چوندا آھن انسان جيڪو به ھن دنيا ۾ اچي ٿو ان جون ٽي مائرون ھونديون آھن. ھڪ ماءُ اھا جيڪا پنھنجي ڪُک مان ان کي جنم ڏئي پرورش ڪري ٿي. ان جي سار سنڀار توڙي کاڌي پيتي کان وٺي ان جي ننڍي ننڍي ضرورت جو خيال رکي ٿي. ٻي ماءُ اسان جو استاد ھوندو آھي. ۽ ٽين ماءُ اھا ڌرتي ھوندي آھي جيڪا مرڻ بعد اسان جي مرده جسم کي پاڻ وٽ جڳھه ڏئي پاڻ ۾ سمائي ٿي. اڄ استادن جي عالمي ڏھاڙي تي ان ماءُ جو ذڪر، ان خيرخواھه ۽ ھمدرد جو ذڪر ڪبو جيڪي استاد جي روپ ۾ اسان جي زندگي ۾ موجود آھن. اھو استاد جيڪو اسان کي سٺي تعليم ڏئي ٿو. ھڪ ڪلاس روم ۾ ويھي ڏيھي پرڏيھي سير ڪرائي ٿو. چڱي بري جي سڃاڻپ ٿو ڪرائي. جن ھٿن سان اسان ھزارن لکن جا چيڪ سائن ڪيون ٿا انھن آڱرين کي پين جھلي سيکارڻ وارو به اسان جو استاد ھوندو آھي. اسين ڪنھن به وڏي عھدي تي ھجون، ڪو وزير مشير يا ڪي وڏا ليڪچرار يا انجنيئر ھجون، ڊاڪٽر ھجون، سياستدان يا ليکڪ، پر اسان جي ذھانت ۽ عقل کي ڇنڊي ڦوڪي نروار ڪرڻ وارو اسان جو استاد ئي ھوندو آھي. ھڪ استاد جي جيتري عزت ڪجي اوتري گھٽ آھي. اڄوڪي انھي ڏھاڙي تي مان پنھنجي سڀني ٽيچرن کي سلام ٿو پيش ڪيان ۽ اها اميد ٿو ڪيان ته اسان پيغمبري پيشي جا امين آھيون، اسان پنهنجي آئيندي جي بهترين تربيت جي لا پنهنجي پيشي سان جيتري به ايمانداري ڪنداسين اوترا ئي سٺا ماڻھو پيدا ڪري سگهنداسين.
استاد جي عظمت کي سرخ سلام پيش ڪرڻ لاءِ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ هر سال 5 آڪٽوبر جي ڏينهن کي “استادن جو عالمي ڏهاڙو” ڪري ملهايو ويندو آهي. استادن جو ڏينهن استادن جي ناقابل فراموش ڪردار کي اجاڳر ڪرڻ ۽ انهن جي انمول خدمتن جو اعتراف ڪرڻ جي مقصد سان پڻ ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن تي استادن جي محنت ۽ ڪوشش کي ساراهيو ۽ استادن کي تحفن سان گڏ سلام پيش ڪيو ويندو آهي.
جڏهن پي ٻار کي پنهنجي آڱر جھلڻ ۽ هلڻ سکاري ٿو، تڏهن استاد زندگي ۾ هميشه اڳتي وڌڻ ۽ ڪري ڪِرِي ڪري سنڀالڻ جي گر کان آشنا ڪندو آهي. هڪ دفعي ڪنهن ماڻهوءَ سڪندر اعظم کان پڇيو ته اوهان استاد جي ايتري عزت ڇو ڪندا آهيو؟ ان جو جواب ڏنائين ته والدين مون کي آسمان کان زمين تائين وٺي آيا ۽ جڏهن ته منهنجو استاد مون کي زمين تان آسمانن جي بلندين تي وٺي آيو. اهڙي طرح ٻيو ڏاهو استاد جي شان کي هن ريت بيان ڪري ٿو ته “استاد سان هڪ ڪلاڪ ڪچهري ڪرڻ ڏهن سالن جي برابر آهي” پر وڏي بدقسمتي آهي جو اسان جي سماج ۾ تعليمي نظام جي حالت اُها آهي جيڪا استادن جي آهي، ٻين لفظن ۾ اڄ ڪلهه شاگردن جي اڪثريت استادن کي پگھاردار ملازمن کان وڌيڪ ڪجهه نٿو سمجهي. اهو ئي سبب آهي ايترا اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون کولڻ جي باوجود به اخلاق ۽ تهذيب گھٽجي رهي آهي.
معاشري ۾ رهندڙ هر هڪ فرد تي اِها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هُو پنهنجي آس پاس توڙي ويجهن مٽ مائٽن کي انهي ڳالھه تي آماده ڪري ته تعليم سان ئي ترقي ممڪن آهي. تعليم کان بغير ترقي ممڪن ئي ڪونه آهي. اسان معاشرتي اصولن جي پاسداري نه ڪندي نه صرف پاڻ کي نقصان ڏنو آهي بلڪ هر هڪ شعبي کي تباھي تائين پهچائي ڇڏيو آهي. پوءِ ڀلي کڻي ڇو نه اُهو شعبو تعليم جو هجي، صحت جو هجي يا وري قانون توڙي زراعت جو هجي. اسان وٽ گهڻي تڻي ٽيڪا ٽپڻي يا بحث مباحثا تعليم جي شعبي تي ڪيا ويندا آهن ڇو ته هي شعبو باقي ٻين شعبن جو خلقڻهار شعبو آهي. هي شعبو جيتري قدر جديد گهرجن تي پورو لهندو تيئن ئي ٻيا شعبا هن جي بهتر هجڻ واري عنصر کان فائدو وٺندي پنهنجي ترقي جون منزلون طئي ڪندا. جيتوڻيڪ ڏورانهن مفاصلن تي ميسر رياستن ۽ ترقي يافته ملڪن جون منزلون طئي ڪرڻ جو سبب انهيءَ معاشري ۾ استاد جو ڪردار ۽ سندس اهميت جي ڪري ئي ممڪن هوندو آهي. اُهو ملڪ ڪڏهن به مدي خارج ۽ عالمي تناظر ۾ دقيانوسي سوچ ڏانهن گامزن نٿو رهي، جنهن ملڪ ۾ استاد جو ڪردار ۽ سندس مان مٿانهون هجي ٿو. استاد ئي بهتر معاشري جي تعمير ڪري سگهي ٿو. ملڪ جي تهذيب ۽ اعليٰ طاقت جو سبب استاد جون ڪاوشون ئي هونديون آهن.
هونئن به چوندا آهن ته ٻار جو پهريون پيار به استاد هوندو آهي. اسين پهرين قسم وارن استادن کي جڏهن به ياد ڪيون ٿا ته سندن ڪيل ڪم ۽ محنت جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿا سگهون. هي سڀڪجهه ائين ڇو آهي؟ ڇالاءِ اسين سٺن استادن کي ياد ڪيون ٿا؟ ڇاڪاڻ ته سندن ڪم سان سچائي، لڳن ۽ ايمانداري واري روش اسان کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. جڏهن ته ٻئي قسم وارن استادن پڙهائيءَ دوران اسان جي ڪنهن به قسم جي مدد ڪونه ڪئي. اسان استادن جي ڪردار ۾ هي فرق ڇو ٿا رکون يا کڻي ائين چئون ته اهڙي قسم جي سوچ اسان جي ذهن ۾ ڇو ٿي جنم وٺي؟
پنهنجي موضوع کي وڌيڪ سولو ۽ سهل ڪيون ته ڪهڙو طريقو بهتر آهي اڄڪلهه جي ماحول ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو، جيڪو ٻارن کي هنن جي پڙهائيءَ جي ترقي ۾ هنن جي مدد ڪري. ڇا اسان ڪڏهن هنن سوالن جا جواب تعليمي ادب مان ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي؟ ڪڏهن ڪو آرٽيڪل يا رسالو ڦٿوليوسين ته ڪلاس ۾ پڙهائيندي هڪ مسئلو درپيش آهي هن جو ڪو خاطرخواه حل ڪنهن ڄاڻو استاد کان پڇي وٺجي يا اڄڪلهه جا جيڪي جديد ذريعا مون وٽ هر وقت موجود آهن تن مان ڪو فائدو وٺجي. ڇا ڪڏهن هن ڳالهه جو فڪر ڪيوسين ته مونکي پڙهائيندي ڳچ عرصو ٿي ويو آھي ۽ ائين وقت گذرڻ سان گڏ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جا طور ۽ طريقا به تبديل ٿي ويا آهن. ڪڏهن اسان پنهنجي ڪردار کي سواليه نشان بڻايو ته تعليم ۾ جديد گهرجن مطابق مان هڪ استاد جو ڪردار صحيح طور تي نڀائي رهيو آهيان؟ ڇا مون پاڻ کي نين گهرجن مطابق تيار ڪيو؟ ڇا مون پنهنجو پاڻ کان ڪڏهن هي سوال ڪيو ته هڪ استاد ٻار جي سکڻ ۾ هن جي ڪا مدد ڪري سگهي ٿو. ڪيئن هڪ استاد پنهنجي روايتي ڪلاس روم کي جديد گهرجن پٽاندر ۽ ٻار دوستاڻو (چائلڊفرينڊلي) بڻائي سگهي ٿو. قطع نظر هن جي ته هر ٻار جي پڙهائي ۾ ڪيترن ئي طريقن مان ڪوبه هڪ طريقو ڪارگر ٿي سگهي ٿو. مطلب هي آهي ته پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ٻه اهڙا مشڪل مرحلا آهن جيڪي ٻين ڪيترين ئي عنصرن جي زيراثر رهن ٿا. چاهي پوءِ اهي اثر بيروني يا اندروني ڇونه هجن. اهي عنصر جهڙوڪ ٻار ۽ استاد جو هڪ ٻئي سان سلوڪ، رويو، قابليت، ٻار ۾ سکڻ جي سگهه ۽ استاد جو سيکارڻ وارو عمل، ٻار ۽ استاد جا عقيدا ۽ هنن جي ثقافتي سڃاڻ. پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وقت هي سڀ جا سڀ اهم آهن.
اڄڪلھه جي هن تيز ۽ دهل دمامن واري دور ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري عمل جي حاصلات ۾ جيڪي تبديليون اسان ڏٺيون، محسوس ڪيون ۽ پرکيون آهن ۽ غور ڪيو آهي ته استاد جيڪو ماضي ۾ ڄاڻ جو مرڪز ۽ عقل ڪل ڄاتو ويندو رهيو ان جي جاءِ هاڻي سندس ئي ڪلاس روم ۾ موجود هڪ شاگرد والاري چڪو آهي ۽ هاڻي ان استاد جو ڪم ڪلاس روم ۾ پڙهائڻ دوران ٻار کي سهولت پهچائڻ وارو ٿي ويو آهي. جيڪو استاد ٻارن لاءِ خوف جي علامت هيو، هاڻي دوست، مددگار ۽ سهولتڪار (فيسليٽيٽر) ٿي ويو آهي. اسان وٽ مستقبل جا اڳواڻ تڏهن پيدا ٿيندا، جڏهن اسين انفرادي سوچ کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنداسين. اسان جي نئين نسل کي موبائل هٿن ۾ ڏيئي ۽ ڌيان نه ڏئي ڪري ٻارن کي ڪتابن کان ڪوهين پري ِڌڪي ڇڏيو آهي. ٻيو ته ٺهيو اسڪولن ۾ به لائبريريون گهٽ استعمال ٿين ٿيون. ان ڊور گيمز ۽ آئوٽ ڊور گيمز کي به ايتري اهميت نٿي ڏني وڃي. تفريحي سرگرميون گهٽ هئڻ ۽ والدين ۽ استادن جي عدم توجهه هئڻ ڪري ٻارن ۾ چڙ، ڪاوڙ جو احساس ۽ محرومي جهڙا عنصر وڌي ويا آهن.