ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نواز شريف جي نئين انٽري؟

Editorial-Article-Aijaz Mangi

لنڊن ۾ پنهنجي سياسي جانشين ڌيءَ کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري ميان نواز شريف جيڪو پنهنجي مظلوميت جو داستان پيش ڪيو، اهو ڪيترو ڪارگر ٿيو؟
اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ريٽنگ ته اهڙي نه هئي، جنهن کي بنياد بڻائي اهو دليل پيش ڪري سگهجي ته ميان نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي مقبوليت ماڻي چڪو آهي. جڏهن ته نواز شريف جا حامي اهڙي موقف جي موٽ ۾ اهوئي چوندا ته ميان نواز شريف جي شهرت گهٽي ڪڏهن هئي جو هاڻي وري وڌڻ جي ڳالهه پيا ڪريو؟ جڏهن ته ان حقيقت کي هر ڪوئي تسليم ڪري ٿو ته ميان نواز شريف جي مقبوليت جو چنڊ گرهڻ جي گهيري ۾ اچي ويو آهي ۽ هاڻي ان ۾ ايتري ڇڪ ناهي رهي جو پنجاب پاگل چڪو وانگر هن جي طرف وڌي. ميان نواز شريف ته ميان نواز شريف پر هن مهل هن جي سياسي جانشين مريم نواز ۾ به اها ساڳي ڪشش نه رهي آهي، جيڪا ابتدا ۾ هئي. جڏهن هوءَ پهريون ڀيرو باقاعده اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانيي سان ڀرپور نموني عمران خان جي حڪومت مٿان ڪڙڪي هئي، تڏهن هن ۾ تمام گهڻي سياسي سگهه هئي ۽ اها به حقيقت آهي ته ميان شهباز شريف پاران حڪومت ٺاهڻ ۽ ميان نواز شريف توڙي مريم نواز پاران ان جي حڪومت کي حمايت ڪرڻ توڙي ان حڪومت مان فائدا وٺڻ سبب مسلم ليگ ن کي ايترو نقصان پهتو آهي جو ان جو ازالو ڪرڻ آسان نظر نه ٿو اچي. جيڪڏهن مسلم ليگ ن جي شهرت جو چنڊ ساڳي طرح سان چمڪندو رهي ها ته ننڍي چونڊ ۾ نواز ليگ جي مقدر ۾ اها شڪست ڇو آئي، جنهن جا اثر اڄ به هن جي لهجي ۽ لفظن مٿان موجود آهن. مريم نواز پاران پنهنجي چاچي جي حڪومت مٿان تنقيد جو سبب ئي اهو هو ته هن پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي پارٽيءَ کي سياسي موت کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
مسلم ليگ ن هن مهل به پاڪستان جي اقتداري وارڊ جي آءِ سي يو ۾ داخل آهي. اها پارٽي جيڪا ڪڏهن پنجاب ۾ فيصلاڪن حيثيت رکندي هئي ۽ اها پارٽي جنهن جا خيبر پختون خوا ۾ به ٺيڪ ٺاڪ اثر هئا. ان پارٽيءَ جو هن مهل اهڙو حال ٿي ويو آهي جو هن کي پنهنجي ڌرتيءَ تي ڌارائپ وارو رويو ملي رهيو آهي ۽ اها پنهنجي اندر جي ان ارمان جو اظهار به نه ٿي ڪري سگهي. ڇو ته پنهنجي ڪمزوريءَ جو اعتراف ڪرڻ جي اخلاقي سگهه پاڪستان جي زوالي سياست ۾ ڪنهن وٽ به ڪونهي. باقي اندر جو سور اندر ۾ ۽ ان سور جي ڪيفيت اها آهي ته هن مهل مسلم ليگ جي پوزيشن پنجاب جي اندر تمام ڪمزور ٿي وئي آهي. ان جو هڪ وڏو ڪارڻ اهو به آهي ته پنجاب ۾ ان پيپلز پارٽيءَ کي ڪنهن به طرح سان تسليم نه ٿو ڪيو وڃي، جنهن جي واڳ آصف زرداريءَ جي هٿ ۾ آهي. اهو ئي سبب آهي ته آصف زرداريءَ پاڻ توڙي پنهنجي فرزند جي معرفت وس ڪيا آهن پر هو پنجاب ۾ پير کوڙي نه سگهيا آهن ۽ ائين وقت جي ڪيفيت اڃان وڌيڪ تلخ محسوس ٿي رهي آهي.
عمران خان جي مقبوليت هر ڏينهن وڌي رهي آهي ۽ هن جي عوامي حمايت کي گهٽائڻ جي سلسلي ۾ آڊيو ليڪس به اهو ڪردار ادا نه ڪري سگهيون، جيڪو انهن کي ڪرڻ کپندو هو. هڪ طرف عمران خان جي عوامي مقبوليت ۽ ٻي طرف پيپلز پارٽيءَ جو پنجاب ۾ جهڪو ٿي ويل جوهر، ان صورتحال ۾ مسلم ليگ ن کي ته نقصان پوڻو ئي هو. هن مهل مسلم ليگ ن وٽ وري به نواز شريف ئي آهي، جيڪو هن جي ٿيل نقصان جو ڪنهن حد تائين ازالو ڪري سگهي ٿو. پر جهڙي ريت هن حڪومت جي ڪارڪردگي آهي ۽ جهڙي طرح مهانگائيءَ جو طوفان عوام کي ورائي ويو آهي، ان طوفان ۾ نواز شريف پنهنجي ڌيءَ سميت ايترو گهڻو اثراندز ٿيندو نظر نه ٿو اچي.
نواز شريف جي مٿان هن مهل هن جي وفادار حلقي جو اهو دٻاءُ آهي ته ڪنهن به طرح سان ملڪ واپس موٽي. ڇو ته ٻاهر ويهي هو پارٽيءَ جي مٿان اهڙي طرح اثرانداز ٿي نه ٿو سگهي، جهڙي طرح هو ملڪ ۾ رهي ٿي سگهي ٿو. ان حوالي سان هن جي موجوده پوزيشن به اهڙي محسوس ٿي رهي آهي جو هن جي واپسيءَ ۾ ڪا خاص وڏي رڪاوٽ پوندي نظر نه ٿي اچي. مسلم ليگ ن ۽ ان جا حامي حلقا ڪجهه به چون پر ميان نواز شريف ۽ هن جي خاندان کي اين آر او ملي چڪو آهي. هاڻي جيڪڏهن هو ايندو ته هن جو آڌرڀاءُ هٿڪڙين سان ٿيندو نظر نه ٿو اچي. پر ميان نواز شريف پنهنجي واپسيءَ جو ٽائيم ٽيبل پنهنجي مرضيءَ ۽ پنهنجي مفاد وارو رکڻ ٿو چاهي. هن جي خواهش آهي ته هو ان مهل اچي، جنهن مهل ملڪ ۾ چونڊن جو ماحول اوج تي هجي ۽ هو پارٽيءَ جون ٽڪيٽون انهن کي ڏئي، جن حڪومت مان فائدا گهٽ ورتا هجن.
ميان نواز شريف جي دل ۾ تمام وڏي تمنا هئي ته هو پنهنجن هٿن سان پنهنجي ڌيءَ جي سياسي لانچنگ پاڻ ڪري ۽ هاڻي اهو وقت ويجهو ايندو محسوس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ميان نواز شريف جا اهي خواب تعبير جو پهراڻ پائيندا نظر اچن ٿا، جن جي باري ۾ اڳ سياسي پنڊتن جو موقف الڳ هو. ميان نواز شريف جي سلسلي ۾ ڪنهن وقت اهو محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ هو پاڪستان جو اهڙو ماضي بڻجي ويو آهي، جنهن جو ڪو به مستقبل نه هجي. پر هن مهل هو جهڙي طرح سياسي منظر تي اڀري آيو آهي، ان مان هن جي حامين کي وري نئين اميد ۽ نئون حوصلو مليو آهي ۽ انهن کي اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته عمران خان سان ميان نواز شريف جو ٽڪر تمام وڏي تبديلي آڻيندو. هن وقت تائين ميان نواز شريف سڌي طرح سان عمران خان جو مقابلو نه ڪيو آهي ۽ هو ان قسم جي مقابلي کي پنهنجي سياسي قد ڪاٺ جي توهين به محسوس ڪرائيندو رهيو آهي پر هن وقت عمران خان ايتري گهڻي سياسي مقبوليت ماڻي چڪو آهي جو هن جو مقابلو هن مهل ميان نواز شريف جي حوالي سان سوچجي رهيو آهي. ڇا ميان نواز شريف پاڪستان ايندو ۽ هن جي جلسن ۾ عوام جو ايترو انگ هوندو، جيڪو عمران خان جي جسلن ۾ هوندو آهي ۽ نه رڳو عوام جو انگ پر ڇا انهن جلسن جو رنگ به اهڙو هوندو؟ ان باري ۾ هن مهل تائين پاڪستان جا سياسي مبصر تمام وڏي اعتماد سان ڪجهه به چئي نه ٿا سگهن. پر محسوس اهو ٿي رهيو آهي ته هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي، جڏهن پنجاب جي ميدان تي سياسي سانن جا سڱ هڪ ٻئي سان ٽڪر ۾ ايندا ۽ ان سلسلي ۾ ڇا ٿيندو؟ ڪنهن جي جيت ۽ ڪنهن جي هار ته الڳ رهي پر گهٽ ۾ گهٽ اهو مقابلو تمام گهڻو پرڪشش ضرور هوندو. ڇو ته ميان نواز شريف جيڪڏهن پاڪستان ۾ پنهنجي عوامي مهم جو آغاز ڪندو ته هن جي ڀر ۾ هن جو ڀاءُ نه پر هن جي اها ڌيءَ هوندي، جيڪا شهباز شريف پاران وزارت اعظميٰ جو وارو وٺڻ کان پوءِ پاڻ کي پاڪستان جي سڀ کان وڏي سرڪاري ڪرسيءَ تي ويهڻ جي حقدار سمجهي ٿي. جڏهن ته هن جو سئوٽ حمزا شهباز ته گهڻي وقت تائين پنجاب جي وڏ وزارت جا ئي خواب ڏسندو رهندو.

شريف فيملي هڪ اسڪيم سان اڳي وڌي رهي آهي ۽ هن جا پنهنجا ٽارگيٽ آهن ۽ هن جا پنهنجي ٽائيم ٽيبل آهن پر ان سلسلي ۾ آخر پيپلز پارٽي به ته پنهنجو سياسي حصو گهرندي. هونءَ به هن وقت پاڪستان ۾ اقتدار اهو انار بڻجي ويو آهي، جيڪو هر بيمار کائڻ ٿو چاهي. پر سوال اهو آهي ته آخر پاڪستان جي سياست مان عمران خان کي مڪمل طور تي آئوٽ ڪرڻ به آسان ناهي. عمران خان پاڪستان جي هلائيندڙ چلائيندڙ قوتن جي لاءِ ڪنهن به طرح سان نظرانداز ڪرڻ جوڳو ناهي. جيتوڻيڪ عمران خان جي سلسلي ۾ هن مهل پاڪستان جي تعليم يافتا ماڻهن جو موقف اهو ناهي، جيڪو اڳ ۾ هو. هڪ وقت اهڙو به هو جو عمران خان تعليم يافتا ماڻهن جي لاءِ هڪ مثال ۽ هڪ اميد هو پر هن جون قلابازيون ۽ هن پاران اقتدار جي لاءِ ڪيل سياسي سمجهوتا ڏسي انهن ماڻهن عمران خان مان مايوسيءَ جو کلم کلا اعلان ڪيو آهي ۽ هاڻي عمران خان سان جيڪا خلق ڪٺي آهي، ان ۾ مڊل ڪلاس جو تعداد تمام گهڻو آهي پر هو اڳ وانگر ناهي. اڳ ۾ عمران خان جي سلسلي ۾ تمام گهڻو جذباتي ماحول هو ۽ هاڻي هن جي شخصيت ۾ تمام گهڻا شگاف پئجي ويا آهن ۽ هو پاڻ کي اڳ جيان مضبوط بڻائي پيش ڪري نه ٿو سگهي. پر پوءِ به عمران خان جي حيثيت ۽ هن جي سياسي طاقت کان مڪمل طور تي انڪار ممڪن ناهي. ان جا تمام گهڻا امڪان آهن ته عمران خان ميان نواز شريف جي جادوءَ کي به ايترو نه هلڻ ڏئي، جيترو اهو هلي سگهي ٿو. عمران خان ۾ اڃان تائين جيڪي ڪچايون آهن، انهن جي هوندي به نواز شريف کي مشڪل ۾ وجهي سگهي ٿو.
ميان نواز شريف ان مهل تائين تمام گهڻو پريشان هو جيستائين مريم ملڪ ۾ اڪيلي هئي ۽ هاڻي جڏهن هوءَ هن وٽ هلي آئي آهي ته ميان نواز شريف کي پنهنجا سياسي پتا کيڏڻ جو ڀرپور وقت ۽ ماحول مليو آهي. هو پاڪستان کان ٻاهر ويٺي پهرين پنهنجي ۽ پنهنجي ڌيءَ جي سياسي حيثيت ٺاهيندو ۽ پوءِ ملڪ جي طرف ڪاهيندو پر ڇا هن کي اها ڪاميابي ملي سگهندي، جنهن جي هو تمنا ڪري رهيو آهي؟ ان سوال تي صرف مسلم ليگ ن جي ٿنڪ ٽينڪ ئي نه پر عمران خان ۽ هن جو ويجهو حلقو به مٿو جوڙي ويٺل آهي. ميان نواز شريف جي نئين انٽريءَ کي بلاڪ ڪرڻ جي لاءِ تحريڪ انصاف ڪهڙي چال چلندي؟ ان سلسلي ۾ اسان کي گهڻي وقت وارو صبر نه ڪرڻو پوندو. ڇو ته هن وقت سياست ۾ تيزي اچي رهي آهي. ڇو ته ايندڙ مهينو نومبر آهي. نئين سال ۾ ملڪي سياست نئون سفر ڪرڻ جي ڀرپور موڊ ۾ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button