ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻوڏ جو پاڻي ۽ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جا فيصلا

Editorial-Article- Rashid Leghari

ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته ملڪ ۽ سنڌ جا ڪامورا انصاف جي ادارن کان به ڏاڍا ٿي ويا آهن، سماج ۾ پيڙهيل ماڻهن ۽ ڪامورن جي ادارن کان مايوس ماڻهو آخر ۾ مايوس ٿي انصاف لا عدالت اچي پهچندا آهن. اهي عدالتون عوام کي تڪڙو انصاف ڏيارڻ لا حڪم ناما به جاري ڪنديون آهن. جنهن حڪم نامي تي وري عملدرآمد ڪرائڻ وڏو چئيلنج بڻجي ويندو آهي. عدالتن جي جاري ڪيل آرڊرن تي عمل ڪيو وڃي ته عوام پوليس ٿاڻن ۽ ڪامورن جي آفيسن جا روز چڪر ڪاٽڻ کان بچي ويندو آهي.
مونکي ياد آهي ته حيدرآباد جي لطيف آباد ۾ ڪروڙين روپين جي ماليت جي پلاٽ تي هڪ عملدار طاقت جي زور تي قبضو ڪري گهر به ڪروڙين ماليت جو ٺهرايو هو. جنهن کي عدالت ها ڪورٽ حيدرآباد طرفان خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، حڪم باوجود ان شخص اهو گهر خالي نه پئي ڪيو، عدالت وري ايڊيشنل رجسٽرار ها ڪورٽ حيدرآباد کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪندي هڪ ڏينهن ۾ بنگلو خالي ڪرائي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن بعد اهو گهر ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي خالي ٿي گهر ڌڻي کي مليو هو. جنهن گهر تي ڪيترن سالن کان قبضو ڪيل هو. انڪري عدالت جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ ئي ضروري هوندو آهي. هن وقت اسان دادو جي ڪي اين شاهه ۽ ٻين علائقن مان پاڻي جي نيڪالي لا سنڌ ها ڪورٽ ۾ داخل ٿيل آئيني پٽيشنز تي شنوائي کي رپورٽ ڪندا رهيا آهيون، جتي عدالت ڊپٽي ڪمشنر، آبپاشي ڪامورن ۽ ڊزائسٽر آفيسرن کي طلب ڪندي پاڻي جي نيڪالي ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ بابت پڇاڻو ڪندي رهي آهي، ان باوجود عوام جي تڪليف ۾ گهٽتائي نه آئي آهي. هن وقت خراب پاڻي جي ڪري چمڙي جي بيمارين سان گڏ ڊينگي ۽ مليريا جا سوين ڪيس روزانو رپورٽ ٿي رهيا آهن. اهو انڪري ته خراب پاڻي ۾ مليريا جي وائرس جي واڌ ويجهه ٿي رهي آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ٻوڏ کانپو پيدا ٿيل صورتحال تي بهتري آڻڻ لا عدالت ڪامورن ۽ سرڪار کان ڪيترو عوام کي فائدو ڏياري سگهي ٿي.
سنڌ ۾ عوام کي ريليف نه ملڻ خلاف ۽ ٻوڏن ۽ آفتن کان عوام کي بچائڻ لا داخل پٽيشنز جو متن:
سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ڪراچي کانسوا ٻين سڀني ضلعن ۾ ٻوڏ متاثرن جي ريليف لا ماڻهن کي دوائون، کاڌي پيتي جي سامان سميت ٻيون سهولتون ملڻ جي جاچ لا ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ججز کي ضلعن جا دورا ڪرڻ ۽ سول جوڊيشل مئجسٽريٽ کي جوڊيشل آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ساڳئي عدالت وري ٻئي پٽيشن تي شنوائي ڪندي دادو ۽ ڄامشورو ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ خرچ ڪيل فنڊن جا سمورا تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته 21 آڪٽوبر تي نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين پيش نه ٿيو ته سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪنداسين. خبر موجب سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ وڪيل ايڊووڪيٽ ممتاز احمد لاشاري طرفان آئيني پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيو آهي. نه وري حڪومت ٻوڏ کان بچڻ لا ڪي اپا ورتا آهن. ماضي ۾ پڻ ٻوڏن سنڌ جي عوام کي ٻوڙيو آهي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماڻهن کي ريليف نه پيو ڏنو وڃي. ٻوڏن کان بچا لا اپا وٺڻ جو حڪومت کي پابند بڻايو وڃي. سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ پٽيشن تي شنوائي ٿي گذري. شنوائي وقت ايڊيشنل ايڊڊوڪيٽ جنرل سنڌ الهه بچايو سومرو سنڌ حڪومت طرفان رپورٽ ڏني ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثر متاثرن علائقن ۾ ريليف فراهم ڪري پئي، ماڻهن کي کاڌي پيتي جون شيون، دوائون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. وڪيل ممتاز احمد لاشاري چيو ته حڪومت طرفان مليل فنڊن ۽ ريليف جي جاچ لا سيشن ججز کان دورا ڪرائي ججز مقرر ڪيا وڃن. ان ڏس ۾ عدالت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججز کي حڪم ڏنو ته سندن ضلعن ۾ ريليف جي ڪم جو جائزو وٺي رپورٽ ڏني وڃي. سيشن ججز کي اهو به حڪم ڏنو ته ڪراچي کانسوا ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ بابت سول جوڊيشل مئجسٽريٽ کي مقرر ڪري عدالت ۾ رپورٽ ڏني وڃي. ساڳئي عدالت ۾ ڪوٽڙي جي يونين ڪائونسل 3 جي اڳوڻي ناظم ۽ دادو واسي اعجاز حسين جتوئي طرفان ٻوڏ متاثر ضلعن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ متاثرين لا جاري ٿيندڙ فنڊن ۾ ڪرپشن خلاف داخل پٽيشن تي پڻ شنوائي ٿي گذري. درخواستگذار جي وڪيلن چيو ته برسات ۽ ٻوڏ جي تباهين باوجود سنڌ ۾ اين ڊي ايم اي مڪمل طور غير فعال بڻيل آهي، جنهن ڪري ڄام شورو، ڪي اين شاهه، جوهي، ميهڙ، سيتا روڊ، مانجهند، سيوهڻ، خانپور سميت ٻيا علائقا برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، جتي متاثرين پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ کان به محروم بڻيل آهن. پٽيشن تي شنوائي جسٽس محمود اي خان ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ڪئي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته متاثرين کي ملندڙ راشن جا انگ اکر طلب ڪيا ويا هئا، اهي انگ اکر سامهون ڇو نه آندا ويا آهن. سرڪاري وڪيل استدعا ڪئي ته ان لا مهلت ڏيو پيش ڪنداسين. جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اسان نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين کي طلب ڪيو هو، اهو ڪٿي آهي. ڇو پيش نه ٿيو آهي. سرڪاري وڪيل چيو ته مصروفيت سبب پيش نه ٿيو آهي.
عدالت ۾ جسٽس محمود اي خان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ايندڙ شنوائي ته پيش نه ٿيو ته گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪنداسين، ايندڙ شنوائي تي عدالت نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين کي پڻ طلب ڪري رکيو آهي.
ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لا داخل پٽيشن جو متن:
سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد ۾، خيرپورناٿن شاهه مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف داخل ٿيل توهين عدالت جي درخواست داخل ٿيل آهي. عدالت ۾ ڪالهه به شنوائي ٿي. جتي گذريل شنوائي تي عدالت پاڻي جي نيڪالي جو حڪم ڏيندي چيو ته پاڻي نيڪال نه ٿيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ کي گهرائينداسين. توهين عدالت جي درخواست تي عدالت گذريل شنوائي ته ريمارڪس ڏنا هئا ته ڊي سي دادو پيش نه ٿيو ته سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪنداسين. جنهن بعد ڊي سي دادو عدالت ۾ مسلسل پيش ٿي رهيو آهي. سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ خيرپور ناٿن شاهه مان برسات ۽ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ايڊووڪيٽ الطاف سچل اعواڻ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري رکي آهي، ان ڏس ۾ سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ 2 رڪني بينچ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس امجد علي سهتو شنوائي ڪئي. شنوائي وقت ڊپٽي ڪمشنر دادو مرتضى علي شاهه، ڊي جي صحت سنڌ ڊاڪٽر جمن باهوٽو ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا هئا. عدالت ۾ ججز، ڊي سي ۽ ٻين عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته خيرپورناٿن شاهه مان اسان جي ڏنل حڪم باوجود پاڻي نيڪال ڇو نه ٿيو آهي. ججز چيو ته هفتي جي مهلت ڏيون ٿا جيڪڏهن رائيس ڪئنال جا گهارا بند ڪرائي، ڪي اين شاهه مان پاڻي نيڪال نه ڪرايو ويو ته ايندڙ شنوائي تي چيف سيڪريٽري سنڌ کي عدالت ۾ گهرائينداسين. ججز پڇاڻو ڪيو ته هن وقت تائين ڄاڻايل شهرن ۽ ڳوٺن مان ڪيترو پاڻي نيڪال ٿيو آهي. ٻوڏ متاثر ماڻهن لا ڇا ڪيو ويو آهي. دوائون ۽ ٻيون شيون ڏنيون پيون وڃن. ڊي سي دادو رپورٽ ڏني ته اسان 60 سيڪڙو پاڻي نيڪال ڪيو آهي. باقي 40 سيڪڙو پاڻي نيڪال لاءِ ڪوششون جاري آهن، جلد سمورو پاڻي نيڪال ڪيو ويندو. عدالت چيو ته ميٽرو لاجسٽ ڊپارٽمينٽ ماحولياتي تبديلي بابت اڳڪٿي ڪندي اوهان کي آگاهي ڏني پر اوهان جي ٽيڪنيڪل صلاحيتن عوام کي دربدر ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي. عدالت حڪم ڏنو ته خيرپورناٿن مان هر صورت ۾ پاڻي نيڪال ڪري رپورٽ ڏيو. ڊي سي عدالت کي رپورٽ ڏني ته ايم اين وي ۾ پاڻي جي سطح گهٽجڻ شروع ٿي آهي، اسان کي مهلت ڏني وڃي ته سمورو پاڻي نيڪال ڪرائي رپورٽ ڏينداسين. عدالت ڊي سي استدعا بعد عملدارن کي حڪم ڏنو ته هفتي اندر پاڻي نيڪال ڪرائي ڪارڪردگي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. ڪالهه شنوائي وقت به ڊي سي دادو ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا. ڊي سي رپورٽ ڏني ته خيرپورناٿن مان 70 سيڪڙو پاڻي نيڪال ٿيو آهي. هاڻ ماڻهن واپس اچڻ به شروع ڪري ڇڏيو آهي. وڪيل چيو ته ڊي سي جيڪي تصويرون پيش ڪيون آهن اهي مٿي وارن علائقن جون آهن، اڃا 50 سيڪڙو علائقا پاڻي ۾ ٻڏل آهن. عدالت ۾ دليل ٻڌڻ بعد جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته پاڻي جي نيڪالي جو معاملو ٽيڪنيڪل آهي. جنهن لا عملدارن جي ڪم ۾ مداخلت نٿا ڪريون. جيترو جلد ٿي سگهي پاڻي نيڪال ڪيو وڃي. هن وقت ٽنهي درخواستن جي شنوائي هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته هفتي اندر ڪامورا عدالت ۾ پنهنجي طرفان ڪيل پيش قدمي جي ڪهڙي رپورٽ پيش ڪندا ۽ عوام جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ جي ڪيتري دعوا ڪري سگهندا. جنهن جو انتظار لکين آبادي کي ڪيترن ئي مهينن کان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button