
سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڏکن سورن ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه ٿي آهي، جڏهن کان ٻوڏ متاثر دربدر ٿيا آهن، ان وقت کان وٺي اهي سهولتن لاءِ پريشان لڳا پيا آهن. جيتوڻيڪ سنڌ جي ڪن علائقن مان پاڻي لهڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي پر تنهن هوندي به ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ وارو عمل سست لڳو پيو آهي، نتيجي ۾ نه رڳو اهي پريشان حال آهن پر انهن جي حالت به ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي. ڪئمپن ۾ موجود ٻوڏ متاثر ڪيترين ئي بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن، جن ۾ ڊينگي، مليريا ۽ پيٽ جون ڪئين بيماريون شامل آهن. اهڙي ريت اهي خوراڪ جي کوٽ جو شڪار به ٿي رهيا آهن. لکن جي انگ ۾ ٻوڏ متاثرن کي کاڌو پهچائڻ ۽ انهن کي ضرورت جون شيون ڏيڻ ايترو سولو ڪم ناهي، تنهنڪري انهن لاءِ مسئلا به وڌن ويا ۽ اهي بيوسيءَ جي حالت ۾ اڄ به ڪئمپن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور لڳا پيا آهن. ان کان سواءِ سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري زراعت سخت متاثر ٿي رهي آهي. جڏهن زراعت سخت متاثر ٿيندي ته اها خوراڪ جي کوٽ کي جنم ڏيندي. جنهن سان نه رڳو ٻوڏ متاثر پريشان ٿين ٿا پر عام ماڻهو پڻ پريشانيءَ کي منهن ڏين ٿا.
سنڌ جي آبادگارن سنڌ جي زراعت متاثر ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا هڪ حقيقت پڻ آهي، جتي جتي به پاڻي بيٺل آهي، جيڪڏهن اتان پاڻي نيڪال نه ڪيو ويو ته اتي فصل نه پوکجي سگهندا ۽ فصل نه ٿيڻ جي صورت ۾ خوراڪ جي کوٽ جو سلسلو هلندو رهندو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت صوبائي صدر محمود نواز شاهه وڊيو لنڪ ذريعي ڪئي اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي صوبائي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار يوسفاڻي، سينيئر نائب صدر نديم شاهه، دادو جي ضلعي صدر مسرور احمد ۽ ٻين جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ ضلعي صدر عرفان جتوئي، قمبر شهدادڪوٽ جي ضلعي صدر خالد احمد کوسو سميت ٻين ضلعن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گهر ڪئي وئي ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب سنڌ جي زراعت مڪمل طور تباهه ٿي چڪي آهي، ان لاءِ آبادگارن لاءِ جلد کان جلد پاليسي جوڙي آبادگارن کي ڪڻڪ جي فصل لاءِ ٻج ڏئي سندن ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي. برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي واهن، شاخن ۽ ڪئنالن جي کاٽي ڪرائي بند رستا کوليا وڃن. ٻي صورت سومر يا اڱاري ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪري مستقبل جو لائحه عمل جوڙيو ويندو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب سنڌ ۾ 40 لک ايڪڙ زرعي زمين پاڻي هيٺ اچڻ جي ڪري سارين ۽ ڀاڄين جو فصل تباهه ٿي ويو آهي ۽ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري 70 سيڪڙو ڪڻڪ ۽ ڀاڄيون جو فصل گهٽ ٿيڻ سان سنڌ ۾ خوراڪ جي کوٽ جو خدشو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد زرعي پاليسي جو اعلان ڪري آبادگارن جا مسئلا حل ڪيا وڃن.
آبادگار جن خدشن جو ذڪر ڪري رهيا آهن، اهي بلڪل درست آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾گهڻي ڀاڱي آبادگارن جون زمينون ٻڏي ويون آهن ۽ اهي هاڻ ان حالت به ڪونه آهن جو اهي انهن کي هاڻ آباد ڪري سگهن، تنهنڪري پهرين پاڻي جو نيڪال ٿيڻ ضروري آهي. سنڌ ۾ بيٺل پاڻيءَ کي ايمرجنسي بنيادن تي نيڪال ڪرڻ گهرجي ته جيئن زمين پوکي لائق ٿي سگهي، پر سنڌ حڪومت اڳ ئي اهو چئي چڪي آهي ته سنڌ مان برساتن وارو پاڻي 3 کان 6 مهينن ۾ نيڪال ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن اهو پاڻي 6 مهينن ۾ نيڪال ٿيو ته انهن جا فصل نه پوکجي سگهندا ۽ نه ئي وقت سر فصل مارڪيٽ ۾ اچي سگهندا. تنهنڪري آبادگارن جيڪو مطالبو ڪري رهيا آهن، ان کي ٻڌڻ جي ضرورت آهي. سنڌ کي گهرجي ته اها آبادگارن جي ڏنل صلاحن تي عمل ڪري. ٻي صورت ۾ اهي معاشي طور بدحاليءَ کي منهن ڏيندي. ڇاڪاڻ ته خوراڪ جي کوٽ کي رڳو آبادگار ڪونه ڀوڳيندا پر ان سان عام ماڻهو به سخت متاثر ٿيندو ۽ ان کي مختلف جنسون مهانگي اگهه تي ملنديون. هن وقت به عوام هر اسم مهانگي اگهه تي خريد ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي ته خوراڪ ذخيرو ڪندڙن جا جوا ٿي ويندا.
اسين سمجهون ٿا ته آبادگارن جي صلاحن تي عمل ڪرڻ لازمي آهي، اهي جن خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهن، اهي اجايا ڪونه آهن. تنهنڪري سنڌ جي پوکي لائق زمينن مان ترت پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ته جيئن فصل پوکڻ جو عمل شروع ٿي وڃي. ٻي صورت ۾ خوراڪ جي پيدا ٿيندڙ کوٽ سنڌ جي ماڻهن کي هر حال ۾ ڀوڳڻي پوندي.