ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آڊيو ليڪس ۽ آرمي چيف جي مقرري محمد علي لغاري

Editorial-Article- Muhammad Ali Leghari

ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جون ريڪارڊ ٿيل مبينه آڊيوز ليڪ ٿيون آهن، ان کان پوءِ مسلم ليگ (ن) کان وڌيڪ تحريڪ انصاف پريشانيءَ جو شڪار آهي ۽ ڪنهن به ريت جاري ٿيل آڊيوز کي تڪراري ۽ ناقابل يقين بنائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهي آهي. هر طرح جا هيلا وسيلا هلائي آڊيو ليڪس کان بچڻ چاهي ٿي. ان ئي ڏس ۾ عمران خان سميت سندس مرڪزي قيادت هر روز ميڊيا ۾ مختلف قسمن جا تڪراري بيان ۽ پريس ڪانفرنسون ڪندي آڊيو ليڪس کي ٽيمپرڊ ۽ هٿ ٺوڪيون قرار ڏئي رهي آهي. جڏهن شهباز شريف جي آڊيو ليڪ ٽوئيٽر تي جاري ٿي هئي ته ان تي سموري پي ٽي آ قيادت هڪ نئين بيانيي سان سامهون آئي هئي ۽ ان آڊيو کي بنياد بڻائي ڪيش ڪرڻ لڳي ته ڏسو وزيراعظم آفيس مان آڊيو ليڪس ٿين پيون. پي ڊي ايم جي حڪومت نااهل ۽ ناڪام آهي. هنن جي هوندي وزيراعظم آفيس محفوظ ناهي. پر جڏهن ٻن ڏينهن کان پوءِ عمران خان ۽ سندس پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان ۽ مزڪزي قيادت جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ شيرين مزاري جون آڊيوز منظر عام تي آيون آهن ته ان وقت عمران خان ۽ پي ٽي آ جي سموري مرڪزي قيادت بيڪ فوٽ تي هلي وئي ڇو ته ڇهن مهينن کان وٺي پي ٽي آ عالمي سازش جهڙو مضبوط پر ڪوڙو بيانيو بڻائي عوام ۾ وڏي مقبوليت ماڻي چڪي آهي. ان تي تمام گهڻو کيڏي چڪي هئي.
هيڪر طرفان جاري ڪيل پهرين آڊيو ۾ عمران خان بحيثيت وزيراعظم پنهنجي سيڪريٽري سان وزيراعظم آفيس ۾ ويهي، ان وقت جي مخالف ڌر ۽ موجوده حڪومتي جماعتن خلاف سازش ڪري رهيو آهي ۽ سازش جو محور آمريڪا ۾ موجود پاڪستاني سفارتڪار طرفان ست مارچ تي موڪليل هڪ سائفر CIPHER کي ٺاهيو ويو. جنهن ۾ سفير پنهنجي پرڏيهي آفيس کي آمريڪي سفارتڪار سان ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ استعمال ٿيل ٻولي تي اعتراض ڪندي ‘ڊي مارش’ DEMARCHE يعني احتجاج جو چئي رهيو آهي. هي سڀ ڪجهه عين ان وقت ٿي رهيو هو، جڏهن پي ڊي ايم جون جماعتون عمران خان خلاف عدم اعتماد تحريڪ جمع ڪري رهيون هيون. تحريڪ انصاف جي اتحادي حڪومت ۾ شامل اتحادي کين هڪ هڪ ڪري ڇڏي رهيا هئا ۽ سندن پنهنجي پارٽي جا ٻاويهه ميمبر پڻ پنهنجي حڪومت مان مايوس ٿي اپوزيشن جي صفن ۾ وڃي چڪا هئا. ظاهري ۽ اخلاقي طور ان وقت عمران خان پنهنجي اڪثريت وڃائي چڪو هو پر اقتدار جي هوَس پاڪستاني حڪمرانن کي قانون ۽ آئين کان مٿانهان اپا وٺڻ تي اڪسائيندي آهي، ان ڪري اخلاقي طور اقتدار ڇڏڻ بدران عمران خان 27 مارچ تي هڪ جلسي ۾ پنو لهرائي پنهنجي خلاف عالمي سازش جو انڪشاف ڪيو هو ته آمريڪي سفارتڪار ڊونالڊ لو اسان جي سفير کي ڌمڪايو آهي ته جيڪڏهن عمران خان خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب نه ٿي ته پاڪستان کي معاف نه ڪنداسين.
هن قسم جي هٿ ٺوڪي ڪهاڻي ٻڌائي عمران خان وقتي طور ته سياسي مقبوليت ماڻي ورتي پر اڳتي هلي هي سموري ڪهاڻي سندس ۽ پارٽي جي ڀوڳنا جو سبب ٿي وئي. هن وقت تحريڪ انصاف آڊيو ليڪس جي وڪڙ ۾ آهي. ان ڪري تحريڪ انصاف جو رويو ڪڏهن معذرت خواهاڻو آهي ته ڪڏهن جارحاڻو آهي. ڏٺو وڃي ته ان وقت جي وزيراعظم عمران خان پنهنجي آفيس ۾ ويهي پي ڊي ايم خلاف نه بلڪه رياست خلاف سازش ڪئي هئي ڇو ته آمريڪي مخالف بيانيو هن رياست جي پاليسين خلاف بيڪ فائير ڪندو جنهن جو ازالو سالن ۾ ٿي سگهي ٿو. فقط اقتدار جي لالچ ۽ وائڙائپ ۾ اچي عمران خان هن رياست جي اهم ترين ادارن تي سياسي حملا ڪيا آهن. ادارن جي سربراهن کي مير جعفر ۽ مير صادق جهڙن لقبن سان نوازي هڪ خاص طبقي ۽ رياستي ادارن ۾ ٽڪراءُ پيدا ڪيو آهي.
عمران خان اقتدار جي لالچ ۾ اچي ملڪ جي سالميت رياست جي پرڏيهي پاليسي ۽ رياست جا مفاد داءُ تي لڳايا آهن. جڏهن عدم اعتماد جي تحريڪ غير آئيني طور ختم ڪئي وئي هئي ته ان تي سوموٽو يعني پاڻمرادو نوٽيس وٺندڙ ججن جي سوشل ميڊيا ٽرولنگ ڪئي وئي. بينچ ۾ شامل ججن جي تصويرن کي جتيون هڻايون ويون. هي سڀڪجهه عمران خان جي چوڻ تي ڪيو ويو. عمران خان جلسن ۾ خطاب دوران رياست جي اهم ترين ادارن تي بيان بازي ڪري ٿو، انهن کي غدار قرار ڏئي ٿو ۽ سوشل ميڊيا تي وري سندس فالوورز انهن جي ٽرولنگ شروع ڪن ٿا. ڪجهه وقت اڳ بني گالا جي محفوظ ٽيليفون لائين SECURE LINE ٽيپ ٿيل هڪ ٽيليفون ڪال رليز ٿي هئي جنهن ۾ عمران خان جي گهر واري تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا ٽيم جي انچارج ڊاڪٽر ارسلان کي هدايتون ڏئي رهي آهي ته فلاڻن ماڻهن کي غدار قرار ڏيو ۽ انهن جو سوشل ميڊيا ٽرائل ڪيو وڃي، جنهن مان ظاهر آهي ته رياست جي ادارن مخالف ڌر خلاف ڄاڻي واڻي زهر عمران خان جي هدايتن تي اوڳاڇيو پيو وڃي.
تازو ڪجهه ڏينهن اڳ جاري ٿيل آڊيو ليڪس تحريڪ انصاف خلاف چارج شيٽ آهن. عمران خان جي ڪوڙي سازشي بيانيي مان هوا نڪري چڪي آهي. عالمي سازش جو راڳ آلاپيندڙ عمران خان پاڻ رياستي ادارن خلاف سازش ڪندڙ آهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت آئيني ۽ قانوني طريقي سان گهر موڪلي وئي پر ان کان پو عمران خان پنهنجي ضد، انا ۽ تڪبر خاطر اهو مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته سندس حڪومت سندس ئي ڪرتوتن سبب گهر موڪلي وئي آهي. تحريڪ انصاف حڪومت وڃائڻ کان پو ملڪ ۾ انارڪي، ڏڦيڙ ۽ اسهپ واري سياست ڪندي رهي آهي. ڪوڙ ۽ سازش کي بنيادي بڻائيندي ڪڏهن غداري، ڪڏهن اسلامي ٽچ ڪڏهن امر بالمعروف ته ڪڏهن حقيقي آزادي جهڙن گمراهه ڪندڙ بيانين جو سهارو وٺندي عوام کي گمراهه ڪري رهي آهي. هن وقت تحريڪ انصاف خاص طور تي عمران خان جي سياست جو مرڪز نئون مقرر ٿيندڙ آرمي چيف آهي، جنهن جي مقرري نومبر ۾ ٿيڻي آهي. عمران خان سمجهي ٿو ته هن حڪومت کي اهو اختيار ئي ناهي ته هو آرمي چيف مقرر ڪري. ان لاءِ عمران خان 360 ڊگري يوٽرن وٺندي موجوده آرمي چيف کي ٻيهر ايڪسٽينشن ڏيڻ جو چئي چڪو آهي. جڏهن ته آرمي چيف جي مقرري آئين موجب وزيراعظم جو اختيار آهي. جي ايڇ ڪيو مان ايندڙ سمري کان پوءِ باقاعده ان سمري تي عمل شروع ٿي ويندو آهي.
هن وقت آرمي چيف پنهنجا الوداعي دورا شروع ڪري چڪو آهي. حڪومت ۽ وزارت دفاع پڻ واضح پيغام ڏئي چڪي آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ئي نئون آرمي چيف مقرر ڪندو. ان کان پو عمران خان جي پريشاني وڌي وئي آهي ۽ تحريڪ انصاف لانگ مارچ جي تيارين ۾ آهي. عمران خان هر روز نوان دعويٰ ڪري ٿو ته هن ڀيري پوري تيارين سان اسلام آباد تي چڙهائي ڪندس. جيتوڻيڪ هن وقت پنجاب، خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آ جي حڪومت آهي. انهن وفاقي اڪاين جا وسيلا پڻ عمران خان کي ميسر آهن. ان ڪري لانگ مارچ جي مهم عروج تي آهي ته ٻئي طرف حڪومت پڻ بهتر حڪمت عملي اپنائي رهي آهي رياست جا اهم ترين ادارا وفاقي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. انهن جي پوري حمايت حڪومت کي ميسر آهي. اسلام آباد جي ريڊ زون کي پهرين ئي فوج حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رينجرز ۽ ايف سي اسٽينڊ باءِ تي آهن. حڪومت اسلام آباد شهر کي لانگ مارچ جي اعلان کان اڳ ئي ڪنٽينرن سان ڀري چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button