ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جمھوريت جھڙي به ھجي آمريت کان بھتر آھي

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial


اھو پراڻو پر پنھنجي جاءِ تي اھم بيان آھي ته جمھوريت جھڙي به ھجي سا آمريت کان گهڻي بھتر آھي. مون کي ياد آھي ته پراڻي زماني ۾، انھيءَ بيان کي دوست ۽ سياستدان به ميڊيا تي بار بار اھميت ڏيندا ھئا ۽ ملڪ جي ڀلائي چاھيندڙ مختلف سياستدان به اھي بيان ورجائيندا رھندا ھئا. افسوس! ملڪ جون حالتون اھڙيون دکدائڪ ڪيون ويون جو جمھوريت جو ٻيڙو ڏهه ـ ڏهه ورھيه ڪيترا ڀيرا لاڳيتو ٻوڙيو ويو. ملڪ اڃا تائين خاص طور سڌري ناھي سگهيو ۽ نه ئي ظاھري طور سڌرڻ جو ڪو امڪان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. تازو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ (پ پ پ) جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري به اھو بيان ورجايو آھي ته آرمي چيف وزيراعظم مقرر ڪندو، جمھوريت جھڙي به ھجي آمريت کان بھتر آھي.
انھيءَ بيان جي انھيءَ ڪري به اھميت آھي جو ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جيڪو پوڻن چئن ورھين دوران وزيراعظم رھيو ۽ ھاڻي ناھي، سو ھر ڏھاڙي گهڻو ڪري اختلافي بيان ڏئي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ چاھي ٿو. وزيراعظم شھباز شريف جو بيان به ميڊيا شايع ڪيو آھي ته ڇا عمران خان، آرمي چيف جي مُدي ۾ واڌ تي اسان سان مشورو ڪيو ھو؟ عمران خان، اختلافي بيانن ذريعي ملڪ ۾ سڌي يا اڻ سڌي ريت فساد پيدا ڪرڻ چاھي ٿو. ھونئن به آرمي چيف جي واڌ وارو مدو پورو ٿيڻ وارو آھي سو ملڪ جي سربراهه کي اختيار آھي ته ڀلي مدو پورو ٿيڻ تي ملڪ جي فوج جو نئون سربراهه مقرر ڪري. انھيءَ تي سياسي ليڊر جو اعتراض ڪرڻ اجايو ۽ ناجائز آھي. عمران خان ملڪ ۾ تباھي چاھي ٿو سو غلط فھمي پيدا ڪرڻ لاءِ کوڙ بيان ڏيندو رھندو آھي. سندس بار بار بيان آھي ته عام چونڊون ڪرائڻ تائين ھاڻوڪو فوج جو سربراهه برقرار رھي. اھو پنھنجي جاءِ تي مکيه سوال آھي ته جيڪڏھن مقرر وقت تي فوج جو نئون سربراهه مقرر ٿيندو ته اھو عام چونڊن ۾ ظاھري طور رڪاوٽ ڪونه وجهندو پر عمران ڄاڻي واڻي اختلافي بيان جاري ڪري غلط فھمي پيدا ڪرڻ چاھي ٿو، جيڪو سندس پراڻو ڌنڌو آھي. ھونئن به عمران خان پاڻ “سليڪٽيڊ” ھو. سو ڄاڻي واڻي اختلافي بيان جاري ڪري اھو تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ھو اڪيلو عوام جو وڏو ھمدرد ليڊر آھي پر ٻيا ناھن. اصل ۾ سندس سرٽوڙ ڪوشش آھي ته کيس ٻيھر “سليڪٽيڊ” ڪري ملڪ جو سربراهه بڻايو وڃي پر پوڻن چئن ورھين دوران وزيراعظم طور سندس ڪردار عوام جي ڀلائيءَ لاءِ نه ھو. ھن بين الاقوامي اداري، آءِ ايم ايف سان ٺاهه ڪري لاڳيتي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آندي ۽ سندس بيان ٻيھر ورجائڻ تي مجبور آھيون ته اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ، سندس وڊيو وائرل ھئي ته مان اقتدار ۾ اچي انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ٺاهه ڪندس ته پاڻ آپگهات ڪري ڇڏيندس پر ھن اقتدار ۾ اچي پنھنجي اختلافي بيان تي عمل ڪيو. پوءِ، ڪنھن آپگهات نه ڪرڻ جو کانئس سبب پڇيو ھو ته ھن پاڻ مڃيو ھو ته مون يو ٽرن اختيار ڪيو آھي. اھو قصو انھيءَ ڪري به ورجائڻو پوي ٿو جو عمران خان ملڪ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آندي، جيڪا سندس افعالن جي ڪري اڃا به سڌي يا اڻسڌي ريت جاري آھي. جنھنڪري ڪروڙين ماڻھن جو جيئڻ اڳ ئي جنجال ٿيل آھي. انھيءَ کان سوا تازو ٻوڏ جي ڪري ڪروڙين ماڻھن جو جيئڻ دک ڀريو داستان بڻجي ويو آھي. عوام خلاف وڏين زيادتين خلاف، پوءِ به اھو تاثر ڏيندو رھي ٿو ته ھو پاڻ فرشتو آھي. سندس بدافعالن باوجود ڏوهه رڳو ٻين جو ھوندو آھي.
بھرحال، اصل ڳالھه جمھوريت جي آھي ته جيڪڏھن ملڪ اندر ڪمزور جمھوري سسٽم جاري رھي ته به اڳتي ھلي بھتر جمھوري سسٽم آڻي ملڪ کي سڌاري سگهجي ٿو. اھڙا کوڙ مثال آھن. آمريڪا جو مثال اسان جي اڳيان آھي. اتي باقاعدي عام اليڪشن ذريعي ملڪ جو سربراهه چونڊجي ويندو آھي، ڪي ته اھڙا به سربراهه ھئا جن پنھنجي ملڪ لاِءِ گهڻي ڀلائي آندي پر ڪي وري اھڙا به چونڊجي ويا جن ملڪ لاءِ ڀلائي ڪانه آندي. الٽو منفي پاليسيون اختيار ڪيون پر اصل ڳالھه اھا آھي ته آمريڪا ۾ نامناسب حڪمرانن باوجود، فوج ملڪ تي قبضو ڪونه ڪيو ۽ عام طور اھڙن حڪمرانن کي چئن ورھين جو گهربل مدو پورو ڪرڻ ڏنو ويو پر اڳتي ھلي عوام کين ٻيو ۽آخري ڀيرو ڪونه چونڊيو. ھڪ مثال آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونالڊ ٽرمپ (2017 کان 2021) جو به آھي جنھن جو عام تاثر آھي ته سندس ملڪ جي سربراهه طور ڪردار بهتر نه رھيو ھو. آمريڪا جو ھڪ بھتر صدر اڳوڻو صدر بارڪ اوباما (2009 کان 2017) به ھو جيڪو ڪل ٻه ڀيرا صدر رھيو ۽ اصل آفريڪي ھو.
ڪمزور جمھوريت جو سڀ کان اھم فائدو اھو آھي ته اڳتي ھلي سياسي حالتون بھتر به ٿي وينديون آھن ۽ انھيءَ دوران ڪيترا سمجهدار سياستدان به پيدا ٿي ويندا آھن، جيڪي نامناسب حالتن جو جائزو وٺي، انھيءَ کي ملڪ جي ڀلائيءَ لاءِ بھتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا رھندا آھن. سال 1971ع ۾ ملڪ جي گڏيل گهڻائيءَ وارو صوبو يعني اوڀر پاڪستان الڳ ٿي آزاد ملڪ بنگلاديش بڻجي ويو ھو. جڏھن ته اولهھ پاڪستان (ھاڻي پاڪستان) ۾ ڀارت سان جنگ ۾ پاڪستان ھارائي ويو ھو. بھرحال، ملڪ مڪمل تباهه ٿي چڪو ھو. پوءِ، شھيد ذوالفقار علي ڀٽي اقتدار ۾ اچي نه رڳو ملڪ کي پھريون ڀيرو مڪمل ۽ ھڪراءِ آئين ڏنو پر پاڪستان جي عوام جي ترقيءَ لاءِ ڏکئي ماحول باوجود وڏي جدوجھد ڪري ڪامياب ٿيو. تنھنڪري ھاڻي اھا دعوا به ڪرڻ ته جمھوريت ڪمزور آھي سا منھنجي سوچ موجب ڪمزورين باوجود آمريت کان سو ڀيرا بھتر آھي. ڇاڪاڻ ته ملڪي حالتون اڳتي ھلي بھتر ٿي سگهن ٿيون پر جيڪڏھن آمريت وري برقرار رهي ته ملڪ تباهه ٿيڻ لڳندو. جيڪڏھن دنيا ۾ آمريت ذريعي دائمي ترقي ٿئي ھا ته سڄي دنيا ۾ آمريت ھجي ھا. البت انھيءَ سان وقتي طور فائدو ٿيندو آھي پر دائمي ھرگز ڪونه. اھا ڳالهھ اسان جي عوام کي به نوٽ ڪرڻ گهرجي ۽ آمريت جي ھر صورت ۾ مخالفت ڪرڻ لازمي ھئڻ گهرجي.
نه رڳو ايترو پر پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) جي اھم اڳواڻ سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ ھاڻوڪي سينيٽر رضا ربانيءَ جو اھم بيان به تازو ميڊيا ۾ ڇپيو آھي. سندس چواڻي: صدر جو ڪردار ناھي، پارليامينٽ “ملٽري اسٽيبلشمنٽ” کي چوي ته حدن ۾ رھي. سندس چواڻي ھڪ شخص جنھن جو آئين ۾ ڪوبه ڪردار ناھي، اھو پنھنجو ڪردار ڳولي رھيو آھي. سندس چواڻي ڳالھيون سياسي جماعتن وچ ۾ ٿيڻ گهرجن ۽ ‘ميثاق جمھوريت’ جو نئين سر جائزو وٺڻ گهرجي. ميڊيا اھو به ڄاڻايو آھي ته وزيراعظم شھباز شريف نئين آرمي چيف جي مقرريءَ جو اشارو ڏنو آھي.
ملڪ جي ڀلائيءَ خاطر جمھوريت جي مٿي ڄاڻايل پراڻن اعلانن کي اھميت ڏئي پاڻ ۾ سياسي اختلافن باوجود مڪمل جمھوريت لاءِ سختيءَ سان عمل ڪرڻ گهرجي. جنھن جو بنياد اھو ئي ھئڻ گهرجي ته جمھوريت جھڙي به ھجي سا آمريت کان گهڻي بھتر آھي. ملڪ جو فائدو انھيءَ ۾ آھي ته آمريت جي حڪمرانيءَ واري امڪان کان جند ڇڏائڻ لاءِ جدوجھد به ڪرڻ گهرجي، جنھن ۾ ملڪ جو فائدو سمايل ھوندو. اھا به ڳالهھ نوٽ ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏھن ملڪ ۾ جمھوريت بھتر ھوندي ته سنڌ جو وجود برقرار رھندو نه ته عمران خان ته تازو اعلان ڪيو ھو ته ڊويزنن کي صوبا بڻايو. مطلب سندس اصل مقصد سنڌ ٽوڙڻ ئي آھي. بھرحال، ملڪ جي گڏيل فائدي لاءِ جمھوريت جي ھر صورت ۾ پٺڀرائي ڪرڻ گهرجي، جنھن ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ جو فائدو سمايل ھوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button