شوبز

عتيقا اوڍو پاران عورتن کي تذليل ۽ تشدد وارا تعلقات ختم ڪرڻ جو مشورو

پاڪستان جي سينيئر اداڪارا عتيقا اوڍو نوجوان عورتن کي مشورو ڏنو آهي تھ اهي تذليل ۽ تشدد وارن تعلقاتن کي ختم ڪري ڇڏين. سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪيل پنهنجي پوسٽ ۾ عتيقا اوڍو جو چوڻ هو تھ هن پاڻ بھ جواني ۾ تذليل ۽ تشدد کي منهن ڏنو آهي. هن چيو تھ اڪثر ڪري مڙس يا پارٽنر تذليل ۽ تشدد وارو رويو اختيار ڪندا آهن. جواني ۾ مان بھ اهڙي ئي تذليل ۽ تشدد جو جسماني توڙي ذهني طور نشانو بڻجي چڪي آهيان، نوجوان عورتن کي ان اميد سان مشورو ڏئي رهي آهيان تھ اهي ڪجهه سکن. جڏهن بھ مڙس زال جي تذليل يا تشدد ڪري تھ ان کي برداشت نھ ڪيو وڃي، ڇوتھ ائين ڪرڻ سان انهن کي ان جي عادت پئجي ويندي ۽ ذاتي تشخص وڃائي ڇڏينديون. هن چيو تھ تشدد ۽ تذليل کان بچائڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button