
پاڪستان جي ڀلوڙ اداڪارائن ۾ ڳڻي ويندڙ سجل علي پنهنجو نئون فوٽو شوٽ مڪمل ڪرائي ورتو آهي، جنهن کي مداحن تمام گهڻو پسند ڪيو آهي. ميڊيا مطابق سجل علي جي روايتي انداز جي وڳن ۾ فوٽو شوٽ مداحن جي دلين کي موهڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، جن هزارن جي تعداد ۾ تصويرن کي لائيڪس ڏنيون آهن. هوڏانهن سجل علي بابت معلوم ٿيو آهي تھُ مڙس کان علحدگي وارين خبرن جي نيتوڻيڪ هن تصديق يا ترديد ناهي ڪئي، پر لاڳيتو اڪيلي رهڻ تي مداحن جوڙي جي مستقبل بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.