
پاڪستاني اداڪارا ناديا افغان شادي ڪرڻ بعد عورت جي نالي ۾ تبديلي آڻڻ ۽ ان کي مڙس جي نالي سان ڳنڍڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ناديا افغان هڪ مداح جي سوال جي جواب ۾ لکيو تھ مان سالن کان اهو چوندي رهي آهيان تھ شادي بعد عورت جي سڃاڻپ نھ بدلجڻ گهرجي، اصل نالو رهڻ ڏيو.