ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

صحافي ۽ سماج سڌارڪ مرحوم ماما محمد حاجن سمنگ

Editorial-Article-Zain Solangi

زين سولنگي
خيرپور ضلعو ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي، ملڪي سياست ۾ هن شهر ۽ ضلعي جو هڪ منفرد ڪردار رهيو آهي. ڳوٺ سمنگ وڏا کي ميونسپل خيرپور مان ڪٽي، هڪ الڳ يوسي گجو ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اهو ڳوٺ سدائين شهر جو حصو رهيو آهي. خير ان ڳوٺ ۾ ته ڪيترين ئي شخصيتن جنم ورتو، جن پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ محنت ڪئي ۽ نالو ڪمايو، پر ان ڳوٺ جي هڪ پورهيت جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ماما محمد حاجن سمنگ، جنهن اهو نه ڃاتو هو ته هڪ پورهيت مزدور جو پٽ اڳتي هلي نه فقط سمنگ وڏا جو تعارف بڻبو پر پنهنجي ڳوٺ جو تعارف سنڌ سطح تي پهچائيندو. پر چوندا آهن ڪنهن جي محنت رائيگان نه ويندي آهي يا زندگيءَ ۾ جيڪو خواب ڏسبو آهي ۽ ان جي حاصلات لاءِ محنت ڪبي، رٿابندي ڪبي ته پوءِ ضرور ان ۾ ڪاميابيون ملنديون آهن. سو ماما محمد حاجن سمنگ ڳوٺ کان پيادل اچي خيرپور شهر ۾ مزدوري به ڪندو هو. ٻئي پاسي تعليم به پرائيندو هو. هن جو هڪ خواب هو ته کيس اڳتي هلي صحافت ۾ اچڻو آهي. ان شعبي ۾ نالو ڪمائڻو آهي. ان لاءِ محنت، تعليم، سياسي ۽ سماجي شعور هجڻ ضروري آهي.
جڏهن ماما محمد حاجن سمنگ صحافت کي جوائن ڪيو ته خيرپور جي صحافت ۾ وڏا وڏا نالا موجود هئا. انهن جي وچ ۾ هڪ غريب جو ٻار اچي جيڪو مقام ماڻيو اهو ساراهه جوڳو آهي. ماما کي رپورٽنگ ۾ ڪمال جو تجربو هو. جڏهن اڃان انٽرنيٽ عام نه ٿيو هو، پني تي رپورٽ لکي فيڪس ڪبي هئي ته ماما پنهنجون رپورٽون پاڻ اڇي پني تي سهڻي لکت ۾ لکي فيڪس ڪندو هو ته سندس ادارا پريشان ٿي ويندا هئا ته ايڏي اهم رپورٽ حاجن موڪلي آهي. ادارا ان کي ليڊ رپورٽ ڪري شايع ڪرڻ تي مجبور ٿيندا هئا. گهڻا سال اڳ جڏهن ماما روزاني “بختور” جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر هو ته انهن ڏينهن ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ آر اي شاهه وائيس چانسلر ٿي آيو. بقول ماما جي رپورٽ مطابق ته آر اي شاهه جي اچڻ سان سفارش تي نوڪريون ڏيڻ شروع ڪيون هيون. ماما “بختور” اخبار ۾ پورو اڌ صفحو شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي حوالي سان رپورٽ هلائي. اها ڪمال جي تفتيشي رپورٽ هئي. سوين اخبارون يونيورسٽيءَ ۾ هليون هيون. سڄي يونيورسٽيءَ ۾ ڌمچر مچي ويو هو. جتي ڪٿي ماما محمد حاجن سمنگ جي نالو ٿي ويو.
ماما بهادر، محنتي ۽ جاکوڙي صحافي هو. چڱا ڀلا سياستدان ۽ بيوروڪريٽس سندس رپورٽنگ کان ونئون ويندا هئا. ماما انسٽيگيٽو رپورٽنگ تي يقين رکڻ وارن مان هو. پنهنجي هر رپورٽ فائيو ڊبليوز پٽاندر لکندو هو. ماما محمد حاجن سمنگ جن ناليواري صحافي محمد خان سولنگيءَ کان به ڪجهه هڙ مان حاصل ڪيو هو. ماما هن جو محمد خان سولنگيءَ سان ويجهو تعلق رهيو هو. ماما مختلف اخبارن، بختور، سوڀ، سنڌ ايڪسپريس وغيره جو ڊسٽرڪٽ رپورٽر رهيو. پاڻ خيرپور مان سلسليوار “ترورا” ميگزين به شايع ڪيو هو، جنهن جا ڪجهه شمارا شاندار نموني شايع ڪيائين. ترورا جي حوالي سان الڳ لکڻ جي ضرورت آهي. ماما محمد حاجن سمنگ جو ڀاءُ خان محمد خان، پوپٽ پبلشنگ جي قربان منگي، اڳوڻي ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر خيرپور صاحب خان ڀنڊ، ظهير ميراڻي، ديدار گل سولنگي سينيئر صحافي زاهد سولنگي، رئيس غلام حسين چانگ، زاهد ڄامڙي سميت سوين سندس دوست ۽ همدرد هئا.
ماما محمد حاجن سمنگ صحافت سان گڏ هڪ بهترين سماج سڌارڪ پڻ هو. پنهنجي ڳوٺ جي چئو طرف لائيٽنگ، گئس، روڊ رستا ۽ ڊرينج اسڪيم پڻ ورتي. ان سان گڏ ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ ۾ ڪافي ڪردار ادا ڪيو. غريب شاگردن کي مورا اسڪالرشپس، غريب عورتن کي زڪوات ۽ بيت المال مان مالي امداد ڏيارڻ ۾ سندس ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. غريب مريضن جي مدد لاءِ پاڻ پنهنجي گاڏيءَ تي سول اسپتال، سول سٽي، ليڊي ولنگٽن توڙي گمس گمبٽ تائين پهچندو هو. نه ڏسندو هو ڏينهن آهي يا رات، گرمي آهي يا ٿڌ، هر حال ۾ اتي پهچي انهن جي ڀرپور نموني مدد ڪندو هو.
ماما يارن جو يار ۽ دوستن جو دوست ته هوندو ئي هو پر غريبن جو وڏو همدرد ۽ ساٿي هوندو هو. پنهنجي هڙان وڙان پيو انهن جي مدد ڪندو هو. ماما جي صحافتي آفيس هڪ مثالي آفيس ته هوندي هئي پر پوري ضلعي خيرپور مان ايندڙ صحافين لاءِ هڪ اوطاق جو به ڪم ڪندي هئي. سندس آفيس ٻين صحافين لاءِ هڪ گهاٽي بڙ جي ڇانوَ طور ڪتب ايندي هئي. سڄي ضلعي خيرپور ۾ ڪنهن به صحافيءَ کي ڪو ڏک يا تڪليف پيش ايندي هئي ته ماما سڀ کان پهرين ان سان رابطي ۾ ايندو هو. ان جي مدد ڪندو هو. مون کي چڱي ريت ياد آهي ته ڪجهه سال اڳ ماما تازوئي آپريشن ڪرائي ڳوٺ پهتو هو. انهن ڏينهن ۾ گمبٽ جي هڪ نوجوان صحافيءَ سان ڪو مسئلو پيش آيو، ماما ان جي مسئلي جي حل لاءِ ڏاڍو فڪرمند هو. مون کي ياد آهي ته مان خيرپور پنهنجي ذاتي ڪم لاءِ خيرپور ويس. صبح جو سوير وين مان شاهه حسين خيرپور پهتس ته مون ڏٺو ته ماما محمد حاجن سمنگ شاهه حسين نيشنل هاءِ وي تي هڪ موڙي تي ويٺو هو. جيئن ئي ماما جي مون تي نظر پئي ته اٿي بيهي رهيو وڏي آواز ۾ چيائين بابا زين ايترو سوير ڪيئن؟ مون چيو ماما ڪو ضروري ڪم آهي، مون پڇيومانس ته ماما اوهان تازوئي آپريشن ڪرائي آيا آهيو، اڪيلا ڪيڏانهن ٿا وڃو. ماما چيو ته گمبٽ دوست صحافي جي مسئلي جي حل لاءِ نڪتو آهيان. مون وري چيو مانس ته ماما اڪيلا ٿا وڃو؟ محمد عاقل يا راشد کي وٺي وڃو ها. بابا اهي ننڊ پيا هئا مان نڪري آيس، ڪا ڳالهه ناهي. رب بهتر ڪندو. ماما جا جذبا جوان لڳا پيا هئا. پورو خود اعتماديءَ سان چيائين.
هڪ ڀيري منهنجو اسسٽنٽ ڪمشنر صوڀوديرو ۾ ڪم پئجي ويو. ماما کي فون ڪيم، چيائين ته ماما ڪو مسئلو ئي ناهي ڪم ٿي ويو ٻيو حڪم. صبح خيرپور آفيس اچجو ته ملي وٺنداسين. اهو اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور ۾ رهندو هو. مان به ٻئي ڏينهن صبح جو خيرپور پهتس ۽ ماما سان مليس. مون کان ڪم جي نوعيت پڇي رڳو اهو چيائين ته گاڏيءَ ۾ ويهو ته هلون. گاڏيءَ ۾ويهڻ کان پوءِ پڇيائين بابا ڇا ڪم آهي. سڌو هلي ان اي سي جي گهر جي در تي پهتاسون. ان سان ملي منهنجو ڪم ڪرائي ڏنائين.
2019ع ۾ ماما بيمار ٿي پيو. گمس گمبٽ ۾ داخل هئڻ دوران مان جڏهن هن جي عيادت ڪرڻ ويس ته سندس پٽ محمد ساجن ۽ محمد عاقل جي موجودگيءَ ۾ مون سان ڪلاڪ کن ڪچهري ڪيائين. مون کي اها ڄاڻ نه هئي ته اها ساڻس آخري ملاقات هوندي، پوءِ ماما ڳوٺ هليو ويو. ماما محمد حاجن سمنگ ايڏو بهادر، ڄاڻو صحافي ۽ سماج سڌارڪ اسان کان اوچتو موڪلائي ويو. سندس جنازي نماز ۾ پوري سنڌ مان سندس دوستن اچي شرڪت ڪئي. ماما محمد حاجن سمنگ جي آخري آرامگاهه خيرپور جي تاريخي ڳوٺ وڏا سمنگ جي درگاهه محمد شاهه بخاري ۾ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button