شوبز

مصطفيٰ قريشي “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” کي شاهڪار قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي : لالي ووڊ جي ڪامياب ترين فلم مولا جٽ ۾ نوري ناٿ جو ڪردار ادا ڪندڙ لوِنگ ليجنڊ مصطفيٰ قريشي “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” کي شاهڪار قرار ڏنو. مصطفيٰ قريشي 1979ع جي فلم “مولا جٽ” ۾ ولن نوري ناٿ جو ڪردار ادا ڪندي پنهنجي شاندار اداڪاري سان لکين دليون کٽي ورتيون هيون. تازو ئي پروڊيوسر عماره حڪمت ۽ هدايتڪار بلال لاشاري جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم “دي ليجنڊ آف دي مولا جٽ” بابت ڳالهائيندي مصطفيٰ قريشي چيو ته هيءَ فلم هڪ شاهڪار آهي، جنهن ماضي جي فلمن کي ٻيهر زنده ڪيو آهي. هن چيو ته هن فلم کي ٺاهي فلم ٺاهيندڙن سلطان راهي، مصطفيٰ قريشي ۽ سمورن ڪردارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. واضح رهي ته فواد خان ۽ حمزا علي عباسي جي فلم “دي ليجنڊ آف دي مولا جٽ” 13 آڪٽوبر تي رليز ٿيندي، جنهن جو مداحن کي بي صبري سان انتظار آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button