پاڪستان جي سياست ۾ ماحولياتي تبديلي ۽ هٿرادو ٻوڏ وارو اصطلاح وڏي پيماني تي هلندڙ آهي. ان کان اڳ پاڪستان جي سياست ۾ ڪرپشن ۽ گڊ گورننس بحث ۾ ايندڙ هئي ۽ ويجهڙائي ۾ ڪمزور معيشت سياسي ايجنڊا هيٺ آئي. پر هن وقت ڪلائيميٽ چينج سبب ايندڙ قدرتي آفتون ملڪ جي قومي سلامتيءَ لاءِ خطرو بڻجي سامهون آيون آهن. اوچتو اهڙي تبديل ٿيل صورتحال ملڪ جي سياسي حلقن ۾ سڪتو تاري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت خلاف تحريڪ انصاف جو چيئرمين ۽ اڳوڻو وزير اعظم عمران خان وڏو سياسي مقابلي وارو دنگل سجائي ويٺل هو. پر موجوده مها ٻوڏ کان پوءِ تبديل ٿيندڙ ماحول ڄڻ فيصلائتي ڪرڪيٽ ميچ برسات وسڻ سبب ڊرا ٿي وئي هجي.
پاڪستان جون پاليسيون جوڙڻ ۾ عسڪري ادارن جو سدائين وڏو عمل دخل رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو عالمي خابرو ادارا دفاع واري اڳوڻي سيڪريٽري (ر) ليفٽيننٽ جنرل نعيم خالد لوڌي جي انهيءَ ڳالهه کي انتهائي اهم سمجهي رهيا آهن، جنهن ۾ هن جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ موسمي آفتون پاڪستان جي مستقبل لاءِ سيڪيورٽي خطرو بڻجي سامهون آيون آهن. ان ڪري هن وقت ملڪ جي ڪمزور معيشت کان به وڏو مسئلو ڪلائيميٽ چينج بڻيل آهي. هن خبردار ڪندي چيو ته پاڪستاني فوج جي افرادي قوتن کي آبي گذرگاهه جو رستو صاف ڪرائڻ، ڊيمن جي مرمت ۽ صفائيءَ کي بهتر ڪرڻ ۽ پرڏيهي وزارت کي موسمياتي تبديليءَ جي ڪري پيدا ٿيندڙ آفتن کان بچڻ لاءِ زوردار ماحولياتي سفارتڪاري تي زور ڏنو آهي.
پاڪستان جي مها ٻوڏ جي صورتحال ڏسڻ لاءِ آيل گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ٻوڏ جي صورتحال ڏسي چيو ته مون پنهنجي حياتيءَ ۾ ايڏي تباهي نه ڏٺي آهي. پرتگال جي سوشلسٽ پارٽيءَ جو اڳواڻ ۽ 1995ع کان 2002ع تائين پرتگال جو وزير اعظم رهندڙ 73 سالن جي ڄمار واري سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان جو عالمي سطح تي ماحولياتي گدلاڻ پيدا ڪندڙ گلوبل وارمنگ وارن گيسن پيدا ڪرڻ ۾ هڪ سيڪڙو آهي. پر ڪلائيميٽ چينج جي ناڪاري اثرن سبب پاڪستان انهن ڏهن ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي ڪلائيميٽ جي تبديليءَ جي سنگين اثرن مان گذري رهيا آهن. ان ڪري دنيا جي صنعتي امير ملڪن کي عالمي سطح تي پاڪستان جي نقصان جي پورائي لاءِ ڪلائيميٽ واري انصاف ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي. هوڏانهن ماحولياتي ماهرن پاڪستان ۾ مها ٻوڏ جي تباهي دنيا کي ڪلائيميٽ چينج جو الرٽ سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي. عالمي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي زد ۾ ايندڙ ماڻهن جو گلوبل وارمنگ پيدا ڪرڻ ۾ ڪوبه ڪردار نه آهي. هو عام طور تي ڪچن گهرن ۾ رهندڙ هئا. فضا ۾ ماحولياتي آلودگي وڌڻ ۽ صنعتي ملڪن پاران تيل ۽ صنعتي ٻارڻ جي نتيجي ۾ فضا ۾ ڪاربان وڌڻ جي نتيجي ۾ اوزون جي تهه کي نقصان پهتو آهي. جنهن سبب هڪ پوائنٽ 2 سينٽي گريڊ گرمي پد وڌي چڪو آهي. پاڪستان جي اتر ۾ هماليا جا گليشيئر هن خطي جي ملڪن جي ماحوليات جا ضامن رهيا آهن. عالمي سطح تي اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب کان پوءِ هماليا جي گليشيئرن ۾ سڀ کان وڏي مقدار ۾ برف موجود آهي. هماليا جي گليشيئرن جي ماحوليات جي تحفظ لاءِ هن خطي جي ملڪن ۾ سارڪ تنظيم وارو فورم 1985ع ۾ جوڙيو هو ته جيئن هن خطي جا ملڪ پنهنجي خطي جي ماحوليات جي تحفظ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي سگهن. هن وقت هڪ پوائنٽ 2 سينٽي گريڊ گرمي پد وڌڻ جي نتيجي ۾ اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب کان پوءِ هماليا جا گليشيئرز تيزيءَ سان ڳرڻ لڳا آهن. اهڙي صورتحال هن خطي لاءِ سنگين خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي.
همياليا ۽ پامير جي چوٽي: ڪشمير، لداخ، قراقرم، ڪارگل، تبت، برزا هوم، هندو ڪش، ڪي ٽو، پامير ۽ هماليا، هونءَ ته کڻي ڪن علائقن گليشئرز، جابلو چوٽين ۽ جابلو سلسلي جا نالا هجن. پر هيءَ دنيا جي ڇت جي حيثيت رکندڙ سڄو علائقو ڏکڻ ايشيا جي سڀني دريائن جي ماءُ وارو هنڌ به آهي. پامير جي رينج ۾ نه رڳو 2991 گليشيئرز آهن. پر وچ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ڏانهن سمورا گس هتان نڪرندا آهن. هي نه رڳو ڏکڻ ايشيا جي برساتن، دريائن ۽ موسمون ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ وارو هنڌ به آهي ته وري موسمي طور تي ٻوڏون ۽ ڏڪار به هن خطي مان طئي ٿيندا آهن.
گڏيل قومن جي هڪ زيلي اداري جي تحقيق موجب هماليا جا ست هزار گليشيئرز تيزيءَ سان ڳرڻ لڳا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي جي علائقي ۾ 3000 هزار نيون ڍنڍون ٺهي چڪيون آهن. جن مان 33 اهڙيون ڍنڍون ڄاڻايون ويون آهن جيڪي ڪنهن به وقت ڦاٽي سگهن ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾ ڪئين ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ۽ پٿرن جو ملبو وڏن جبلن تان هيٺ ڪرندو. جنهن سبب 70 لک ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ ڄاڻايون ويون آهن. ان ڪري عالمي سفارتڪاريءَ ۾ اها گهر وڌڻ لڳي آهي ته دنيا جا امير صنعتي ملڪ جيڪي گلوبل وارمنگ پيدا ڪرڻ جو بنياد بڻيل آهن، انهن ملڪن کي اهڙو هرجاڻو ادا ڪرڻ گهرجي. عالمي سطح تي ٿورو گهڻو ان موضوع وارو بحث وڌڻ ته لڳو آهي، پر ان تي ڪا ڀرپور لابنگ شروع نه ٿي سگهي آهي. هوڏانهن ننڍي سطح تي عالمي ميڊيا ۾ اها ڳالهه شروع ٿي آهي ته عالمي مالياتي ادارا پاڪستان جو قرض معاف ڪن. جڏهن ته سائنسي طور تي پاڪستان ۾ ڪلائيميٽ چينج جو ٻه طرفو سسٽم ڏٺو ويو آهي. جنهن ۾ هڪ سسٽم ايل نينو آهي، جيڪو خشڪ سالي ۽ ڏڪاري حالتون پيدا ڪري ٿو ۽ ٻيو لائنينيا وارو سسٽم آهي. جيڪو سيلاب ۽ ٻوڏ آڻي ٿو. ڪلائيميٽ چينج ٻنهي نظامن ۾ شدد پيدا ڪري ڇڏي آهي.
سارڪ جي صورتحال: 1985ع ۾ سارڪ جو وجود پيو. هن وقت هن تنظيم جا 8 ميمبر آهن. افغانستان هن تنظيم ۾ 2007ع ۾ شامل ٿيو آهي. ان کان اڳ پاڪستان، انڊيا، بنگلا ديش، سري لنڪا، نيپال، ڀوٽان ۽ مالديپ شامل آهن. هن تنظيم جو هيڊڪوارٽر نيپال جي گادي واري شهر کٽمنڊو ۾ آهي. هن تنظيم هڪ ٻئي سان سهڪار جي سلسلي ۾ 11 شعبا مخصوص ڪيا آهن. جن ۾ سڀ کان اهم ماحوليات آهي. زراعت، تعليم، ثقافت، رانديون، صحت، عورتن ۽ ٻارن جي ڀلائي، سياحت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ منشيات جي روڪٿام شامل آهن. پر انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪارگل واري لڙائي کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي فوجي چرپر گليشيئرز کي وڏو نقصان پهچايو آهي. انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اهڙي ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ سارڪ تنظيم جون سهڪاري سرگرميون پڻ تمام گهڻيون گهٽجي ويون آهن.
ماحولياتي سفارتڪاري: ان سلسلي ۾ جتي صنعتي امير ملڪن خلاف گلوبل وارمنگ پيدا ڪرڻ خلاف زوردار مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، اتي ريجنل سطح تي سارڪ جي ملڪن جي وچ ۾ ماحولياتي اپاءَ اڳڀرائي پڻ ڪرڻي آهي.
پاڪستان جي اڳوڻي سفير عبدالباسط جو چوڻ آهي ته ماحولياتي سفارتڪاري جي سلسلي ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت وٽ ماحولياتي ماهرن جي کوٽ آهي. هن چيو ته 2010ع ۽ 2011ع ۾ ٻئي سال وڏيون ٻوڏون آيون. عالمي سطح تي ان وقت اهڙي سفارتڪاريءَ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي هئي. پر ان دوران جيڪي ماهر پرڏيهي وزارت ۾ شامل ٿيا، اهي ٿوري عرصي ۾ پرڏيهي وزارت کي ڇڏي ٻين عالمي اين جي اوز يا يو اين او جا ملازم ٿي ويا. ان ڪري هن وقت پاڪستان کي ايڏي وڏي ٻوڏ ۾ جنهن جارحاڻي ماحولياتي سفارتڪاريءَ جي ضرورت هئي، اها نه ٿي سگهي آهي. هن جو چوڻ هو ته سيپٽمبر ۾ جنرل اسيمبليءَ جو اجلاس ان لاءِ اهم هو. پر پاڪستاني وفد ۾ وزيرن جو ته وڏو انگ ضرور موجود هو، پر ماحولياتي ماهر ان وفد ۾ شامل نه هئا. ڪلائيميٽ چينج جي وفاقي وزير شيري رحمان کي صحافت ۽ سفارتڪاريءَ جو تجربو به هو، پر ماحولياتي مهارت نه هجڻ سبب گلوبل وارمنگ واريون گيسون پيدا ڪندڙ مغربي ملڪن کان وٺي چين ۽ انڊيا تي به گلوبل وارمنگ وارو ڪيس جوڙي نه سگهي.
ماحولياتي تبديلي ۽ انتظامڪاري: پاڪستان ۾ گذريل 12 سالن جي عرصي دوران ٽي وڏيون ٻوڏون ٿيون ۽ بلوچستان ۽ ٿر ڏڪاري صورتحال مان گذريو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان عالمي فورمز تي گڏيل قومن ۽ ٻين ادارن جي مدد سان ڪجهه اپاءَ وٺڻ لاءِ ڪيترن ئي فورمز تي صحيون ڪيون. پر ان ۾ ڪجهه به اڳڀرائي نه ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ موجوده وڏي ٻوڏ کان اڳواٽ پاڻيءَ جا قدرتي لنگهه خالي ڪرائڻ وڏا بند ٻڌائڻ وارا ڪنهن به قسم جا اپاءَ نه ورتا ويا.
ڪهڙا اپاءَ وٺڻ گهربا هئا: سنڌ ۾ درياءَ جي کاٻي پاسي ايل بي او ڊي جي ناڪامين جو خاتمو آڻڻو هو ۽ پاڻيءَ جي قدرتي لنگهن تي ٿيل قبضا ۽ رڪاوٽون خالي ڪرائڻيون هيون. ڍورن جو وهڪرو پاڙيسري ملڪ جي حدن ۾ رڻ آف ڪڇ ۽ شڪور ڍنڍ جي ڇوڙ ۾ پيدا ٿيل رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ پاڙيسري ملڪ هندستان سان خارجا سطح تي ڳالهيون ڪري معاملي جو حل ڳولڻو هو.
درياءَ جي ساڄي پاسي تي ايف پي بند جي ڪمزور ۽ گهارن پيل هنڌن کي مضبوط ڪرڻو هو. 2010ع ۾ ڪي اين شاهه جي ٻڏڻ جو سبب بڻيل سپريو بند کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو هو. آر بي او ڊي جو اڌ ۾ رهيل ڪم جنگي بنيادن تي مڪمل ڪرڻو هو. درياءَ جي ساڄي پاسي واري سڄي برساتي پاڻيءَ جو دٻاءُ منڇر ڍنڍ تي پوندو رهيو آهي. ان جي بحالي لاءِ اپاءَ وٺڻا هئا. برساتن جي اڳڪٿي باوجود منڇر جو پاڻي خالي نه ڪرايو ويو. منڇر جا بند مضبوط نه ڪيا ويا. جڏهن ته ايف پي بند جا ڪمزور هنڌ مضبوط نه ڪيا ويا. ويندي سپريو بند کي 2010ع ۾ لڳل گهارو به بند نه ڪيو ويو. ايتري تائين جو سنڌو درياءَ ۽ روهڙي ڪئنال جو اضافي پاڻي هڪ ٻئي ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪنڊيارو ۽ مٽياري وارين ڇنڊڻين جي گيٽن جي مرمت به نه ڪرائي وئي. ڪنڊيارو واري ڇنڊڻ جي پيٽ ۾ قبضا هئا، جيڪي هنن سٽن جي لکجڻ تائين خالي نه ٿي سگهيا ۽ مٽياري ڇنڊڻ جڏهن کولڻ ۽ بند ڪرڻ دوران ڇنڊڻ جو گيٽ ڀڄي پيو. ان دوران ڪوٽڙي بئراج تي پنج لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي ڪراس ٿي رهيو هو. جنهن جي نتيجي ۾ مٽياري ڇنڊڻ جو گيٽ بند نه ٿي سگهڻ جي ڪري بائو ديرو وٽان نيشنل هاءِ وي بند ٿي ويو ۽ روهڙي ڪئنال ۾ تيزيءَ سان درياءَ جو پاڻي داخل ٿي ويو. جنهن کان پوءِ ايمرجنسيءَ ۾ آبپاشي کاتي جي 10 موٽر مشينن جي مدد سان روهڙي ڪئنال جو پاڻي درياءَ ۾ نيڪال ڪيو ويو. پر نوشهري ضلعي ۾ ساڍا سترهن سئو ملي ميٽرز برسات پوڻ جي باوجود ڪنڊيارو ڇنڊڻ فنڪشنل نه هجڻ سبب ضلعي جو پاڻي هنن سٽن جي لکجڻ تائين نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. هاڪڙو ڍورو کي ڏنل بند ۽ قبضا خالي نه ڪرايا ويا ۽ نه وري جهڏو شهر جي وچ مان گذرندڙ پراڻ درياءَ جي پيٽ ۾ جوڙيل ڪالونيون ۽ بنگلا ٽوڙي ان جو وهڪرو بحال ڪرايو ويو. آڪٽوبر ۽ نومبر ۾ چيٽ جي فصل جي پوکي ٿئي ٿي. پر ٻوڏ واري علائقي مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. متاثر ٿيل ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ وڃي نه سگهيا آهن. کين پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ کاڌو ميسر نه آهي. متاثر علائقي ۾ هيضي، چمڙي، مليريا، ڊينگي، ٽائيفائيڊ ۽ ڳورهاريون عورتون سخت تڪليف مان گذري رهيون آهن. اهوئي سبب آهي جو برساتون ڀلي کڻي ڪلائيميٽ چينج جي بنياد تي شدت سان وٺي آهي. پر ڄاڻايل انتظام ڪرڻ ته وقت جي حڪومت جي وس ۾ هئا، جيڪي نه ڪيا ويا. ان ڪري سياسي پارٽيون چوڻ تي مجبور ٿيون آهن ته هيءَ هٿرادو ٻوڏ آهي.