شوبز

ڪرينا ڪپور کي اڪيلو ڏسي مداحن جي ڊوڙ، سيلفي جي ڪوشش

بالي ووڊ جي بيبو ڪرينا ڪپور کي اڪيلو ڏسي مداحن مٿس ڊوڙ ڪري ڏني آهي ۽ ساڻس گڏ سيلفي جي ڪوشش ڪئي. ميڊيا مطابق ڪرينا ڪپور محافظن بنا ننڍي پٽ جهانگير علي خان ۽ آيا سان گڏ ايئرپورٽ پهتي تھ هڪ مداح عورت سندس سامهون اچي وئي، جنهن بعد ٻيا مداح پڻ گڏ ٿي ويا. جڏهن تھ عورت پاران سيلفي وٺڻ جي ڪوشش ۾ ڪرينا کي ڌڪا ڏنا ويا، جنهن سبب ڪرينا صورتحال تي پريشان ٿي وئي. هوڏانهن ڪرينا ڪپور خوف جو شڪار ٿيڻ بدران پاڻ کي سنڀالي ورتو ۽ مداحن سان سيلفي وٺي منزل ڏانهن رواني ٿي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button