ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي سياست جو ڪلائيمڪس

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

عوام جو هڪڙو حلقو چئي رهيو آهي ته واڳ ڌڻين هيل تائين سياسي ڌرين سان جيڪو کلواڙ ڪيو، ان جي کين عمران خان جي صورت ۾ سزا ملي وئي. هنن سدائين سياسي ڪلچر کي گدلو ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ۽ پنهنجي مرضيءَ سان اهڙا تجربا ڪيا، جيڪي سويلين حڪمرانيءَ کي مضبوط ڪرڻ بدران ڪمزور ڪندا رهيا. طاقتور حلقن کي رڳو پنهنجن سياسي ۽ معاشي مفادن جي غرض رهي، ان ڪري انهن کان اها ڳالهه به وسري وئي ته سندن پنهنجو وارو به اچڻو آهي. واڳ ڌڻين جو هائبرڊ نظام هينئر به قائم آهي، پر ان جي اڳوڻي شڪل انتهائي گندي هئي، ان ڪري انهن سموري سويلين قيادت ۽ قوتن کي پاڙان پٽي ختم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. واڳ ڌڻين عمران خان کي ٽيهن سالن تائين پاليو، ان جي تربيت ڪئي ۽ وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ ڪري، وزير اعظم جي ڪرسيءَ تي ويهاريو. ان کان پوءِ جيڪي ڪجهه ٿيو، سڀني جي سامهون آهي. هينئر سياسي ميدان ۾ واڳ ڌڻين جي ماضي ۽ حال جي ويڙهه هلندڙ آهي. ان ڪري مستقبل جو سياسي نظام ڪهڙي نوعيت جو جڙندو، ان تي گهڻي مٿاماري ڪرڻي پوندي. واڳ ڌڻين هينئر به هٿيار ڦٽا نه ڪيا آهن ۽ اهي پراڻا هٿڪنڊا استعمال ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار آهن. هو پاڻ سمجهن ٿا ته “پراڻين بوتلن ۾ شراب ڀري نٿو سگهجي.” هو پراڻن هٿيارن سان جنگ وڙهڻ جي پوزيشن ۾ ناهن. ان ڪري هو چاهين ٿا ته ڪنهن طريقي سان پاڻ بچائي، ستن پردن پٺيان رهي، نئين سري سان تياري ڪري، هڪ ڀيرو ٻيهر سويلين قوتن تي وار ڪجي. هنن ماضي ۾ به ائين ئي ڪيو، جنهن وقت بنگلاديش جو وجود حقيقت بڻجي ويو ته هو انتهائي ڪمزور ۽ زخمي حالت ۾ هئا. ان کان پوءِ اهڙا موقعا ايندا رهيا، انهن جي پڄاڻي عمران خان تائين ٿي وئي. هاڻ ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي. پر ان تي ٻه رايا ٿي نٿا سگهن ته گهوڙو گاهه سان دوستي نه ڪندو. هو سويلين حڪمرانيءَ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ پنهنجون سازشون جاري رکندا.
عمران خان، جنهن پنهنجي حڪمرانيءَ جي ڏينهن ۾ وات ڦاڙي چيو ٿئي ته واڳ ڌڻين وٽ، ان جو ڪوبه متبادل ناهي. ان ڪري هو هينئر ته مخالفن خلاف ڪارروايون جاري رکندو، پر ايندڙ پنجن سالن دوران به انهن جي اقتدار ۾ اچڻ جو ڪوبه امڪان ناهي. هن جو واڳ ڌڻين سان هڪ پيج تي رهڻ وارو راڳ ۽ ڪنهن به متبادل نه هجڻ واري خوشفهمي هاڻ ختم ٿي چڪي هوندي. ان ڪري هاڻ عمران خان، واڳ ڌڻين لاءِ اينٽي ٿيسز ٿي ويو آهي. عمران خان مڙني هٿڪنڊن، سائبر وار ۽ هائبرڊ وار جي باوجود هارايل جواري جيان آهي. هن کي عدالتن مان رليف ضرور ملي رهيو آهي، پر اهو ڪافي ناهي. ان سان عمران خان جو سياسي مستقبل بچي نٿو سگهي. عمران خان جو رياستي ادارن گڏيل طور گهيرو ڪيو آهي. ان ۾ هن جو پنهنجو به ڏوهه آهي. هن سويلين توڙي نان سويلين قوتن کي پاڻ دعوت ڏني ته اهي مٿس حملو ڪن. هن ڪابه سياسي حڪمت عملي نه اپنائي. هن کي ڪنهن به قوت سان ويڙهه لاءِ پنهنجا اتحادي رکڻ گهرجن ها، پر هن هر معاملي ۾ سولو فلائيٽ ڪئي. هن جي چوڌاري جيڪي اڳواڻ موجود آهن، اهي به وقت جو انتظار ڪن پيا. هاڻ صورتحال ايتري خراب آهي جو جيئن جي ايڇ ڪيو ۾ موبائل فون کڻي وڃڻ جي اجازت ناهي، ساڳي ريت بني گالا ۾ موبائل فون ريسيپشن تي جمع ڪرائڻي پوندي. موبائل کڻي وڃڻ تي پابندي جو فيصلو ان وقت ٿيو، جنهن وقت، بني گالا ۾ ڪور ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو پئي. ان وقت عمران خان جي چيف آف اسٽاف، شبلي فراز سڀني اڳواڻن کي فون جو سوئچ آف ڪرڻ لاءِ آگاهه ڪيو ته شاهه محمود قريشي جي فون کليل هئي. ان تي هن کي خاص ڪري چيو ويو ته شاهه جي توهان پنهنجي موبائل بند ڪيو. ان موقعي تي شاهه محمود قريشيءَ جي مک جا رنگ اڏامي ويا. اجلاس ختم ٿيندي ئي پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن جي سس پس ٻڌڻ ۾ آئي ته موبائل ته شاهه محمود قريشيءَ جو ئي بند ٿيڻ گهربو هو، ڇاڪاڻ ته مبينا طور هن تي الزام لڳندو رهيو آهي ته هو عمران خان جي حوالي سان ڪنهن طاقتور حلقي کي آگاهه ڪندو رهيو آهي. هيءَ ساڳيو ئي شاهه محمود قريشي آهي، جيڪو جنرل ضياءَ جي ڏينهن ۾ پنجاب ڪابينا جو حصو رهيو. ان کان پوءِ هڪ ٻئي فوجي آمر پرويز مشرف جي حڪمرانيءَ جي ڏينهن ۾ ملتان جو ناظم ٿيو. ان کان پوءِ ريمنڊ ڊيوس واري اشو تي پ پ حڪومت جو پرڏيهي وزير هجڻ باوجود Loyal to the King رهيو، جنهن ڪري کيس عهدي تان هٽائڻو پيو. جيڪڏهن ماضي کان حال تائين ڏسجي ته هيءَ سمورن پيرن جي عادت رهي آهي ته هنن کي بادشاهه سلامت کان سواءِ ٻيو ڪو نظر نه ايندو آهي.
هينئر عمران خان ته لهندڙ سج آهي، ان ڪري، هن کي هر پاسي کان سوگهو ڪرڻ لاءِ تياريون ٿي رهيون آهن. جيئن ئي موجوده حڪومت، جنهن کي عمران خان امپورٽيڊ سڏي ٿو، اقتدار ۾ آئي ته شروعاتي مهينن دوران واڳ ڌڻين “نيوٽرل” هجڻ جو عملي ثبوت ڏنو، جنهن وقت کين ٻڌايو ويو ته توهان حضرت نوح جي ٻيڙيءَ ۾ سوار آهيو، جيڪڏهن ٻيڙي ٻڏي ته ڪو به نه بچندو. ان ڪري پنهنجي حڪمت عملي کي تبديل ڪريو. اها به حقيقت هئي ته جيڪڏهن واڳ ڌڻي ۽ سويلين Collective wisdom or efforts نه ڪن ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها. ان کان پوءِ گهاٽي جو سودو عام ماڻهوءَ لاءِ ته هو پر خساري ۾ واڳ ڌڻي وڃن ها. ان ڪري سڀني نه فقط گڏيل ڪوششون ڪيون، پر راند ۾ کيڏاري به تبديل ڪيا. جيئن اسحاق ڊار کي ڌوئي صاف ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر خزاني جو نگهبان مقرر ڪيو ويو. هاڻ ته عمران خان جي خلاف وڌيڪ رستا کلي ويا آهن ۽ موجوده حڪومت پاران عمران خان جي خلاف هر قسم جي ڪارروائي جي حمايت جي خاطري ڪرائي وئي آهي. ان سان گڏ مريم نواز جو ڪيس مان آجو ٿيڻ ۽ نااهلي به ماضي جو حصو ٿيڻ کان پوءِ صورتحال وڌيڪ حڪمران جماعت جي حق ۾ ٿي وئي آهي. هاڻ جيڪڏهن ٻن مهينن جي اندر يا ان کان اڳ نواز شريف به ميدان ۾ لهي پيو ته پوءِ عمران خان جو ڇا ٿيندو؟
هڪڙو مشهور واقعو آهي ته محترما بينظير ڀٽو جي زماني ۾ ڪجهه صحافين سان گڏ مرحوم ڊاڪٽر اسماعيل اوڍيجو بلاول هائوس ٻاهران بيٺو هو. سياسي جوڙ توڙ جي حوالي سان ڳالهيون پئي ٿيون. اوچتو مرحوم اوڍيجي جي نظر غلام مصطفيٰ جتوئي تي پئي، جيڪو محترما سان ملاقات ڪري نڪتو پئي. ان وقت مرحوم اوڍيجي جي واتان بي اختيار نڪري ويو ته مار! جيڪڏهن جتوئي صاحب جهڙيون اجگر سياسي شخصيتون بلاول هائوس مان نڪرنديون رهيون ته سائين قائم علي شاهه جو ڇا ٿيندو؟!! اها ڳالهه نواز شريف ۽ عمران خان تي پوري لهي ٿي. نواز شريف جي پهچڻ تي مرحوم اوڍيجو هجي ها ته ساڳيو تبرو ڪري ها!
هائبرڊ نظام هاڻ هر حڪومت ۾ نموني طور متعارف ٿيندو رهندو. ڊگهي عرصي کان جنهن سويلين، ملٽري هم آهنگيءَ جي ڳالهه ٿيندي رهي ۽ چيو ويو ته ٻنهي ڌرين جي پارٽنرشپ کان سواءِ ملڪ جو وهنوار هلي نه سگهندو. هاڻ ان ٿيسز تي عمل جاري آهي. هائبرڊ نظام ۾ ڪنهن نه ڪنهن سويلين قوت يا پارٽيءَ جو شڪار جاري رهندو. اڳ نواز شريف، آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين جو وارو هو. هاڻ انهن جي جاءِ تي عمران خان موجود آهي. جيڪڏهن واڳ ڌڻي خاطري نه ڪرائين ها ته عمران خان خلاف حڪومت جيڪو به قدم کڻندي اصل حڪمران ٽنگ نه اڙائيندا ته وفاقي ڪابينا عمران خان سان گڏ شاهه محمود قريشي، اسد عمر، اعظم خان ۽ ٻين خلاف سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو نه ڪري ها. ماضي ۾ جاويد هاشميءَ جي خلاف ساڳي ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪري کيس 29 سالن جي سزا ڏني وئي، بعد ۾ مختلف ڌرين وچ ۾ پئي، معافي تلافي ڪرائي ڇڏي. پر قانون جي ڄاڻ رکندڙ چون ٿا ته جيڪڏهن حڪومت سيڪريٽ ايڪٽ تحت عمران خان ۽ ٻين جي خلاف ڪيس هلايو ته انهن کي گهٽ ۾ گهٽ 14 سال سزا ملي سگهي ٿي. ان سان گڏ هو نااهل به ٿي ويندو. جاويد هاشمي کي جيئن واڳ ڌڻين عبرت جو نشانو بڻايو.ساڳي ريت عمران خان کي به بنائڻ گهرن ٿا. عمران خان جنهن آمريڪي سائفر کي واڳ ڌڻين ۽ موجوده حڪومت جي خلاف استعمال ڪرڻ گهريو ٿي، اهو هن جي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو آهي. ٻه آڊيو ليڪس ئي عمران خان جي خلاف سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪيس هلائڻ لاءِ ڪافي آهن، پر ان پٺيان وڌيڪ آڊيو ليڪس به موجود آهن. جن ۾ عمران خان ۽ ان جا ساٿي، سرڪاري ڊاڪيومينٽس کي ليڪ ڪري، ان سان کيڏڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. وڏي ڳالهه ته عمران خان هاڻ به چئي ٿو ته شڪر آهي جو ان سائفر کي منظر تي آندو ويو. هن ته هينئر تائين ان سان کيڏيو ئي نه هو، هاڻ ضرور کيڏندو. قانون جي ڄاڻ رکندڙ چون ٿا ته عمران خان پنهنجي ۽ پنهنجن ساٿين خلاف وعدي معاف گواهه ٿي سامهون آيو آهي. هينئر عمران خان 70 سالن جي لڳ ڀڳ آهي. جيڪڏهن هن کي چوڏهن سال قيد جي سزا ملي وئي ته هو جسماني طور تي ان لاءِ اهل نه رهندو ته مستقبل ۾ حڪمرانيءَ جو خواب ڏسي سگهي. ان دوران پي ٽي آءِ جا ڪهڙا حال ٿيندا، اها چٺا ليگ جيتري به نه بچندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button