ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شخصيت پرستيءَ جا سبب !!

Editorial-Article-Aijaz Unar

آئون پنهنجي پهرين آرٽيڪل ۾ طبقاتي سماج جي بيمارين جو ذڪر ڪيو هو خاص طور جاگيرداري ۽ مذهبي معاشري ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن جي ذهني اوسر جي حوالي سان اوهان آڏو ڪجھه ڳالهيون گوش گذار ڪيون هيون جنهن ۾ منهنجو فوڪس هاري، مزدور ۽ پورهيتن جي ٻارن جي ذهني ڀڃ ڊاهه بابت هو. اڄ پنهنجي سماج جي حاڪم طبقي، پيرن ۽ ڀوتارن جي باري ۾ آهي ڀوتار ۽ پير سنڌ جي اقليت آهن پر هنن پنهنجي پاليسين جي ڪري سماج کي ڪيئن جڪڙي رکيو آهي ڪيئن نسل در نسل اسان جو غريب ماڻهو انهن جي ظلمن جو شڪار ٿئي ٿو ان استحصال کي قائم رکڻ لا هو پنهنجي اولاد جي تربيت آقائي طريقي واري ڪن ٿا پيراڻن ٻارن کي ننڍي لا کان اهو سمجهايو ويندو آهي ته اوهان اعليٰ ۽ عظيم خاندان جا چشم و چراغ آهيو، اسان جا وڏا ڪاني ڪرامتي هئا، جڏهن پنهنجي رمز ۾ ايندا هئا ۽ رڳو ڀت مٿان لانگ ورائيندا هئا ته ڀت گهوڙي وانگر ڊوڙندي هئي توهان انهن بزرگن جي اولاد آهيو باقي مخلوق انڌي، ٻوڙي، گونگي ۽ گناهگار آهي اوهان اعليٰ آهيو هو ادنيٰ آهن هو اوهان جا غلام آهن اسان ئي انهن جي ڪاري قيامت اڇي ڪرڻ وارا آهيون هو اسان جي جتي جي دز برابر به ناهن نسل پرستي ۽ آقائيت واري ان درس جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو پيراڻو ٻار اڃان پير پير مس کڻندو آهي ته خليفا کيس ڪلهن تي کڻي مريدن کي ديدار ڪرائيندا آهن ٿورو وڏو ٿيندو آهي ته وڏو پير کيس پنهنجي ڀرسان ويهاريندو آهي خلق کيس پيرن ۾ پئي هوندي اڇين ڏاڙهين وارا به پيرن کي پيا چميون ڏيندس پر هن کي ان ڳالھه جو ڪو احساس نه ٿيندو ته هن کي پنهنجي پي کان به وڏي عمر جو ماڻهو جهڪي ملي ٿو هٿان سندس ڳاٽو فخر ۾ اوچو ٿي ويندو ۽ ان ڳالهھ جي پڪ ٿي ويندس ته مان اهڙو ئي معتبر آهيان پو اهائي وڏائي واري بيماري قبر تائين گڏ هوندس مرڻ کان پو پير صاحب جو قبو ٺهندو هر سال ورسي ٿيندي جنھن ۾ کدڙا نچندا ۽ مريد ڪسبا هن ۾ وڏائي ۽ آقائيت هن کي پنهنجن وڏن کان منتقل ٿيندي آهي ۽ اها تربيت ان کي شعوري طور ڏني ويندي آهي جو اهو سندن ڪاروبار آهي پو پير صاحب جي چرس جي سوٽي ۽ شراب جي پيگ ۾ به ماڻهن کي مام نظر ايندي آهي اهڙي تربيت دوران جيڪڏهن ڪو عادي موالي ٿي ويو ۽ جيتري ابتي سبتي مابعد الطبيعاتي شاعري ڪندو اوترو پهتل سمجهيو ويندو، خليفا ۽ خلق ان ۾ رمزون تلاش ڪندي ايئن ماڻهن جو خانو خراب پيو ٿيندو. ان جي باري ۾ معجزن ۽ ڪرامتن جو داستان جوڙيو ويندو آهي جنهن جي مهل ۽ موقعي جي حساب سان مارڪيٽنگ ڪئي ويندي آهي تر جا پير عمومن هڪٻئي جا مٽ مائٽ هوندا آهن هنن جو پنهنجو ڪلاس هوندو آهي هو سڀ اعليٰ نسل، پاڪ پوتر ۽ وڏا ڪاني ڪرامتي مشهور ڪرايا ويندا آهن جڏهن هو ڏن جي اوڳاڙي تي نڪرندا ته لشڪر مريدن جو گڏ هوندن، مريدن جي جنهن ڳوٺ ۾ لٿا سمجهو ماڪڙ لٿي ڪو گهر نه ڇڏيندا ڪنهن جو گابو، ڪنهن جي وڇ، ڪنهن جو ان، ڪنهن کان ڏوڪڙ مطلب مريدن کي ڪنگال ڪري ڇڏيندا، اڃان مريد لوڙي لوڙي ساهي مس پٽيندا ته وري سال ڦري ايندو وري مرشد واٺن سميت اچي ديرو ڄمائيندو. جاگيرداري جي سڄي تاريخ ۾ اهو طبقو حاڪمن جي بي ٽيم طور ڪم ڪندو رهيو آهي جنهن مسڪين پورهيتن کي ڪڏهن اسرڻ نه ڏنو آهي هي سخت تعليم دشمن طبقو هوندو آهي هنن کي چڱي طرح خبر هوندي آهي ته جيڪڏهن غريب ماڻهن تعليم حاصل ڪري ورتي ته هو اسان جي ڪوڙن جو قائل نه ٿيندو ۽ اسان جي هي طلسماتي ٽمورتي ٽٽي پوندي جنهن ۾ حاڪم جون مراعتون پيڙهيل ماڻهن جو ڦريل مال اسان جو کوکلو دهمان ڌڙام ڪري اچي پٽ پوندو. هنن ۾ ڪابه اهليت نه هوندي آهي ڇو جو کين خبر آهي ته اسان کي رڳو حاڪمن جي چاپلوسي ڪرڻي آهي ۽ اٻوجھن کي خوف ۾ مبتلا رکڻو آھي. الميو اهو آهي ته جن کي پنهنجي قيامت جي خبر ڪانهي اهي مريدن جي قيامت اڇي ڪرائيندا، جن جا تعويذ ۽ پڙهيل پاڻي ۽ وڏن جي مزارن تي ٻرندڙ ڏيئن جا تيل پاڻ تي اثر ڪونه ٿا ڪن انهن جي بڪين جي ننڊ ۾ سرجري ڪندڙ ڪنهن پير جو خليفو ڪراچي جي اسپتال مان پنهنجي آپريشن ٿو ڪرائي پو به خلق نٿي سمجهي ڇو جو اها خلق به شخصيت پرستي جي بيماري ۾ ورتل آهي. ساڳي پاليسي حاڪم به پنهنجي ٻارن لا اختيار ڪندا آهن انهن کي به ساڳي تربيت مليل هوندي آهي ته قوم جاهل آهي، اوهان ئي ان جا نجات ڏياريندڙ آهيو توهان کان سوا اوندهه آهي انهن کي به عوام ۾ ننڍي لا کان ايئن متعارف ڪرايو ويندو آهي اڃان ٻار جا ٿڃ وارا ڏند ئي نه ڀڄندا آهن ته صاحب مستقبل جو ليڊر نامزد ڪيو ويندو آهي سائين جا فوٽو اخبارن ۾ شايع ٿيندا وڏو ٿيندو ته درٻاري ڪالم نگار ۽ ٽپتائي صحافي صاحب جي شان افضل بيان ڪرڻ تي مامور هوندا، جيڪي صاحب جي لڪيل صلاحيتن کي پنهنجي قلم جي زور تي عوام آڏو آشڪار ڪندا، شهزادي کي ٽيوٽر رکي ڏنا ويندا سندس بنگلي تي نوڪرن، چاڪرن، چاپلوسن ۽ ثناگرن جو ميلو متل هوندو، صاحب ٻاهر نڪرندو ته نعرن جو ٽڙڪو هوندو. اڳيان پويان واٺن جون گاڏيون هونديون پوليس پروٽوڪول هوندا خلق ڪتر ٿيندي، شهزادو يا شهزادي وڏن جي ورسي ۽ سالگرهه تي ماڻهن سان مخاطب ٿيندي تاڙيون سيٽيون ڌمالون ۽ جهمريون ٿينديون. جنهن ۾ پوپريون به جلوا افروز ٿينديون خلق جا وات گودا ٿيندا، آخر ۾ برياني جي عام دعوت ٿيندي بکايل خلق چانورن جي پاٽوڙن تي ڳاهٽ ٿيندي، ڪنهن جو پيٽ ڀربو ڪو بکيو رهجي ويندو، ايئن صاحبن جي سياست ۾ شروعات ڪرائي ويندي آهي.
هن سماج جو سڀ کان افسوناڪ ۽ نقصان ڪار پهلو آهي اهو آهي ته اهي جماعتون جيڪي پاڻ کي وطن دوست ۽ عوام دوست سڏائينديون آهن سي به ان بيماري جو شڪار رهيون آهن انهن ۾ به شخصيت پرستي ماضي پرستي ۽ انا پرستي رهي آهي انهن جا اڳواڻ به جهڙوڪر پيرن ۽ حاڪم طبقي جي ٻارن وانگر انهن مرضن جي ور چڙهيل رهيا ڪارڪنن انهن شخصيت جا نعرا هڻندا، جهمريون پائيندا، ڪهاڙين ۽ ڪليڪشن ڪوف جون سلاميون ٿينديون حڪمرانن تي تنقيد ڪرڻ بجا هڪٻئي جا پٽڪا ڌوڙ ڪبا ڪارڪنن کي جيئي منهنجو رهبر جيئي منهنجو سائين پئي پوندي غريبن مسڪين مجبورن هارين مزدورن ۽ پورهيتن جا اڳواڻ به ڀوتارن وانگر باڊي گارڊن سان گڏ پيجارو ۾ چڙهي اچي پنڊال ۾ پهچندا اڳواڻ کي پاڻ وڻائڻ لا ڪارڪن نعرا هڻي پنهنجي نڙي جو ڪم لاهي ڇڏيندا ساڳي ڌماچوڪڙي ٿيندي جيڪا پير ۽ جاگيردار ڪندا آهن جيئن پيرن کي خليفا کڻندا آهن وڏيرن کي واٺا کڻندا آهن تيئن هنن صاحبن کي ڪارڪن ڪلهن تي کڻندا آهن ليڊر جو قد ڪاٺ ايترو وڏو ٿي ويندو آهي جو هن جي ڌرتي تي ديد ئي نه پوندي آهي همراهه بيماري ۾ ايترو وٺجي ويندو آهي جو نظريو وڃي ڇائي پائي ليڊر جيڪو چيو اهو ئي حرف آخر آهي، ان تي مناظرا ٿيندا جهيڙا ٿيندا وٺ وٺان ٿيندي غريب پورهيت جو معاملو ويندو وسري. ڪارڪن ليڊر جي سنهي ڪرڻ ۾ لڳي ويندا، ليڊر جي ڀيٽ عالمي اڳواڻن سان ٿيندي. لقب القابن جي ڀرمار ٿيندي ان جي عظمت جا گيت ڳايا ويندا، اهو پورهيتن جو اڳواڻ، قوم جو اڳواڻ، تمام مهان بڻجي ويندو. جنهن تي مک به نه سهبي، اهو اڳواڻ ئي پارٽي جو ڪرتا ڌرتا ٿيندو جنهن کي وڻيس تنهن کي پير وانگر پاڻ سان مسند تي ويهاري جنهن کي وڻيس ان کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏي ڪنھن کي ڪڇڻ جي جرئت نه ٿيندي هو انانيت جي اھڙي منزل تي رسندو جتي عقل هن کان شروع ٿي هن تي ختم ٿي ويندو نتيجو ڪارڪن ڇڙوڇڙ ٿيڻ شروع ٿيندا ڪي خاموش ٿي پاسيرا ٿي ويندا دڙا بندي جو آغاز ٿيندو پارٽي جي طاقت منتشر ٿيڻ لڳندي آخر ۾ ليڊر سان نالي ماتر گهڻ گهرا ۽ سندس سحر ۾ ورتل لڏو وڃي بچندو پر جي ليڊر ان وچ ۾ پنهنجي نظريئي تان هٿ کڻي ويو يا راهه رباني ورتائين ته سندس هڪ پارٽي مان ولر ڪارڪنن جو ايئن نڪري ڌار ڌار دڳن تي چڳڻ نڪرندا، جيئن ڪڪڙ جي ڪڙهه مان چوزا ان چڳڻ نڪرندا آهن، ليڊر جي گذاري وڃڻ کانپو وڏيري وانگر سندس گدي تي پٽ براجمان ٿيندو پو اهو اهل هجي نه هجي، ڪارڪن خليفن وانگر ان جي واکاڻ ۾ لڳي ويندا، نڪتل ۽ مايوس ڪارڪن مان ڪي اين جي اوز وڃي وسائيندا ڪي ڪامورا ٿيندا، ڪي حاڪم طبقي جي جي حضوري ۾ حياتي غار ڪندا، ڪي پنهنجي پورهئي کي لڳندا، قوم ۽ انقلاب ويندو تيل وٺڻ، هي پنهنجو گهر روشن ڪري پنهنجي خوشحالي جو انقلاب آڻيندا، قوم کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا، انقلاب کين مشڪل ۽ خونريزي لڳندو رڳو ڪڏهن ڪڏهن موڊ ٿيندن ته حاڪمن تي تنقيد جا تير وسائي پنهنجي اندر کي آٿت ڏيندا، انهن جي اهڙين حرڪتن جي ڪري سماج مايوسين جو شڪار ٿيندو ويندو ۽ حاڪم قوتن جو جبر وڌندو ويندو!!
اسان جي سماج سان به ساڳي ڪار ٿي آهي دنيا جي تاريخ ۾ انقلابي پارٽين ۾ ڪڏهن به شخصي نعرا نه لڳندا آهن نه ئي شخصيت پرستي جي ڪا جا هوندي آهي انقلابي پارٽين ۾ نظريو ۽ تنظيم مٿي هوندي آهي فرد جي حيثيت ثانوي هوندي آهي ڀل اهو ڪيترو به قابل ڇو نه هجي هو عام ڪارڪن جيان ڪم ڪندو آهي. اسان ڪٿي نه پڙهيو آهي ته سک ديو نعرو هنيو هجي ته ڀڳت سنگهه زنده آباد يا ڀڳت سنگهه چيو هجي راج گرو زنده آباد حالانڪه هو چوويهن پنجويهن سالن جا نوجوان هئا ۽ عمر جي ان حصي ۾ هئا جتي نوجوان هر سٺي شئي تي هرکي پوندو آهي پر انهن جي پارٽي تربيت اهڙي ڪئي هئي جو هو ايتري ننڍي عمر ۾ به پنهنجي نظريئي ۽ پارٽي سان ايترا ثابت قدم رهيا ۽ انقلاب لا اهڙو مثال بڻجي ويا جيڪو جيستائين دنيا رهندي نوجوانن لا اتساهيندڙ رهندو.

ٻئي پاسي اسان وٽ روس ڇا ٽٽو، پارٽي ئي ٽٽي وئي جو اسان به ان بيماري جو شڪار هئاسون. جن مارڪس کي درويش ۽ داس ڪيپٽل کي آسماني ڪتاب سمجهي ڇڏيو هو، حالانڪه ملڪن جي ٽٽڻ سان هن سائنسي نظريئي جو ڪو تعلق نه هو اهو روسين جي پنهنجي پاليسين سبب ٽٽو هو!
هن وقت سنڌ جي جيڪا مايوس ڪندڙ صورتحال آهي ان جو وڏي ۾ وڏو سبب به اهو ئي آهي ته نه اسان وٽ ڪا انقلابي تنظيم آهي ۽ تنظيمي ادارا آهن جيڪي ڪارڪنن جي تربيت ڪري انهن کي ان جاگيرداري سماج جي بيمارين کان بچڻ جا اپا ڏسين انقلابي سڏائڻ ته سولو ڪم آهي پر حقيقت ۾ اهڙو ٿيڻ لا تنظيم جي ضرورت آهي تربيتي ادارن جي ضرورت آهي ته جيئن انهن طبقاتي بيمارين کان پاڻ کي آجو ڪري اڳتي وڌي سگهجي!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button