پاڪستان ۾ آيل هاڻوڪي ٻوڏ کان پوءِ ان جي تباهه ڪارين بابت رپورٽون جاري ٿي رهيون آهن. ملڪ ۾ ٻوڏ سبب ڪيتري تباهي ٿي آهي، ان جو ڪاٿو لڳائڻ جو سلسلو جاري آهي. هاڻوڪي مها ٻوڏ کان پوءِ جتي ماڻهو دربدر ٿيا آهن، اتي انهن جا فصل پڻ سخت متاثر ٿيا آهن ۽ ان کان سواءِ انهن جون معاشي حالتون پڻ سخت متاثر ٿيون آهن، جنهن جي ڪري نه رڳو ٻوڏ متاثر اڃا تائين پريشان لڳا پيا آهن پر اهي انتظار ۾ آهن ته انهن جي واپسي پنهنجن اصلوڪن شهرن ڏانهن ٿئي، جتان ٻوڏ سبب اهي نڪري آيا هئا. عالمي بئنڪ ان حوالي سان تازي رپورٽ جاري ڪئي آهي. جنهن ۾ ٻوڏ جي معاشي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. ڪنهن آفت کان پوءِ معاشي طور ملڪ جون حالتون سخت متاثر ٿينديون آهن ۽ ان نقصان جو پورائو ڪرڻ ۾ به گهڻُو وقت لڳي ويندو آهي. پاڪستان لاءِ ٻوڏ متاثرن جا ڪيترائي چيلينج موجود آهن. جن کي منهن ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
عالمي بئنڪ تاريخ جي بدترين ٻوڏ سبب متاثر پاڪستاني معيشت کي 40 ارب ڊالرن تائين نقصان ٿيڻ جو ڪاٿو ظاهر ڪيو آهي. عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان ڊيولپمينٽ اپڊيٽ رپورٽ 2022 ۾ ٻڌايو ويو ته نئين مالي سال ۾ جي ڊي پي 5 سيڪڙو بدران 2 سيڪڙو تائين رهڻ جو اندازو آهي، جڏهن ته خرچ وڌڻ ۽ ٽيڪس اوڳاڙي ۾ گهٽتائي اچڻ جو خدشو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ غربت جي شرح ۾ 4 سيڪڙو تائين اضافو آيو آهي، جڏهن ته خوراڪ ۽ توانائيءَ جي اگهن ۾ واڌ سبب مهانگائيءَ جي شرح 23 سيڪڙو تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾ زراعت، صنعت ۽ سروسز سيڪٽر جي پيداوار ۾ گهٽتائي اچڻ جي اڳڪٿيءَ سان گڏ اهو پڻ چيو ويو ته ايندڙ سال کان ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ مالي خساري ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي. عالمي بئنڪ پنهنجي رپورٽ ۾ آئي ايم ايف پروگرام تحت هنگامي معاشي سڌارن تي زور ڏيندي چيو آهي ته عالمي بئنڪ طرفان پاڪستان کي 2 ارب ڊالر فراهم ڪيا ويندا، جن مان هڪ ارب ڊالر فوري طور جاري ڪرڻ جو امڪان آهي. ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جو اهو به چوڻ هو ته پاڪستان کي وڌيڪ هنگامي امداد ۾ تيزي آڻڻ لا ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هلندڙ سال پاڪستان جي قرضن جي شرح 71 ڏهائي 7 سيڪڙو آهي، جيڪا ايندڙ سال وڌي 71 ڏهائي 9 سيڪڙو ٿي ويندي.
40 ارب ڊالر هڪ وڏو انگ آهي. ان دوران عام ماڻهو خوراڪ جي کوٽ ۽ مهانگائيءَ کي منهن ڏيندو پيو اچي. ان کان سواءِ جيڪا امداد ماڻهن لاءِ عالمي ادارن پاران ملي آهي، اها به ماڻهن تائين بهتر نموني ڪونه پهچي سگهي آهي، جنهن ڪري نه رڳو ٻوڏ متاثرن کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا آهن پر انهن جي سهائتا به سٺي نموني ڪانه ٿي سگهي آهي. ٻوڏن جو اچڻ ۽ انهن جو گذري وڃڻ هڪ مرحلو هوندو آهي پر ان کان پوءِ ڇا ڪرڻو آهي، جيڪڏهن اهو سڀڪجهه منصفاڻي نموني نٿو ٿئي ته پوءِ ٻوڏ متاثر وڌيڪ لوڙيندا آهن ۽ اهي هدف به حاصل نه ٿي سگهندا آهن، جيڪي حاصل ٿيڻا هوندا آهن. تنهنڪري ان ڳالهه کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جيڪو معاشي نقصان ملڪ کي پهتو آهي، اهو اصل ۾ عوام جو نقصان آهي. انهن ماڻهن جو نقصان آهي، جيڪي ٻوڏ جي ڪري پريشان آهن ۽ جن جو الهه تلهه ٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويو آهي. اڃا به جنهن امداد جي ضرورت ٻوڏ متاثرن کي آهي، اها جيڪڏهن منصفاڻي نموني انهن تائين پهچي سگهي ٿي ته انهن جي وڏي مدد ٿي ويندي پر هيٺئين سطح تي ڪرپٽ انتظاميه انهن تائين اها امداد پهچائڻ ۾ رنڊڪ بڻيل آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي، انهن جي کاڌ خوراڪ ۽ اجهي تائين سڀئي معاملا حڪومت جي ذميواري آهي. ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته جنهن نقصان کي اسين هن وقت منهن ڏئي رهيا آهيون، ان کان بچي ان صورت ۾ سگهجي ٿو جڏهن ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ گهربل تياري هوندي. جڏهن سڄي ملڪ جو انفرااسٽرڪچر بهتر هوندو ۽ قدرتي لنگهن وسيلي برساتن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ جو طريقيڪار موجود هوندو. ٻوڏن وسيلي جيڪو نقصان اسان کي ٿيندو رهيو آهي، ان جو چوٿون حصو جيڪڏهن حڪومتون انفرااسٽرڪچر بهتر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن ته وڏي تباهيءَ کان بچي سگهجي ٿو. پر ان لاءِ گهڻي سنجيدگيءَ جي ضرورت پڻ آهي.