ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهي

Editorial-Article- Dr Zulfiqar Rahoojo

اسين لڳ ڀڳ چوٿون مهينو پورو ڪرڻ وارا آھيون. سموري پاڪستان ۾ مينهن جا واهڙ وهي هليا. دريا، نديون، نالا، نئيون ۽ آبشار واڪا ڪري وهندا رهيا. صرف پاڻي نه پلٽيو پر مٽي گپ ۽ طوفان به گڏ ڪي ڪابل قنڌار کان پاڻي جا پلٽ ڀري ڪي اولهه اوڀر کان نڪري ڪڪر ڪارونڀار ڪري چوماسي جي شڪل اختيار ڪندي سنڌ توڻي هند ۽ ڪوه سليمان جا رستا لتاڙيندي، سسئي وانگي سنڌ ۽ بلوچستان جا جبل جهاڳيندي سنڌ جي کيرٿري پهاڙين ۽ جابلو رستن کان ڪوڪيون ڪنڌي، ڪي ڪاڇي کي ڪوڪاريندي اچي جو هيٺ سنڌ طرف آيون ته مها ٻوڏ 150 ڪلوميٽر هڪ درياهه جو ٻيو ڏيک ڏيندي نظر آئي. ان ماجرا سموري سنڌ ۾ ماڻھن، مروئن ۽ ٻي سموري جيوت کي لوڏيندي لکين ڪروڙين سنڌين کي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي لاڏائوڪري، گهر کان بي گهر ۽ ڪن کي هڪ ماڳ ۽ مڪان کان لڏائيندي، ماڻھو ماريندي، لوڙھيندي رهي، ايتري تائين جو هن الميي کي سنڌ جي تاريخ جي اڄ جي دور جي سڀ کان وڏي الميي کي جنم ڏيندي سنڌ جي ماڻھن کي ستن آسمانن تان ڪيرائي پاتال ۾ گم ڪري ڇڏيو آھي. هي الميون اڃابه جاري آھي.
دراصل سنڌ جا انگ اکر هڪڙا سرڪار جا ۽ ٻيا حقيقت تي مبنيground realities تي ٻيا ۽ وڏا آھن. ۽ جڏهن هاڻ اڃا واڌو انگ اکر بدين، ٺٽو، ميرپورخاص ۽ پراڻ جي علائقن جا ايندا ته اهي اڃا وڏي برڻ باڪاس جي شڪل اختيار ڪندا.
اچو ته صرف ڪجهه مورڳو اڳ گڏ ڪيل سرڪاري انگ اکر ڏسون ته هنن حالتن ۾ سنڌ جي هاڻوڪي تباهي ڪهڙي آھي. ضلعي وار نقصان هيٺ آيل 24 ضلعا ڏيکاريل آھن جنهن ۾ گهرن کي ٿيل نقصان ۾ 88 سيڪڙو دادو ۽ جيڪب آباد جيڪو وڌ کان وڌ آھي ۽ گهٽ کان گهٽ گهرن جو نقصان ڪراچي 15 سيڪڙو، ٿرپارڪر 17 سيڪڙو ۽ حيدرآباد 25 سيڪڙو آھي. انگ اکر ٻڌائين ٿا ته ٻين سمورن ضلعن ۾ نقصان 50 سيڪڙو کان مٿي ئي آھي صرف ڄامشورو 45 سيڪڙو آھي. اهڙي طرح انساني لڏپلاڻ ۾ دادو ضلعو 85 سيڪڙو، قمبر شھدادڪوٽ 76 سيڪڙو ٻيو نمبر ۽ ميرپور خاص 70 سيڪڙو ٽيون نمبر ۽ خيرپور ميرس 69 سيڪڙو ۽ آخر ۾ مرحليوار ڪراچي 8، ٿرپارڪر 13 ۽ حيدرآباد 22 سيڪڙو نمبر تي آھي. باقي ضلعا به چارٽ مطابق 35 سيڪڙو کان مرحلي وار مٿي ٿيندا، 69 سيڪڙو تائين نقصان کاڌل آھن. اها انساني تاريخ ۾ سنڌ پرڳڻي جي وڏي ۾ وڏي لڏپلاڻ آھي، جيڪا اچانڪ ۽ هنگامي ۽ بغير تياري ۽ سامان جي، لڏپلاڻ آھي ۽ جتي انهن جي رهائش settlement آھي اها به انساني تاريخ جي سڀ کان خراب حالت ۾ موجود آھي. ان کانسوا مال مويشي ۾ سڀ کان وڏو نقصان به قمبر شھدادڪوٽ 85 سيڪڙو ۽ جيڪب آباد 75 سيڪڙو ۽ آخر ۾ ڪراچي ضلعو 8 سيڪڙو آھي. مال مويشي ۾ 24 ضلعن مان 8 ضلعن جو نقصان 50 سيڪڙو کان ھيٺ ۽ ٻيا سڀ ضلعا مٿي آھن. اڪثر ضلعي جي آبادي وارا ماڻھو مال مويشي تي گذران ڪندڙ ئي لڳن ٿا ۽ سندن زندگي دا تي لڳل آھي. انگن اکرن ۾ باقي نقصان پوکي راهي، فصلن باغن، مڇي فارمن، ٻيجاري ۽ زمينن جو آھي جنهن ۾ قمبر شھدادڪوٽ ۽ دادو 90 سيڪڙو ۽ ميرپورخاص ۽ بينظير آباد 82 سيڪڙو ۽ آخري انگ ڪراچي 5 سيڪڙو ۽ ٿرپارڪر 11 سيڪڙو آھي. باقي انگ اکر به تباهه ڪن آھي. ان مان صاف ظاهر آھي ته ٽيبل جا انگ اکر ئي ڏسين ٿا ٿه سنڌ جي زرعي پوکي لائق سرسبز زمين باغ، مڇي، فارم 70 سيڪڙو تباهه ٿيا، حيران ڪن ڳالهه ته اها آھي باقي بچيل ساريال يا سبزي يا پوکي واري علائقي ۾ پاڻي واهن ۾ نه آھي ۽ فصل سڪي ويا آھن، پر اسين ان کي اڃا به وڌيڪ حقيقتن ۾ ڏسڻ ۽ سمجهڻ چاهيون ٿا، اهو آھي جا واردات تي موجود حقيقت. ان جا انگ ته اڃا پو اچڻا آھن ۽ اهي ذھنن کي چرخ ڪندڙ انگ اکر آھن ۽ پوري وڌيڪ انساني، فطري ۽ حياتي جي تباهي تي مشتمل آھن. اهي انگ اکر موجوده حالت زار تي نه پر ايندڙ خدشن تي ڳالهائيندا. اسان جو خيال آھي ته انهن انگن اکرن کي اچڻ ڏيو ۽ دل جي ڪشادگي سان مڃيندا وڃجو.
هاڻي اسين اچون ٿا هن الميي جي هڪ علمي ۽ سائنسي پاسي تي ۽ پو وري ٻئي انساني انتظامي پاسي تي. هڪ علمي بحث اهو آھي ته فطرت سان انسان وڏي کونس ڪئي آھي. خاص طرح سان سرمائيداري نظام جي دور کان انسان، فطرت، ڌرتي جي اندر ۽ ٻاهر سندس پنهنجين ضرورتن ۽ آسائشن، انساني فطرت ۾ موجود لالچ، اوچ نيچ جي نظام، استحصالي سرشتي، ڌرتي جي ماحولياتي سرشتي ecosystem ۽ حياتياتي ڪثرت biodiversity تي خراب تر اثر پيدا ڪيا آھن. انڪري گرمي پد جي وڌڻ سبب برساتون، ٻوڏون، زلزلا، سونامي ۽ گليشيئرن جو پگهرجڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ انساني ۽ فطري المين جنم ورتو آھي. ڪارل مارڪس عظيم فلسفي، سياسي ۽ معاشي طبقاتي سرمائيداري نظام جي ڇيد ڪندڙ ان ڏاهي جو قول آھي ته جي اوهين ڌرتي سان اڻ وڻندڙ هلندا ته پويان کيس بيابان جي شڪل Nonfunctioning ۾ ڏسندا. ڪارل مارڪس ته اهو به سمجهايو ته سرمائيداري نظام انسانن ۾ به طبقاتي استحصال جاري رکي ٿو ۽ فطرت کي به تباهه ڪري ٿو. ان نظام جو استحصالي پهلو نه صرف ماڻھن کي غلام ٿو بنائي پر فطرت کي به ناڪاره ڪري ٿو. انڪري اڄ جي سماجوادي تحريڪ صرف انساني استحصال سان مخاطب نه آھي پر فطرت سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ به ان جي ايجنڊا ۾ شامل آھي. اوهين ڏسي رهيا آھيو ته گرمي پد وڌائيندڙ سيٺيا ۽ ترقي يافته ملڪ پاڻ ان اصول تي هلڻ لا تيار ناهن جنهن سان گرمي پد صحيح ٿئي مورڳو اثر هيٺ آيل ملڪن کي معاوضو يا مدد ڏيڻ لا به تيار ناهن. هاڻي اسين ان معاملي کي سنڌ جي اک سان ڏسون ٿا. اسان جي ماڻھن کي خاص طرح سان سنڌ جي ماڻھن کي ان غلط فهمي ۾ وڌو ويو آھي ته ماحولياتي گرمي، سردي ۽ فطري بگاڙ پهرين ئي اچي سنڌ تي حملو ڪيو آھي. گرمي ڪري برفاني گليشيئرز اسان سنڌ لا پگهاريا ويا آھن ۽ پاڻي جا پهاڙ اچي سڌا سنڌ تي ڪڙڪيا ٻيو ته ٺهيو نئين دور جي بجلي، ڊجيٽل سائنسي جنگ جا گرو ملڪ چائنا، امريڪا، تن به شايد سنڌ تي تجربا ڪيا ۽ مها ٻوڏ برسايائون. آھي ڪا عقل جي ڳالهه، دراصل فطرت ۽ موسمي گهٽ وڌائي ۽ گرمي جو وڌيل پد موجوده جاگرافيڪل سنڌ لا هرگز نه آھي. اها گلوبل تحقيق مطابق 9 ملڪن کي لپيٽ ۾ آڻيندي جنهن ۾ پاڪستان به شامل آھي ۽ ظاهر آھي سنڌ پوڇڙ ۽ ٻيو هيٺاهين آھي انڪري گرمي واڌ جو وڏو اثر سنڌ ۽ بلوچستان جا ماڻھو ڀوڳيندا. اسان کي ان حقيقت کان به انڪار هرگز نه آھي ته مينهن برساتن، سنڌ، بلوچستان ۽ هندستان جا اڳيان رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. برسات 13 سئو ملي ميٽر کان به مٿي پيئي. پر ان جو مطلب اهو ٿوروئي هيو ته ڪائنات جو ڌڻي، هند سنڌ يا اسان جي پوري ملڪ تي خاص ناراض آھي. ڳالهه اها ناهي. ڳالهه دراصل انتظامي نا اهلي جي آھي يا ڄاڻي واڻي آھي پر پو به فطرت جي الولوئين کي به سمجهڻو آھي.
ان ڪري اسين علمي سائنسي بحث جي ٻئي پاسي تي ٿا اچون اهو ٻيو پاسو آھي سنڌ يا پوري ملڪ مٿان فطرت جا مها هنگامي اڻ وڻندڙ حادثا جن ۾ ٻوڏون، برساتون، زلزلا، وبائو، مهلڪ بيماريون ۽ ان بابت اسان جي انتظامي اڳواٽ تڪيل ۽ طئي ٿيل تياري. هتي آئون ٻوڏن، زلزلن شهري بحرانن، وبائي بيمارين بابت ڳالهائي رهيو آھيان. ظاهر آھي اهڙين شين جي پوري پختي صاف سٿري انتظامي ۽ هنري، علمي ۽ سائنسي تياري گهرجي ٿي. اها به انصاف واري يعني اها تياري عام لوڪ سان انصاف ڪري اهو به انساني حقن ۽ زندگي، عزتن ۽ گهرجن جي حوالي سان.
سنڌ ٻوڏن کي 1942 کان ڀوڳي ٿي. هونئن ته اهو الميو هزارين سال پراڻو آھي. پر فطرت جا ڦاٿل اسين اڪيلا ٿورو ئي آھيون. اها ٻوڏ وري وڏي پيماني تي 1972 ۾ آئي. ان جو هڪ وڏو ٻيو نقصان 2010 ۾ ٿيو، وچ ۾ ننڍيون وڏين ٻوڏون ۽ برساتي نالين ۽ نئين جو دٻا ۽ نقصان الڳ آھي جنهن سنڌ کي ٻوڙيو آھي ۽ هاڻ 2022 جي هي هڪ ٻي وڏي ٻوڏ آهي جنهن سنڌ کي تاراج ڪري ڇڏيو آھي توڻي جو مها ٻوڏون ۽ برساتون هن خطي جو مقدر destniy ته آھن پر ان جو مطلب اهو ته نه آھي ته انساني، زرعي ۽ گهر گهاٽن ۽ مال مويشن جو الميو به سنڌ جو مقدر بنجن. سو انهن فطرتي المين جا جهجها ۽ تباهه ڪن نقصان ان انتظامي بدڪاري Disaster missmanagent جو ئي نتيجو آھن جنهن کي سنڌ ئي گهڻو ڀوڳي ٿي.
سنڌ ۾ ھي انتظامي بدڪاري يا نااهلي سنئين سڌي سياسي ۽ معاشي نقطي نظر سان ئي سمجهي سگهجي ٿي. پاڪستان جو سماجي ۽ سياسي معاشي نظام سامراجي غلامي ۽ استحصال ۾ جڪڙيل آھي. سنڌ ان غلامي ۾ خود ڦاٿل آھي. سنڌ جو سياسي ۽ معاشي نظام وڏيرڪي طبقاتي ۽ قومي غلامي جي ور چڙھيل آھي. سنڌ جي ٻھراڙي جاگيرداري وڏيرڪي، ڏند ڪٿائي ۽ عقيدي ۽ صوفيت جي نالي ۾ ھڪ اهڙي ظلم ۽ استحصالي جڪڙ ۽ پيري فقيري ۾ جڪڙيل آھي جو سندن قسمت جا ۽ خوشحالي جا فيصلا گادي نشينن، وڏيرن ۽ زر دارين جي ور چڙھيل آھي. ٻئي طرف ٻاهرين آبادي، غيرقانوني لڏپلاڻ ۽ آمريت ۽ سرمائيداري جي قبضي گيري سنڌ جي عوام کي پدري، قومي ۽ طبقاتي غلامي ۾ جڪڙي ڇڏيو آھي. ان نظام جي ڪرپشن، بدانتظامي، اقربا پروري کي اسين برساتي ٻوڏ جي حالتن ۾ ٿيندڙ فيصلن ۾ ڏسي رهيا آھيون. تازو جهڏي تعلقي ۽ شھر ميرپورخاص، بدين، ٽنڊو محمد خان جي علائقي ۾ آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ پراڻي پراڻ ۽ هاڪڙي، شڪور ڍنڍ واري رستي تي ان ڪري ڪٽ ڏئي پاڻي نه ٿا جاري ڪري سگهون ڇاڪاڻ جو ان علائقي جي هڪ پيپلي وڏيري ارباب سڳوري جون زمينون ۽ ٻين سيٽلرس جي آبادي ۽ قبضا آھن ۽ هڪ رپورٽ مطابق اهو به ته ان سان سي پيڪ جو رستو جيڪو ڪوئلي جي ٿر ۾ وڏين ڪاروباري استحصالي ڪمپنين سان سلهاڙيل آھي اهو رستو ٻن مهينن لا بند ٿي ويندو يا اڃا ڪي وڌيڪ وڏي سرڪار وارا آھن جن جا گرائين اتي ويٺا آھن. اسان 2010 واري ٻوڏ ۾ ٽوڙي بند کي ڪشمور وٽان هٿرادو طرح ڪٽ لڳندي ۽ سنڌ جي اولهندي پاسي جي لکين ماڻھن کي تباهه برباد ٿيندي ڏٺو ۽ اهو انڪري به جيئن ان دريائي پاڻي کي سکر دريا جي اڀرندي پاسي فطري لنگهه تي سکر واري پاسي گهوٽڪي، پنوعاقل ۽ ٻين سرمائيداري ڪارخانيدارن ۽ ٻين طاقتور، وڏيرڪن ڌرين جي زمينن ۽ proxies کي بچائجي. قدرتي خطرو ته ان طرف به هيو ۽ دريا پراڻي رستي کان اڇڙو ٿر ۽ ٻيا ڍورا وٺي اڳتي وڃي ها پر اسان هاڻ سموري سنڌ ۾ وڏيرڪي نظام جي سياسي، معاشي شھنشاهيت، قبائلي ۽ نسلي داداگيري کي هر علائقي جي اندر سم نالن ۽ ڇنڊڻن، بندن، قدرتي رستن ۽ پراڻ رستن ۽ هاڪڙي تي مقامي وڏيرڪي اثر ۽ قبضي ۾ ڏٺو. هي جو 2008 کانپو ايريگيشن کاتو بنا وزيرن يا ڪوڙي وزارت يا چيف منسٽر وٽ ھجڻ ۽ ان جي صاف سٿري هجڻ تي الزام جو لڳن ٿا ڇا اهي ڪوڙا آھن. هي اربين روپين جا سم نالن ايم اين وي ڊرينن جي بحالي، سنڌو دريا جي اندرپيٽ تي قبضن کي آزاد ڪرائڻ ۽ 2010ع ۽ 2012 کان بعد ۾ آيل ڪورٽ سڳوري جي روشني ۾ سڌاري واڌاري ۽ قبضن کان آجي ڪرڻ جي فيصلي تي ڪم ۽ عمل ڇو نه ٿيو!!!!
اسانکي سمجهه ۾ اچي ٿو ته هي رياست هرگز عوامي رياست (peoples friendly ) نه آھي. هن رياست ۽ ان تي قابض ٽولي اوچ نيچ کي اڃا وڌايو آھي. هاڻ حڪمران طبقو اها رٽ لڳائي بيٺو آھي ته فطرت سنڌ جي ماڻھن کي خاص طرح ۽ پوري ملڪ کي عام طرح تباهه ڪري رکيو آھي. هو جمهوريت کي ۽ عوامي معاشيات کي پروان چڙھڻ نه ٿا ڏين. جمهوري ادارن تي ٻيا proxy ۽ پرلوڪ آ ايم ايف قبضو ڪيون ويٺو آھي. مکيه سڌارا ناهن. سنڌ تي ته ٻٽو قبضو آھي. اوهان سنڌ جي ڏيڍ ڪروڙ لڏيل آبادي کي ڀت جي منهن نه ٿا لڳائي سگهو. ماڻهو بک ۾ پاھه ته ٿيندا پر ڌڪا ٿاٻا کائي، ظلم، بدانتظامي ۽ اڻبڻت واري نظام کي ڊاهي سنوت به ڪندا. ڏسجو تاريخ ڪهڙو فيصلو ٿي ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button