
پاڪستاني فلمن جي خوبصورت اداڪارا حميما ملڪ پنهنجي نئين ايندڙ فلم “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” جي تيارين بابت ويچار ونڊيندي انڪشاف ڪيو آهي ته هن ميگا بجيٽ فلم ۾ تلوار هلائڻ ۽ گهوڙي سواري لا جرمني جي ماهرن کان سکيا حاصل ڪئي هئي. فلم دي ليجنڊ آف مولا جٽ ۾ حميما ملڪ “دارو” نالي ڳوٺاڻي ڇوڪري طور ولن “نوري نٿ” جي گرل فرينڊ جو ڪردار ادا ڪندي. واضح رهي ته فلم ۾ “نوري نٿ” جو ڪردار حمزا علي عباسي ادا ڪيو آهي، جڏهن ته هيرو مولا جٽ جو ڪردار فواد خان ۽ ماهرا خان سندس محبوبا طور نظر ايندي. حميما ملڪ هڪ انٽرويو ۾ چيو ته فلم جي سڀني اداڪارن لاءِ زارا شاهجهان سميت ٻين ڊيزائنرز کان ڪپڙا تيار ڪرايا ويا، جڏهن ته ميڪ اپ آرٽسٽن کي به پرڏيهي ماهرن کان سکيا ڏياري وئي.