
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا ماهرا خان ڪينيڊا ۾ ايوارڊ شو ۾ شرڪت دوران مداحن جي گهيري ۾ اچي وئي، جنهن دوران هن مداحن سان گڏ نھ رڳو سيلفيون ڏنيون، پر انهن کي آٽوگراف پڻ ڏنا آهن. ماهرا خان مداحن جي ڏنل پيار تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ لکيو تھ هي سڀ بنا قيمت جي ملندو آهي.