شوبز

سنڌ هائي ڪورٽ پاران حريم شاهه کي سيڪيورٽي ڏيڻ جو حڪم

سنڌ هائي ڪورٽ پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي پهتل حريم شاهه عدالت ۾ پنهنجي وڪيل معرفت درخواست ڏئي سيڪيورٽي گهري هئي، جنهن تي ٻڌڻي ڪندي عدالت سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي حريم شاهه جي سيڪيورٽي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. حريم شاهه جي وڪيل داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو تھ، نامعلوم ڪالز ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ڌمڪيون ملي رهيون آهن. عدالت ٻاهران ڳالهائيندي حريم شاهه جو چوڻ هو تھ شيخ رشيد سان هاڻ اختلاف ناهن رهيا، سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن، نواز ليگ جي حمايت نھ ڪنديس، پي ٽي آئي جي هوندي بھ ڪجهه ماڻهو مخالف آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button