ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ملڪ جو نئون پوليٽيڪل آرڊر جڙي ويو آهي،اهي جيڪي ولين هئا، اهي هيرو ۽ هيرو ولين ثابت ٿي رهيا آهن. ففٿ جنريشن وار، جنهن جا رڳو قصا ٻڌندا هئاسين يا يونيورسٽين ۾ ان مضمون تي اسپيشلائيزيشن ٿي رهي هئي، هاڻ ان جا حقيقي مظهر سامهون اچي رهيا آهن. ففٿ جنريشن وار کي سائبر جنگ به چئي سگهو ٿا، ان جو گهڻو ذڪر ان وقت جي ڊي جي آءِ ايس پي آر جي واتان ٻڌو هو. ثنا بُچا سميت، انتهائي پڙهيل لکيل دانشور ۽ ميڊيا پرسنز، جنهن ويل آءِ ايس پي آر برگيڊ جو حصو ٿي رهيا هئا ته هي شڪ ٿيو پئي ته ڪا وڏي تياري ٿي رهي آهي. ففٿ جنريشن وار جو جيڪڏهن ڪو شڪار ٿي رهيو آهي ته اهو اهم ادارو آهي. هينئر هيڪرز جي گيم شروع ٿي وئي آهي. هڪ طرف سوين ويڊيوز ۽ آڊيوز سامهون آڻڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته ٻئي پاسي عمران خان وزير اعظم جي حيثيت ۾ جنهن سائفر سان کيڏڻ گهريو پئي، اهو ان تي بيڪ فائر ٿي رهيو آهي. سائفر جون ٻه آڊيوز ته سامهون اچي ويون، پر هي سلسلو رڪجڻ وارو ناهي. پر جنهن هيڪر، عمران خان جي پارٽي ۾ هلندڙ ڄنڊا پٽ کان وٺي، مسٽر 13 ۽ مسٽر 17 جي باري ۾ ڌمڪيون ڏنيون آهن، اهي به گهٽ خطرناڪ ناهن. هي سڀني ٻڌو ۽ ڏٺو ته ففٿ جنريشن وار ۾ وزيراعظم هائوس به محفوظ نه رهيو آهي. جيڪو ڪجهه موبائل فون تي يا ڪميونيڪيشن Means جي ذريعي چيو ويو، اهو سڀ ڪجهه ريڪارڊ ٿي رهيو آهي.
گهڻو عرصو اڳ ۾ واٽر گيٽ اسڪينڊل ته سڀني ٻڌو هوندو، جنهن ۾ ان وقت جي صدر نڪسن جي خلاف سياسي ڀونچال آيو هو، جنهن بعد هن کي پنهنجي صدارتي عهدي تان استعيفا ڏيڻي پئي هئي. ان کانپوءِ هڪ ٻئي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جي خلاف مونيڪا ليونسڪي، جيڪا وائيٽ هائوس ۾ ويٽريس هئي، ان سان عشق جو اسڪينڊل سامهون آيو، جنهن تي ڪلنٽن جي صدارت ته بچي وئي، پر سندس سموري ساک داءَ تي لڳي وئي. ڀارت ۾ تهلڪا ڊاٽ ڪام پاران هٿيارن جو اسڪينڊل پڪڙيو هو ۽ ان سان ان وقت جي دفاع جي وزير کي استعيفا ڏيڻي پئي هئي. ان سان گڏ ڀارت جي اڳوڻي وزير اعظم راجيو گانڌي جو پرڏيهه مان گن خريداري ۾ ڪڪ بيڪس جو اسڪينڊل به سامهون آيو هو. اسان جي صدر اسڪندر مرزا کان وٺي Tin pot فوجي جنتا جي پرزن جي باري ۾ ڪنهن کي خبر ناهي، ان حوالي سان مڪمل ڪتاب موجود آهي. پر ان پروجيڪٽ پٺيان به ڳجها هٿ هئا. هاڻ وري ففٿ جنريشن وار جي دور ۾ سائبر وار دوران گهڻو ڪجهه موجود آهي. ان حوالي سان ويڊيوز ۽ آڊيوز ۾ ذلفي بخاري کان وٺي عمران خان تائين سڀني جا قصا ۽ ڪرتوت بيان ٿيل آهن. پر انهن تان پردو کڄڻو آهي. ماضي قريب ۾ سفارتي ڪيبلز ظاهر ڪرڻ لاءِ وڪي ليڪس جي باني جوليان اسانجي ۽ سنوڊين جا نالا به سڀني ٻڌا هوندا. سنوڊين کي روس شهريت ڏئي ڪري پنهنجو شهري بڻائي ڇڏيو آهي، پر جوليان اسانجي برطانيا جي جيل ۾ ڀوڳي رهيو آهي،هن جي آمريڪا به حوالي ڪرڻ جي گهر ڪئي هئي، جنهن تي اتفاق ڪيو ويو.
سائبر وار جي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ فائدو شريف خاندان کي ٿيو آهي، نواز شريف کي نااهل ڪرڻ کان وٺي مريم نواز جي سزا تائين، جج جي آڊيو ۽ ويڊيو ۾ جيڪي انڪشاف ٿيا، انهن معاملي جو رخ ئي تبديل ڪري ڇڏيو. هينئر مريم نواز کي ته ريليف ملي ويو آهي، پر نواز شريف به ان ساڳي ڪيس ۾ ريليف گهري رهيو آهي، ممڪن آهي ته کيس جلد ريليف ملي وڃي. انڪري هينئر تائين نواز شريف جي ڏيهه واپسي لاءِ جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون هيون، اهي ساڀيان ٿي وينديون. مريم نواز جي نااهلي ختم ٿيڻ ۽ سندس ڪرپشن جو ڪيس ثابت نه ٿيڻ سان آل شريف لاءِ اقتدار جي ايوانن جا تالا کلي چڪا آهن. جيڪڏهن نواز شريف چوٿون ڀيرو وزير اعظم ٿيڻ نه به چاهي، ته ان جي ڌيءَ مريم نواز ان لاءِ تيار هوندي. هي ملڪي سياست جو نئون موڙ هوندو. مريم نواز ۾ اها سگهه آهي، جو هو وڏن ميڙاڪن کي گڏ ڪري سگهي، جيڪڏهن نواز شريف به هن سان گڏ هجي ته عمران خان جي مقبوليت جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري سگهي ٿي. ان کان اڳ ۾ شريف خاندان، عمران خان ۽ اهم اداري کي سائبر وار مان بچي نڪرڻو آهي. جيڪڏهن حساس نوعيت جون ڳالهيون منظر تي اچي ويون ته ان جا جيڪي نتيجا نڪرندا، اهي گهٽ خطرناڪ نه هوندا. هاڻ سمجهه ۾ اچي رهيو آهي ته دنيا ڪيتري حساس نوعيت جي ٿي وئي آهي.
مريم نواز جيڪا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي نتيجي ۾ سمورن الزامن مان آجي ٿي وئي آهي، ان کي روڪڻ لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيون ويون. هن ملڪ لاءِ مشهور آهي ته هتان جا ماڻهو ڏاڍا ڪنزرويٽو آهن، پر اهي جيڪي سياسي نبض تي هٿ رکي صورتحال معلوم ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا، انهن کي خبر آهي ته ملڪ اندر جڏهن ڪا عورت حڪمران ٿي آهي يا سياسي ليڊر ٿي ڪري سامهون آئي آهي، ان کي تمام گهڻي موٽ ملي آهي. جنرل راني کي ڇڏي ڪري اتفاق سان فاطما جناح کان وٺي بيگم نصرت ڀٽو، محترما بينظير ڀٽو ۽ مريم نواز تائين سموريون سياسي اڳواڻ، مارشل لا جي خلاف ويڙهه کانپوءِ پچي راس ٿي نڪتيون. هي سموريون عورتون اسان جي لاءِ مزاحمت جون علامتون آهن، ان سان گڏ اهي سوين مرد ۽ عورتون، جن مارشل لا جي خلاف ويڙهه، جن مان ڪيترائي شهيد به ٿيا، اهي اسان جا هيروز آهن. طاقتور حڪمران، جيڪي پاڻ کي زمين جا مالڪ ۽ ناخدا سمجهندا هئا، انهن خلاف ويڙهه ڪرڻ ماڻهن پنهنجو فرض سمجهيو ۽ ويڙهه ۾ شريڪ امر ٿي ويا. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان جو معاشرو پنهنجي Totality ۾ تنگ نظر ناهي، پر اصل ۾ رياست جو ڍانچو ۽ نظام اهڙو آهي، جيڪو اهڙن اڳواڻن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڪافي سال اڳ، جڏهن نواز شريف جلاوطن هو ۽ محترما به ڏيهه ورڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي. انهن ڏينهن ۾ اسان وٽ مزاحمت جي علامت مريم نواز جي والده، ڪلثوم نواز هئي. هن جي جدوجهد کي ڏسي ڪري هي اندازو ٿي رهيو هو ته هوءَ نه صرف ڪامياب ٿيندي، پر هن جي ڌيءَ سندس گديءَ تي پير رکندي. شريف خاندان ۾ وزير اعظم شهباز شريف ۽ ان جو پٽ حمزا شريف رڳو عبوري دور جا حڪمران آهن. انهن وٽ سياسي تجربو ضرور آهي پر عوام کي ڇڪڻ جي سگهه گهٽ آهي. انڪري اهو به ممڪن آهي ته مستقبل قريب ۾ ڊرائيونگ سيٽ تي مريم نواز هجي ۽ پنجاب جي حڪمراني، شريفن جي ٻئي جنريشن جي حوالي ڪئي وڃي. حمزا شهباز کي پنجاب جو وڏو وزير ته بڻايو ويو، پر ان تي تنقيد تمام گهڻي ٿي، انڪري هاڻ پلان بي تي عمل ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن.
عمران خان لاءِ چيو ٿو وڃي ته هن هڪ ئي وقت واڳ ڌڻين، حڪومت ۽ سياسي قوتن سان ويڙهه وڙهڻ شروع ڪئي، هن سمجهيو پئي ته هن کي مات ڏيڻ واري ڪابه قوت ناهي، پر هن جتان آڪسيجن ورتي پئي ان جي سپلاءِ بند ٿي وئي. هينئر هن وٽ جيتري آڪسيجن آهي، اوترو هلندو، پوءِ آهستي آهستي ڦڙڪيون هڻي وسامي ويندو. هن سائبر وار مان گهڻو فائدو ورتو، هن جي پارٽي ۾ تربيت ورتل به ففٿ جنريشن وار برگيڊ وارا آهن. پر هو گهڻو عرصو هلي نٿا سگهن. هينئر اهي جن عمران خان کي سمورا گر سيکاريا، اهي گر، وري انهن تي استعمال ڪيا پيا وڃن، جيڪي پاڻ پهريان ئي ان ميدان ۾ موجود هئا. هو ته عمران خان جي پارٽي وارن کي “ڇوٽو” سمجهن ٿا، جن جو ڪم ئي پانو کڻي اچڻ آهي. ان سان گڏ عمران خان وٽ ايترا وسيلا ناهن، جو هو جديد اوزار خريد ڪري هڪ اداري جو مقابلو ڪري سگهي. اداري وٽ تجربو به آهي ۽ وسيلا به، انڪري هو اڳڀرا آهن. هينئر ففٿ جنريشن وار جو ٽوڙ ڳولڻ لاءِ به وڏي برگيڊ پيدا ٿي ويندي. ممڪن آهي ته ان عمل کي روڪڻ لاءِ قانون به جوڙيا وڃن، ان سان گڏ انهن هيڪرز کي سوگهو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ جديد ٽيڪنالوجي تي سيڙپ ڪئي وڃي. ان سان گڏ هي به ثابت ٿي رهيو آهي ته هن ملڪ ۾ اهي ئي سياسي پارٽيون ميدان ۾ رهي سگهنديون، جيڪي سائبر وار کان واقف هونديون. سوشل ميڊيا به هڪ برگيڊ يا سياسي پارٽي جي ونگ طور ڪم ڪندي ۽ ڪجهه پارٽين ته پهريان ئي ٽيڪنالوجي دوست تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون. اهڙي صورتحال ۾ انهن پارٽين جو ڇا ٿيندو، جيڪي ان حوالي سان ڪمزور آهن. هينئر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالوجي ۾ مولوين جون پارٽيون گهڻيون نظر اچن پيون. ان سان گڏ لبرل پارٽيون، جن ۾ پيپلز پارٽي ۽ ٻيون شامل آهن، انهن کي جديد دنيا جا گر سکڻا پوندا. جيستائين ملڪ جي مستقبل جي پوليٽيڪل آرڊر جو معاملو آهي ته شايد پهرين صف ۾ ن ليگ هوندي، ان سان گڏ پيپلز پارٽي ۽ ٻيون جماعتون وري ان جون ميجر ۽ جونيئر پارٽنرز طور ڪم ڪنديون. انهن سڀني کي پي ٽي آءِ سان مقابلو ڪرڻو پوندو. هي به حقيقت آهي ته پي ٽي آءِ کي شهري علائقن ۾ موٽ ملي، پر ٻهراڙيون جتي اڪثريتي ووٽر رهن ٿا، اهي نه صرف ٽيڪنالوجي کان وانجهيل آهن، پر جديد طريقن کان به واقف ناهن.