ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

رائيس ريسرچ سينٽر ۾ وڻن جي واڍي

Editorial

سنڌ ۾ هر سطح تي وڻن جي واڍي جو عمل جاري رهندو پيو اچي. سرڪاري آفيسن کان وٺي ٻيلن توڙي واهن جي ڪپن تائين اهو سلسلو هلندو رهندو آهي، جنهن ڪري سنڌ نه رڳو وڻن کان خالي ٿي رهي آهي پر ماحولياتي طور به گهڻو نقصان رسي رهيو آهي. پر ان اهم معاملي ڏانهن نه ٻيلو کاتو ڌيان ڏئي رهيو آهي ۽ نه ئي لاڳاپيل ادارا ڪي اپاءَ وٺي رهيا آهن. جهڙي ريت اهو سلسلو جاري آهي، ان کان پوءِ ائين لڳي ٿو ته سنڌ ۾ عام وڻ به اڻ لڀ ٿي ويندا. سنڌ ۾ تعليمي ادارن ۾ به وڻن جي واڍيءَ جو سلسلو جاري رهندو پيو اچي. جڏهن ته وڻ سونهن هوندا آهن، اهي آڪسيجن جو اهڙو ذريعو هوندا آهن، جن مان عوام توڙي هر جيو کي مفت ۾ آڪسيجن ملندي آهي پر انهن سڀني ڳالهين کي نظر انداز ڪري عام ماڻهو کان وٺي سرڪاري عملدار تائين سڀئي وڻن جا دشمن لڳا پيا آهن. ڪالهه به هڪ اهڙي خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن موجب ڏوڪريءَ ۾ وڻن جي واڍي ڪئي وئي آهي. اهو عمل هڪ سرڪاري اداري ۾ ڪيو ويو آهي.
ڏوڪري رائيس ريسرچ سينٽر جي ڊائريڪٽر جي آشيرواد سان سينٽر اندر سوين ايڪڙن تي بيٺل زرعي زمين تان قيمتي وڻن ۽ آفيس ۾ بيٺل پراڻن جي واڍي لاءِ اسٽيٽ آفيسر خانگي ٺيڪيدارن کي ڪروڙين رپين جا وڻ ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪري ڇڏيا. ڏوڪري ۾ وڏي تحقيقاتي اداري رائيس ريسرچ سينٽر جي ڊائريڪٽر محمد اشرف سومرو جي آشيرواد سان آفيس ۾ بيٺل نم، بيد مشڪ، ٽالهي سميت ڪيترائي قيمتي وڻ وڍرايا ويا. ذريعن موجب ٻڌايو پيو وڃي ته رائيس ريسرچ سينٽر جي زرعي زمين سوين ايڪڙن تي بيٺل پراڻن وڻن جي واڍي لاءِ رائيس ريسرچ سينٽر جي ڊائريڪٽر اشرف سومري جي آشيرواد سان اسٽيٽ آفيسر سڌير پنهور خانگي ٺيڪيدار کي ڳجهه ڳوهه ۾ ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪري ڏنا آهن، جنهن گذريل ڏينهن کان وٺي وڻن جي واڍي وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو گذريل ڏينهن به جاري رهيو. ذريعن موجب ته رائيس ريسرچ سينٽر جي اسٽيٽ آفيسر سڌير پنهور پاران آفيس ۾ بيٺل لکين رپين جا قيمتي وڻ وڍرائڻ کانپوءِ ڳجھه ڳوهه ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ذريعي ڀري وڪرو ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊائريڪٽر اشرف سومرو ۽ اسٽيٽ آفيسر سڌير پنهور مبينا طور ڪرپشن لاءِ بنا منظوريءَ جي وڻ وڍرايا آهن جنهن سان سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار جو “سرسبز پاڪستان” وارو نعرو کوکلو بڻجي ويو آهي. هوڏانهن شهر جي ساڃاهه وندن رائيس ريسرچ سينٽر واري آفيس مان قيمتي وڻن جي واڍي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ ڊائريڪٽر اشرف سومرو ۽ اسٽيٽ آفيسر سڌير پنهور خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ هن معاملي جي جاچ ڪئي وڃي.
سنڌ ۾ ڪئين اهڙا سرڪاري ادارا آهن، جتي وڻ پوکيل آهن ۽ اهي بنهه گهڻا پراڻا وڻ آهن پر انهن کي منٽن ۾ وڍايو ويندو آهي ۽ ڪاٺ وڪرو ڪري ملندڙ رقم انهن ماڻهن جي کيسي ۾ هلي ويندي آهي، جيڪي وڻن جا قاتل آهن. مٿئين خبر به ڪجهه اهڙو منظر پيش ڪري رهي آهي. ڏوڪريءَ جي رائيس ريسرچ سينٽر مان وڍايل وڻن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهڙا ماڻهو پنهنجن ادارن سان ڪيترا سچا آهن ۽ ڪهڙي ريت انهن کي کاٽ هڻي رهيا آهن. جڏهن ته ماحولياتي ماهر ان ڳالهه تي زور ڏيندا رهيا آهن ته وڌ کان وڌ وڻ پوکيا وڃن. وڌ کان وڌ ساوڪ ڪئي وڃي ته جيئن ڌرتيءَ جو وڌندڙ گرمي پد گهٽائي سگهجي ۽ ان کان سواءِ جيڪي ماحولياتي تبديليون تباهي ڏانهن وٺي وڃي رهيون آهن، انهن مان به جان ڇڏائي سگهجي پر لڳي ائين رهيو آهي ته اسان وٽ ڪوبه ماڻهو اها ڳالهه سمجهڻ لاءِ تيار ناهي. هيءَ ڪو پهريون واقعو ناهي پر ان کان اڳ به سرڪاري ادارن جا وڻ وڍي انهن جو ڪاٺ ڀڳڙن مٺ وڪرو ٿيندو رهيو آهي. ان تي ڪو به پڇاڻو نه ڪيو ويندو آهي ۽ نه ئي وڪري جي ڪا جاچ ڪرائي ويندي آهي. جنهن جي ڪري انهن ماڻهن جو من ايترو ته وڌي ويندو آهي جو وڻن جي واڍيءَ جو عمل جتي ڪٿي بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهندو آهي. هي به انهي عمل جو تسلسل آهي. جنهن جي ڪري نه رڳو سنڌ جي ادارن جي سونهن بگڙي رهي آهي پر ان سان گڏ اسين اتي موجود ماڻهن لاءِ به عذاب کي جنم ڏئي رهيا آهيون
اسين سمجهون ٿا ته هيءَ هڪ انسان ۽ ماحول دشمن عمل آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان واقعي جي ترت جاچ ڪرائي وڃي ۽ جيڪي به ماڻهو ڏوڪريءَ ۾وڻن جي واڍي ۾ملوث آهن، انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button