ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پکين جي شڪار تي پابندي وارو فيصلو

Editorial

عام طور تي پاڪستان جهنگلي جيوت لاءِ هڪ غير محفوظ ملڪ آهي، جتي انهن جو شڪار جائز آهي. نه رڳو مقامي ماڻهو پر پرڏيهي به هتي اچي شڪار ڪندا رهندا آهن، جن کي ڪا جهل پل ناهي. تنهنڪري اسان وٽ ڪيترائي اهڙا جانور ۽ پکي آهن، جيڪي اڻ لڀ ٿيندا پيا وڃن. ايستائين جو جيڪي پکي ۽ جانور اڻ لڀ آهن، انهن جو شڪار پڻ ٿيندو پيو اچي. ماڻهو اهڙي شڪار تي احتجاج ڪن ٿا، شڪارين خلاف ڪيس داخل ڪن ٿا پر تنهن هوندي به اهو سلسلو هلندو پيو اچي. ان حوالي سان ڪالهه هڪ خبر آئي آهي، جنهن موجب سنڌ ڪابينه وائلڊ لائيف پروٽيڪشن، پرزويشن ائنڊ مينجمينٽ رولز 2022ع جي منظور ڏيندي هڪ سال لاءِ پکين جي شڪار تي پابندي لاڳو ڪئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پکي معصوم آهن ۽ ٻوڏ جي ڪري گهڻا مري ويا آهن، انهن جي واڌ ويجهه کي نظر ۾ رکندي ڪابينه انهن جي شڪار تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت جي هن فيصلي کي ساراهڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهجي. ڇاڪاڻ ته هي هڪ ماحُول دوست فيصلو آهي، جنهن جي آجيان ٿيڻ گهرجي ۽ وڏي وقت کان پوءِ سنڌ حڪومت کي پکين جو خيال آيو. پکين جو تحفظ به ايترو ئي ضروري آهي، جيترو انسانن جو تحفظ ضروري هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته پکي پڻ ايڪوسسٽم جو حصو آهن ۽ ايڪوسسٽم تيستائين مڪمل نه هوندو آهي، جيستائين ان ۾ پکي شامل نه هجن. ان ڪري هيءَ فيصلو ٿيو ته دير سان آهي پر ان کي هڪ بهتر فيصلو ضرور چئي سگهجي ٿو.
دنيا ۾ جتي به جهنگلي جيوت کي تحفظ مليل آهي ۽ شڪار تي پابندي لاڳو ٿيل آهي، اتي نه رڳو پکين ۽ جانور وڏي انگ ۾ موجود آهن پر اتان جو ماحول پڻ وڌيڪ سهڻو ۽ بهتر نظر اچي ٿو. اهڙي ريت سنڌ جي ماحول کي پڻ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته پکين ۽ جانورن جو تحفظ لازمي هوندو آهي. سنڌ ۾ پکين ۽ جانور کي شڪار ڪندڙ اهو وساري ڇڏيندا آهن ته اهي ڪيترن ئي حوالن سان سنڌ لاءِ فائدي مند آهن. سنڌ ۾ جانورن ۽ پکين جون پناهه گاهون نه هئڻ برابر آهن. تنهنڪري پکين جو مرڻ توڙي انهن جو شڪار ٿيڻ جو سلسلو جاري رهندو پيو اچي. ان کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيلن جي واڍي کان پوءِ ته جانورن ۽ پکين لاءِ رهڻ لائق ڪا جاءِ ڪونه رهي آهي. پرڏيهي پکي جڏهن سياري جي مند ۾ هتي اچن ٿا تڏهن به انهن جو شڪار ڪيو ويندو آهي. سنڌ ۾ جيڪڏهن انهن پکين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، انهن جي پناهه گاهن کي هٿي ڏني وڃي ۽ انهن جي شڪار تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي ته دنيا جو ڌيان سنڌ ڏانهن ڇڪائي سگهجي ٿو. دنيا جي سياحن کي سنڌ ڏانهن آڻي سگهجي ٿو. جنهن سان سنڌ جي معاشي حالت پڻ بهتر ڪري سگهجي ٿي. پر بدقسمتي اها آهي جو هيستائين ان حوالي سان ڪوبه ڪم نه ٿي سگهيو آهي. تنهنڪري پکي ۽ جانور گم ٿي رهيا آهن.
سنڌ ڪابينه جي هاڻوڪي فيصلي کي لاڳو ڪرڻ لاءِ وائلڊ لائيف کاتي کي پنهنجو سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان کي اڳيان اچي ان فيصلي کي عمل ۾ آڻڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته جڏهن به پکين ۽ جانورن جو شڪار ٿيندو آهي ته وائلڊ لائيف کاتو خاموش تماشائي نظر ايندو آهي. جنهن جي ڪري شڪارين توڙي عام ماڻهن جو من ايترو وڌي ويندو آهي جو اهي شڪار ڪرڻ کي جاري رکندا پيا ايندا آهن. تنهنڪري هيءَ فيصلو رڳو هڪ سال تائين نه هجڻ گهرجي پر سنڌ اسيمبلي ان کي سدائين لاڳو ڪري ڇڏي ته جيئن جهنگلي جيوت کي بچائي سگهجي، ان جي انگ ۾ واڌ ڪري سگهجي. ان حوالي سان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ درياهه جي ٻنهي ڪنارن تي ٻيلن جي واڍي روڪي وڃي. نوان ٻيلا پوکيا وڃن. جانورن ۽ پکين لاءِ اتي پناهه گاهون اڏي انهن کي اتي رکيو وڃي ۽ انهن کي فطري ماحول پڻ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اهي بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي پنهنجو نسل وڌائي سگهن.
اسين سمجهون ٿا ته بندوق جي شاٽ بدران پکين ۽ جانورن کي ڪيمرا سان شوٽ ڪيو وڃي. انهن جون تصويرون دنيا تائين پهچايون وڃن. دنيا کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته سنڌ پکين ۽ جانورن کي تحفظ ڏيندڙ ديس آهي ۽ هتي جيڪا به جهنگلي جيوت آهي، ان کي ڪوبه ماڻهو نقصان نٿو پهچائي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button