پاڪستان جي مشهور راڳي علي ظفر جي هتڪ عزت واري ڪيس ۾ لاهور جي مقامي عدالت ميشا شفيع جا شاهد طلب ڪري ورتا آهن. ميڊيا مطابق لاهور جي عدالت ۾ هتل عزت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ميشا شفيع بدران سندس وڪيل پيش ٿيو، جنهن عدالت کي ٻڌايو تھ ميشا شفيع ۽ شاهد رحمان هن وقت ڪينيڊا ۾ موجود آهن، جن جي واپسي ممڪن ناهي، تنهنڪري سپريم ڪورٽ ۾ وڊيو لنڪ ذريعي جرح جي درخواست ڏنل آهي، جنهن تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو آهي، ان جو انتظار ڪيو وڃي. عدالت استدعا کي منظور ڪندي ٻڌڻي 18 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close