ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

خيرپور ۾ رهائشي اسڪيمن خلاف ڪارروائي

Editorial

سنڌ ۾ ڪيتريون ئي هائوسنگ اسڪيمون آهن، جيڪي غيرقانوني ٺهيل آهن. ٽائون پلاننگ جي گهرجن کي نظرانداز ڪري انهن اسڪيمن کي جتي ڪٿي تعمير ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته ٽائون پلاننگ جي قاعدن قانون کي پاسيرو ڪري ڪنهن به ريت اسڪيمون تيار نٿيون ڪري سگهن. پر سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به سڀ ڪجهه جائز آهي. درياهه جي پيٽ کان وٺي ٻيلن جي زمين ۽ واهن جي ڪپن تي رهائشي اسڪيمون اڏيون وينديون آهن. جڏهن انتظاميه انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو سوچيندي آهي ته ماڻهو احتجاج شروع ڪندا آهن. اهڙي ريت اهو سلسلو هر شهر ۾ هلندو رهندو آهي، جڏهن ته شهرن جي نقشي کي برقرار رکڻ جي ذميواري رڳو ادارن جي ڪانهي پر شهرين جي به آهي، جيڪي جتي چاهين اتي حددخلي ڪري ڇڏيندا آهن ۽ نتيجي ۾ نه رڳو شهري آباديءَ لاءِ مسئلا پيدا ٿين ٿا پر شهرن جي شڪل صورت به بگڙي ويندي آهي. هر شهر هڪ خاص نقشي تي اڏيل هوندو آهي، جنهن کي برقرار رکڻ ضروري آهي پر تنهن هوندي به بلڊر مافيا ادارن سان گڏجي حددخليون پيدا ڪندا آهن.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب خيرپور جون 34 ھائوسنگ اسڪيمون ٽائون پلاننگ سنڌ غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيون آهن. ٽائون پلاننگ سنڌ ھائوسنگ اسڪيمن جو نقشو پاس نه ٿيڻ تي غير قانوني قرار ڏنيون آهن. ھائوسنگ اسڪيمن ۾ سھولتن جي کوٽ، بلڊر مافيا ۾ ٿرٿلو، شھري پريشان ٿي ويا آهن. خبر موجب خيرپور جون 34 ھائوسنگ اسڪيمون ٽائون پلاننگ سنڌ غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيون، ٽائون پلاننگ سنڌ ھائوسنگ اسڪيمن جا نقشو پاس نه ٿيڻ تي انھن ھائوسنگ اسڪيمن کي غير قانوني قرار ڏنو آهي، جنھن سبب بلڊر مافيا ۾ ٿرٿلو مچي ويو آھي، جڏهن ته شھري پريشان ٿي ويا آھن، خيرپور شهر جا بلڊر مافيا مھانگي اگهه تي ڪالونين ۾ پلاٽ وڪرو ڪري ڊيولپمينٽ جا پئسا به وٺي ڇڏيا آهن. خيرپور جي سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته بلڊر مافيا کان پلاٽ وٺندڙ ماڻهو سخت پريشان آهن، بلڊرن پاران ڪالونين ۾ ڪي به بنيادي سهولتون نه ڏنيون آھن، جڏهن ته بلڊر مافيا ماڻهن کان پئسا وٺي گم ٿي وڃن ٿا، ٽائون پلاننگ سنڌ طرفان غير قانوني قرار ڏنل ڪالونين ۾ الحسن ماڊل ٽائون، گڊلڪ، ڪالوني شجاع الرحمان، جامع ڳوٺ، سچل سرمست ڪالوني، پير محمد شاهه ڪالوني، المدينه ڪالوني، گلشين نظير ڪالوني ۽ سميت 34 ڪالونين کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جن جا بلڊر مافيا ٽائون پلاننگ کان نقشا پاس نه ڪرائي سگهيا آهن، بلڊر مافيا اسان کي اھي ڪالونيون مھانگي اگهه تي پلاٽ وڪرو ڪري گڏوگڏ ڊيولپمينٽ جا به پئسا وٺي ڪري ڇڏيا آهن. هي حالت رڳو خيرپور شهر جي ڪانهي پر سنڌ جي گهڻن شهرن جي حالت ساڳي آهي، ماڻهو شهرن کي سوڙهو ڪندا پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪندا رهندا آهن ۽ پوءِ ان جو ذميوار ادارن ۽ انتظاميه کي سمجهندا آهن جڏهن ته شهري پاڻ به ايترا ئي ڏوهاري هوندا آهن، جيترا ادارا ۽ بلڊر مافيا آهن. پر جڏهن به اهڙيون اسڪيمون سامهون اينديون آهن ۽ اوچتو انتظاميه ننڊ مان سجاڳ ٿي ڪا ڪارروائي ڪرڻ شروع ڪندي آهي ته ڪجهه وقت لاءِ وٺ وٺان ٿيندي آهي پر پوءِ سڀڪجهه ساڳيو ٿي ويندو آهي. اهي اسڪيمون ڪجهه وقت لاءِ بند ٿي وينديون پر وري شروع ٿي وينديون آهن ۽ نتيجي ۾ شهرن جي حالت ساڳي ئي رهندي آهي. ائين ئي خيرپور ۾ به ساڳي حالت ٿي رهي آهي. جنهن سان نه رڳو شهرن ۾ ڏينهون ڏينهن مسئلا وڌندا رهندا آهن پر عوام ۾ شهرن کي پنهنجو سمجهڻ وارو تصور به ختم ٿيندو رهندو آهي. جنهن ڪري جنهن کي جتان وجهه ملندو آهي، اهو قبضو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي. گهٽيءَ کان وٺي راندين جي ميدان ۽ پارڪن جي زمينن تي قبضو عام بڻجي ويو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته خيرپور ۾ غيرقانوني اسڪيمن خلاف ڪارروائي هڪ بهترين عمل آهي. سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به غيرقانوني رهائشي اسڪيمن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button