۽ اها عوامي سطح جا مسئلا حل نه پئي ڪري سگهي ۽ ان کان سواءِ عالمي اڪيلائي جهڙي ريت پاڪستان کي گهيريو ويٺي هئي، ان سان معاملا بنهه گهڻا خراب ٿي رهيا هئا، نتيجي ۾ نه رڳو عمران خان نيازيءَ جي حڪومت عوام مٿان بار ٿي پئي هئي پر اسٽيبلشمينٽ به هن جو بار کڻڻ لاءِ تيار نه هئي. ان ڪري اهو فيصلو ٿيو ته اسٽيبلشمينٽ سياسي معاملن کان پاسيري رهندي. پاسيرو رهڻ وارو فيصلو عارضي آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ممڪن ئي ڪونهي ته اسٽيبلشمينٽ ملڪي سياست کان ٻاهر رهي سگهي. اها فقط عمران خان نيازيءَ جي سياسي معاملن کان پاسيري ٿي آهي.
آڊيو ليڪ ٿيڻ کان پوءِ هو اڃا به اها ڳالهه ڪري رهيو آهي ته پورو سائفر ليڪ ٿيڻ گهرجي. جنهن لاءِ چيو ويو ته ان ۾ ڌمڪين واري ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي. سائفر تنبهه واري ٻوليءَ جو استعمال ڪا نئين ڳالهه ناهي پر اها ٻوليءَ سفارتي طور استعمال ٿيندي رهندي آهي. ان مان اهو تاثر وٺڻ ته اها سندس حڪومت خلاف سازش آهي ته ان کي ڪوبه عقلمند ماڻهو قبول نٿو ڪري سگهي.
پر وري به سوال اهو آهي ته سڀني سياستدانن جون آڊيو ليڪس ڇو ٿي رهيون آهن، اهي ڪهڙا عنصر آهن، جيڪي وزير اعظم هائوس ۾ به گهڙي ويا آهن ۽ وزير اعظم هائوس محفوظ نه رهيو آهي. سياسي معاملا جيڪي بند ڪمرن ۾ طئي ڪيا ويندا آهن. انهن جو ليڪ ٿيڻ ۽ سڄي ڪهاڻيءَ جو سامهون اچڻ جو مطلب اهو آهي ته اڄ به ملڪ ۾ سويلين بالادستي ناڪام ۽ ڪمزور حالت ۾ آهي. اهي قوتون جيڪي ملڪ کي هلائڻ چاهين ٿيون، اهي وڌيڪ طاقتور آهن. عمران خان نيازي پنهنجن مخالف سياستدانن جون آڊيو ٻڌي خوش ٿيندو رهيو آهي، هاڻ جڏهن سندس آڊيو ليڪ ٿي آهي ته هو ان جو ڌڻي ٿيڻ لاءِ تيار ڪونهي. وزير اعظم شهباز شريف ان معاملي جي جاچ لاءِ قومي سلامتي ڪميٽيءَ جو اجلاس گهرايو آهي ۽ ان تي هڪ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي پر ڇا ان سان اهو مسئلو حل ٿي ويندو. سياستدانن کي اهو سوچڻو پوندو ته اهي پنهنجي پاڻ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button