قومن جي زندگي ۾ آفتون، مشڪلاتون، تڪليفون اچڻ اڻٽر رهيون آهن ڇو ته انسان هن ڌرتي تي پنهنجي سماجي تضادن، بحران ۽ ٽڪرائن مان گذرندي فطرت جي مشڪلن ۽ آفتن سان منهن ڏيندي سفر ڪري رهيو آهي دنيا جي تمام قومن سماجي عذاب ۽ جنگيون ڀوڳيون ۽ ڏٺيون آهن يا هاڻي به ڏسي رهيون آهن انهن سان گڏوگڏ قدرتي آفتن ۽ مشڪلاتن مان به گذرندي پنهنجي تاريخ لکي آهي مشڪلن ۽ برن وقتن ۾ جڏهن به ڪا قوم گذري ٿي ته ان وقت هن جي هڪ صورت اها آهي جنهن ۾ اها قوم تڪليفن ۽ عذابن جو سفر ٿي ڪري پر انهيءَ سفر ۾ گڏوگڏ وڌندي هو پنهنجي قوتِ مزاحمت يعني پنهنجي مدافعاتي طاقت جو مظاهرو به ڪندي نظر اچي ٿي بلڪل ايئن جيئن بيماري جي حملي جو اڌ کان وڌيڪ بچاءُ جسم جي قوت مدافعت ڪندي آهي بلڪل اهڙي طرح قومي آفتن جو مقابلو به قوم جي اها قوت مدافعت ئي ڪندي آهي جيڪا آهستي هستي وڌندي قوم جي اندر طاقتور ٿئي ٿي.
جن قومن ۾ اها قومي سگھه يعني مزاحمتي طاقت ڪمزور ۽ نٻل هجي ٿي اها قوم مشڪلن ۽ مصيبتن جي وقت تمام گھڻي ويڳاڻي ۽ مايوسين ۾ وڪوڙيل نظر ايندي آهي. انهيءَ قوم جا تمام طبقا پنهنجي ان ڇڙوڇرائپ ۽ بي ترتيبي جو مظاهرو ڪندو نظر ايندا آهن استحصالي ۽ طاقتور طبقا بري ۽ مشڪل وقت ۾ وڌيڪ وحشي ۽ رهزنيت جو مظاهرو ڪندي استحصال ۽ ڪرپشن کي بيهودي طريقي سان وڌائيندي نظر ايندا ٻئي طرف قوم جي هڪ وڏي اڪثريت، هاري، مزدور ۽ معاشي طرح ڪمزور پرت ان برين حالتن ۾ ۽ معاشي بحرانن ۾ مدد جي لاءِ واجھائيندي خيراتن، فلاحي ادارن جي درن تي قطارون ڪندي انبوهن جي صورت ۾ ويڳاڻا ٿي دربدر ٿيندي نظر ايندا آهن.
فلاحي ادارن جي هڪ وڏي اڪثريت انهن برن دورن ۾ پنهنجي ان خيراتي ۽ مددي اسڪيمن مان ڪوشش ڪندي آهي ته پنهنجا اڪائونٽ ۽ ڀڀ ڀرن. تمام ٿورڙا ادارا نالي ماتر فلاحيت جي ڪم کي خيراتي سمجھڻ جي بجاءِ قومي مدد جو فرضو سمجھي ادا ڪندي نظر ايندا پر برائي ۾ ننڍڙي نيڪي نه نظر اچڻ جي برابر هوندي آهي هن ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ هر آفت ۽ ڏکيائي کان پوءِ اهو ئي عالم نظر اچي پيو هڪ اهڙي قوم جنهن هزارن سالن جو سفر عظيم تهذيب ۽ تاريخ جوڙيندي ڪيو هجي انهيءَ ۾ اهڙي ڇڙوڇڙائپ، بدحالي ۽ ويڳاڻائپ اسان کي يقينن اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ڪري ته ڇا اسان واقعي ئي اها قوم آهيون جنهن دنيا جي مٿاهين بلندي تي پهتل تهذيب کي جنم ڏنو آهي يا اسان تاريخ جي هن دور ۾ هڪ اهڙي قوم جو گروھه بڻجي ويا آهيون جنهن جو پنهنجي ماضي جي جينٽڪ سان ڪو خاص تعلق ناهي جي تعلق آهي ته اهو نٻل ڪمزور ۽ ڊپريس هجڻ ڪري پنهنجو ڪو ڪردار ادا ڪندي نظر نٿو اچي.
پاڻ هن وقت پوري ملڪ جي صورتحال کي هڪ ٻئي کان الڳ ته نٿا ڪري سگھون عوام جون تڪليفون ۽ عذاب به ڪي الڳ ٿلڳ ناهن مدد جي لاءِ واجھائيندڙ گروھه ۽ دربدر ٿيندڙ ماڻهن جا ٽولا به هر جاءِ تي آهن پر سنڌ جي صورتحال انهيءَ ڪري وڌيڪ سامهون آهي جو هن بربادي پوري سنڌ کي ڌوڏي وڌو آهي ۽ انهيءَ ڪري هن بري وقت ۾ رڳو تڪليفن ۽ عذابن تي ڳالهائڻ جي بجاءِ اهي اسان کي پنهنجي مجموعي ان قومي جوهر يعني نيوڪليئس تي به ڳالهائڻ گھرجي جنهن کي اسان قومي طاقت چوندا آهيون. تهذيبي ۽ قومي طاقت جو بنياد هميشه رياست ۽ سياست سان جڙيل هجي ٿو. رياست ۽ سياست پوري قوم جي تعمير ۽ بربادي جو بنياد هوندي آهي جڏهن اهو ڪردار ڪمزور ۽ قومي تعمير جي بجاءِ ابتو ٿيندي قوم دشمني جي روين ۾ اچي ٿو وڃي تڏهن ان قوم جو پورو تهذيبي ڍانچو برباد ٿيندي ۽ پورو تاڃي پيٽو ٽٽندي نظر ايندو، سنڌ ۾ خاص ڪري سياست هن وقت (اقتداري سياست) ان گروھه جي چنبي ۾ آهي جنهن وٽ قوم جي حيثيت تهذيب جي عزت انساني قدر يا اخلاقي قدر ڪا به معنيٰ نٿا رکن، ان گروھه پنهنجي تاريخي تربيت حڪمراني جي جنهن رويي سان ڪئي آهي اهو رويو تاريخ ۾ انهن فردن جي گروھه سان سلهاڙيل آهي، جن ٻاهرين حملي آورن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي وطن ۽ وطن واسين سان مسلسل ۽ تسلسل سان غداري ڪئي، انساني تاريخ ۾ غداري جو اهو عمل رڳو هتي نظر نٿو اچي پر پوري دنيا جي اندر محب وطن ۽ غدار ٻئي رهيا آهن. هتي ۽ دنيا ۾ فرق هي آهي ته اسان وٽ غدار قابل نفرت ۽ حقارتي تنقيد ۾ اچڻ ۽ سڏجڻ جي بجاءِ معتبر ۽ محترم ۽ عزتدار ليکيا ويا آهن انهن نه رڳو پنهنجي ذات کي ۽ گروھه کي بچائڻ جي لاءِ معتبري ۽ عزت جو چوغو پاتو پر انهن هن ملڪ جي اخلاقيات کي به بري طرح سان برباد ڪندي هڪڙا گندا ۽ غليظ رويا اهي پيدا ڪيا جو پورهئي جي عزت جي بجاءِ انهيءَ کي حقارتي لفظن ۾ سڏڻ شروع ڪيو.
پورهيت کي ڪمي ۽ ڪاسبي سڏڻ هاري ۽ مزدور کي حقارت سان ڏسڻ پورهئي جي عزت جي بجاءِ انهن جي عزت ڪرڻ جيڪي پورهيو ناهن ڪندا مثال اهو پير جيڪو پورهيو نٿو ڪري اهو مذهبي مولوي جيڪو محنت نٿو ڪري وڏيرو، سردار ته شمار ئي انهن ۾ ٿين ٿا انهن لاءِ محترم ۽ عزتدار رويا ۽ جيڪي پورهيو ڪن انهن ڏانهن حقارتي رويا انهن روين اسان جي معاشري ۾ ڏوهارين کي عزتدار ڪري پيش ڪيو نه رڳو ڏوهارين پنهنجي پاڻ کي معتبر ماڻهو جو اعزاز به ڏنو عام ماڻهو ان مڙس ماڻهو جي تشريح کي هن کي سڏڻ به شروع ڪيو اسان پنهنجي پوري تاريخ ۾ غداري جو هيڪڙ ٻيڪڙ ڪردار صرف انهن کي ڏسندي ۽ پڙهندي گذرون ٿا جن حملي جي وقت جنگ ۾ حملي آورن ٻاهرين جو ساٿ ڏنو حملي آورن جي فتح ۽ حڪمرانيءَ کان پوءِ جيڪي مراعت يافته ۽ انهن جي حڪمراني کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ هڪ وڏي لوڌ پيدا ڪئي وئي.
پاڻ تاريخ ۾ ڪڏهن به انهن جي ڪردار کي غدارن جي نالي ۾ نٿا پڙهون پوري برصغير جي تاريخ انهيءَ جو چٽو مثال آهي اهوئي سبب آهي جو قديم دورن کان وٺي انگريز حڪمراني تائين اهي غدار قدم به قدم
تاريخ جي هر دور ۾ ترقي ڪندي خان بهادر ۽ راءِ بهادي جي اعزازن سان نوازيا ويا ۽ اڄ به اسان انهن کي انهن اعزازن سان سڏيون ٿا غدار جي تشريح صرف ۽ صرف سادي اها آهي ته هو پنهنجي مفادن جي خاطر ۽ مراعتن جي خاطر قومي لٽ مار ۽ غلامي ۾ ٻاهرين حملي آورن جو ساٿ ڏي پر جيڪڏهن ان جي هاڻي جي تشريح ڪبي ته هاڻي غدار رڳو اهي ناهن پر قومي دولت کي لٽيندڙ پنهنجي دولت ٻاهرين ملڪن ۾ رکندڙ تعليم جي بربادي ڪندڙ ڏوهن جي حمايت ڪندڙ، پوري قومي بربادي ۽ بدحالي جا ذميوار اڄ جي دور ۾ ماضي جي دورن کان وڌيڪ بدتر غدار آهن ۽ انهن جي طاقت جو بنياد اهوئي آهي ته اسان سون سالن جي تاريخ جي تسلسل ۾ غدارن تي ڪا تنقيد ناهي ڪئي پر انهن کي ٻاهرين ملڪن جي حڪومتن جا اتحادي چوندي پهريون نظر انداز ڪندا آيا آهن ۽ هاڻي کين معتبر ۽ عزتدار اڳواڻ سڏيون ٿا بلڪل ايئن ئي جيئن ڏوهارين کي اسان مڙس ماڻهو چوڻ جي هڪ اها عادت اپنائي آهي جيڪا خود ڏوهارين اسان کي سيکاري آهي اهوئي اسان جي قومي بربادي جي سببن جو هڪ وڏو سبب آهي جو اسان هڪ بهترين ۽ مضبوط تهذيب جا وارث هوندي ان تهذيب کي برباد ٿيندي ڏسون ٿا ۽ پوري حڪمراني انهن جي حوالي ڪري ڇڏي آهي تاريخ جي ان قومي الميي مان نڪرڻ جو صرف ۽ صرف رستو اهو آهي ته پنهنجي قومي سڃاڻ ۾ واپس اچون جيئن شيخ اياز چيو آهي ته “آڌيءَ رات اروڙ سوچو ٿڌو ساھه ڀري، موڳا هاڻي موڙ پنهنجي واڳ وجود جي.” سنڌ جيستائين غلامانا غداري جي سياسي گرفت جي تسلسل کان ٻاهر نه نڪرندي تيستائين سنڌ جي نجات ناممڪن آهي هاڻي خوف اهو پيو ٿئي ته ڪٿي اسان هڪ بري بدتر پينو ٽولن واري قوم نه بڻجي وڃون.