پاڪستان جي تڪرارن سان ڀرپور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه کي مبينا طور تي ڌمڪيون مليون آهن، جنهن بعد اها تحفظ خاطر عدالت پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق حريم شاهه مڙس بلال شاهه سميت سنڌ هائي ڪورٽ پهچي درخواست جمع ڪرائي ورتي آهي، درخواست ۾ حريم شاهه آئي سنڌ پوليس، گهرو کاتي ۽ ٻين کي ڌر طور پيش ڪيو آهي. جڏهن تھ حريم شاهه جي درخواست جي ٻڌڻي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ جي سربراهي ۾ بيچ ڪندي. حريم شاهه وڪيل معرفت عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو آهي تھ مون کي سوشل ميڊيا جي ذريعي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، تنهنڪري تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close