بنيادي طور پاڻ جاگيرداري ۽ مذهبي سماج جي پيداوار آهيون. اهڙو سماج مڪمل مرداڻي حاڪميت وارو سماج هوندو آهي، جنهن ۾ عورت ٻانهي ۽ ٻار غلام سمجهيو ويندو آهي. جنهن ۾ ٻار کي گهر جي وڏي کان وٺي مٽن مائٽن جي وڏن، استادن ۽ ڳوٺ جي معتبر (معنيٰ پيسي ڏوڪڙ ۽ طاقت ۾ سگهو هجڻ) ماڻهن ۽ مذهبي قد ڪاٺ رکندڙ ماڻهو جي تعظيیم جي تعليم ڏني ويندي آهي. اهڙن ماڻهن سان جهڪي ملڻ سٺي وصف ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، جهڪي نه ملڻ واري عمل جي نندا ٿيندي آهي. وڏي جي ڳالهھ سان اختلاف رکڻ ڏوهه ۽ بغاوت سمجهيو ويندو آهي. جيڪو ايئن ڪندو آهي تنهن کي نافرمان، بيهودو ۽ باغي تصور ڪيو ويندو آهي. ان سان لاڳاپن ۾ سختي رکي ويندي آهي، ان کي مسلسل تنقيد ۽ ملامت جو نشانو بڻايو ويندو آھي. جهڪڻ، تعبداري، اطاعت ۽ وڏن کان سوال جو نه پڇڻ جاگيرداري ۽ مذهبي سماج جي بنيادي وصف آهي جنهن تي ان سماج جي اخلاقي عمارت کڙي ٿيل آهي. اهڙي سماجي اخلاقيات جي درس جي شروعات گهر کان ٿيندي آهي. ٻار کي گهر ۾ ان تي سختي سان پابندي ڪرائي ويندي آهي، جيڪو ٻار ايئن نه ڪندو آهي تنهن سان سخت سلوڪ روا رکيو ويندو آهي. نتيجي ۾ اهو ٻار اڳ ذهني طور بيمار ٿيندو آهي پوءِ آهستي آهستي هو ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي پنهنجي انفرادي شخصيت وڃائي ويهندو آهي ۽ غلام بڻجي ويندو آهي. پي ماءُ، وڏن ڀائر ڀينرن ۽ چاچن مامن جو مريد ٿيندو ويندو آهي. ان جي اطاعت واري ان عادت جي ساراهه ٿيندي آهي. هو سدورو سڏبو آهي ۽ ان سدورائپ ۽ اطاعت جي ڪري هو استادن ۽ سماجي بيمار ماڻهن هٿان ڪٽبو سٽبو ۽ استعمال ٿيندو رهندو آهي. هو ٺڳ مرشدن هٿان حال، مال ۽ آل وڃائيندو آهي. هو مذهبي شخصيتن هٿان ايمان وڃائيندو آهي. هو سماجي شخصيتن هٿان اعتبار وڃائينديو آهي. هو سياسي شخصيتن هٿان زندگي وڃائيندو آهي.
هو سماج جو هڪ اهڙو ٽشو پيير بڻجي ويندو آهي جنهن کي هرڪو پنهنجي ضرورت آهر استعمال ڪري اڇلائي ڇڏيندو آهي. پوءِ هن جي شخصيت تضادن سان ڀرجي ويندي آهي. هن جي اندر ۾ تصورن ۽ حقيقتن جا تضاد جنم وٺندا آهن. هو سڄي حياتي انهن تضادن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ جي جستجو ۾ گذاري ڇڏيندو آهي. هو سدائين ڊنل، اٻاڻڪو، فڪرمند، بي چين ۽ بي قرار رهندو آهي. جيڪڏھن کيس ڪي پل پيار جا نصيب ٿيندا آهن ته هو پاڻ کي خوش قسمت ڀائيندي سرور ۽ وجد جون حدون اورانگھي ويندو آهي. هو انهن تضادن جي ڇڪتاڻ ۾ سٺو شاعر، مصور، موسيقار، ليکڪ، رانديگر، هنرمند، سياستدان ۽ سماجي ورڪر به ٿي سگهي ٿو ته چور، ڌاڙيل، ٺڳ، اسمگلر، موالي، مجاور، مفاد پرست سوشل ورڪر ۽ ڊڪٽيٽر سياستدان به ٿي سگهي ٿو. هن کي جهڙو ماحول ملندو هو اهڙو ٿيندو ويندو. اهڙو سماج توازن وارو سماج نه هوندو آهي، اهو انتهاپسند سماج هوندو آهي. جنهن ۾ انساني جذبا اتاولا، ضدي ۽ هٺ وارا هوندا آهن. جيئن ته هو مسلسل جبر جا ماريل هوندا آهن، تنهنڪري انهن جو هر عمل ۽ ردعمل تڪڙو، جارح ۽ جلد نتيجا ملڻ جو تمنائي هوندو آهي. طبقاتي سماج صحتمند سماج نه ٿيندو آهي ڇو ته طبقاتي سماج پنهنجي فطرت ۾ مفادپرستي، منافقي، معاشي غيريقيني ۽ جبر تي بيٺل هوندو آهي جنھن ۾ سڀ طبقا هڪٻئي جو استحصال ڪرڻ ۽ ڦرلٽ ڪرڻ ۾ رڌل هوندا آهن پوءِ جنهن کي جتان به وارو ملندو آهي سو گهٽ نه ڪندو آهي ۽ ان کي پنهنجو حق سمجهندو آهي. اهڙي سماج جا ڪي به اخلاقي ۽ قانوني معيار نه هوندا آهن، سواءِ هڪڙي معيار جي ته جنهن ۾ جيتري به طاقت ۽ صلاحيت هوندي آهي. هو ان کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪندو آهي. ان ڪري اهڙي سماج ۾ ڪوبه اخلاقي ۽ قانوني ضابطو نه هوندو آهي!
طبقاتي سماج جي ٻين بيمارين سان گڏ خاص طور جاگيرداري سماج ۾ جتي نوڙت ڪرڻ، نياز ڪرڻ تعظيم ۽ تعبداريءَ کي گڻ ليکيو ويندو آهي، اتي نسل پرستي، ذات پرستي ۽ شخصيت پرستيءِ جي بيماري عام هوندي آهي. ان سماج ۾ ٻار کي ننڍي هوندي کان وٺي گهر ۾ نسل، ذات ۽ شخصيتن جي عظمت جا قصا ٻڌايا ويندا آهن. نصابن ۾ شخصيتن جي ڪمن کي ساراهيو ويندو آهي. انهن کان عقيدت جو اظهار ڪرايو ويندو آهي. ان جي اثر هيٺ ٻار به اهڙين شخصيتن کان متاثر ٿي هيرو ازم جو شڪار ٿيندو ويندو آهي، نتيجي ۾ فلم ايڪٽر، رانديگر، مرشد، مذهبي عالم، سماج سڌارڪ ۽ سياسي شخصيتون ان جا هيروز ٿيڻ لڳندا آهن ۽ هو انهن جي سحر ۾ گم ٿي ويندو آهي. انهن جهڙو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ سماج به ان کي ان پاسي ڌڪيندو آهي. ٻار کي ننڍي هوندي کان ڪنهن آئيڊيل رکڻ جي تاڪيد ڪئي ويندي آهي. جيئن ان جي نقش قدم تي هلندي هو پنهنجي ايندڙ زندگيءَ جي راهه طئي ڪري سگهي. هن کان اڪثر اهو سوال پڇيو ويندو آهي ته تنهنجو آئيڊيل ڪير آهي؟ جي ناهي ته هجڻ گهرجي. ايئن ٻار کي شخصي بتن کي سجدن ڪرڻ جي عادت وڌي ويندي آهي جيڪا عمر گذرڻ سان گڏ عقيدت جي قيد ۾ جڪڙجي ويندي آهي.
طبقاتي سماج ۾ حاڪم طبقا سياست ۾ اھڙن شخصيتن کي اڳتي آڻيندا آهن، جيڪي مالي طور طاقتور ۽ ذهني طور چالاڪ ۽ شاطر هجن، انهن کي اڀاريو ويندو آهي. انهن جي مشهوري ڪرائي ويندي آهي. اهي سياسي ماڻهو عام ماڻهن کي خوشحاليءَ جا خواب ڏيکاريندا آهن. آزادي ۽ آجپي جا ڪرشماتي تصور پيش ڪندا آهن. اهڙين شخصيتن جي سکڻن حوالن کان متاثر ٿي غريب، پورهيت، مصيبتن ۽ جبر جا ماريل ماڻهو انهن کي پنهنجو نجات ڏيندڙ، مڪمل ۽ اعليٰ انسان سمجهڻ لڳندا آهن. جڏهن ته طبقاتي اڻبرابري واري سماج ۾ پيدا ٿيندڙ شخصيت ڪڏهن به مڪمل ۽ ڪل نه ٿي ٿي سگهي. هن سماج ۾ هرڪو اڻپورو رهڻو آهي. تنهنڪري شخصيتن کان غلطيون ٿيڻ لازمي امر هوندو آهي پر پوءِ به خلق انهن مان اميد لڳائي ويهندي آهي ڇو ته هو ننڍي هوندي کان هيروز ۽ شخصيتن جي پوڄاري بڻايل هوندي آهي. هن کي پنهنجي هيروز ۾ نقص نظر نه ايندو آهي. ان ڪري اهڙي شخصيت ان جو بت بڻجي ويندي آهي پوءِ ماڻهو ڪيترائي دوکا به کائيندا آهن. انهن سياسي ۽ مذهبي شخصين تي ڪاوڙبا به آهن ۽ انهن سان پرچي به ويندا آهن.
اهڙي سماج ۾ جيڪڏهن ورلي ڪو پورهيتن جو هڏ ڏوکي سياستدان پيدا ٿيندو آهي ته اها غلامي واري نفسيات ان کي خاطر خواهه موٽ نه ڏيندي آهي. ان لاءِ اهي رايا عام هوندا آهن ته هيءَ پاڻ مولائي سڃو ماڻهو آهي، هيءَ ڇا اسان کي حق وٺي ڏيندو. جيڪڏھن اهو فرد پنهنجي محنت ۽ ڏاهپ سان اڳتي وڌندو آهي ته حاڪم قوتون کيس خاموش ڪرائي ڇڏينديون آهن يا کيس قتل ڪرائي ڇڏينديون آهن!!
اسان جي سماج جي مجموعي صورتحال به اهڙي آهي. اسان کي گهرجي ته اسين پنهنجن ٻارن کي غلام نه انسان سمجهون. انهن جي عزت ڪريون ان جي پنهنجي شخصيت کي اڀاريون، آئيڊيل جي بت پرستيءَ وارو مريض بڻائڻ بدران ان کي پنهنجن صلاحيتن تي ڀاڙڻ جو درس ڏيون. ان جي فطري سوچ کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو فراهم ڪريون. ان جو ساٿ ڏيئي ان ۾ خودداري پيدا ڪريون. ان جي تخليقي صلاحيتن کي اتساهيون ته جيئن هو آزاديءَ سان پنهنجي پرواز پنهنجي مرضيءَ سان ڪري سگهي، جيڪو ان جو فطري حق آھي ڇو ته فطرت هن کي هر لحاظ کان آزاد خلقيو آهي. اسان کي انهن گلن جو مالهي ٿيڻ گهرجي نڪي ظالم پيءُ ۽ ڏائڻ ماءُ جو ڪردار ادا ڪري کين سدائين لاءِ معذور بڻائي ڇڏيون!
پر بدقسمتيءَ سان اسان جي سماج ۾ ٻار کي گهر کان ئي غلامي، تعبداري، اطاعت، عقيدت ۽ سوال نه پڇڻ جو سبق پڙهايو ويندو آهي جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو هو پاڻ تي ڀاڙڻ بدران ٻين تي ڀاڙيندڙ هوندو آهي. ايئن جهالت، غربت،ويڳاڻپ، اعتماد جي کوٽ ۽ ذلت جو شڪار ٿيندو رهندو آهي.جيستائين اسان کي مرض جي بنيادي جيوڙي ۽ انھن جي هاڃيڪار سببن جي ڄاڻ نه هوندي، اسين ان جو علاج ڪيئن ڪري سگهنداسين؟
ان ڪري مذهبي ۽ جاگيرداري سماج جي جوڙيل شخصي بت پرستيءَ مان نڪري پنهنجي صلاحيتن تي ڀاڙيندي پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ حقيقي هاري، مزدور ۽ پورهيتن جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. اسان جي ماڻهن کي مختلف سياسي شخصيتن جي بتن کي ٽوڙي انهن جي سحر مان آزاد ڪري پنهنجن نوجوانن کي پنهنجو اڳواڻ ڪرڻو پوندو جيئن جبر ۽ ناانصافيءَ تي بيٺل هن سماج کي بدلائي سگهجي. جيستائين اسان پنهنجن ٻارن کي آئيڊيل ازم جي مرض کان نه بچائينداسين، تيستائين بيمارين ۾ ورتل سماج ۾ آزاديءَ جو تصور رڳو هڪ خواب هوندو. اهو حقيقت جو روپ نه ڌاري سگهندو.