ڪجھه ڏينھن اول ملڪ ۾ ترقياتي رٿائن بابت ايڪنيڪ اجلاس جي ان رپورٽ سنڌ ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ان بحث کي اڳتي وڌايو آھي ته اھو وفاق، جيڪو پلجي ئي سنڌ جي وسيلن تي ٿو، تنھن جي ترجيح ۾ سنڌ جي ترقي جا ڪي امڪان باقي بچيا به آھن يا نھ؟ ايڪنيڪ جو اھو اجلاس جنھن ۾ ملڪ اندر ترقياتي رٿائن لاءِ ڇھه سئو ارب روپيا منظور ڪيا ويا، تنھن رقم ۾ ھڪ ٽڪو بھ سنڌ لاءِ نھ رکيو ويو. اھڙي رپورٽ کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي بھ وفاقي حڪومت سان گڏ سخت ملامت ھيٺ آئي آھي، جنھن پارٽي کي سنڌ چونڊيو تھ وفاق ۾ پنھنجي حقن جي دفاع لاءِ آھي پر ايڪنيڪ اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جو جيڪو نمائندو براجمان ھو، تنھن ٻِڙڪ بھ ٻاھر نھ ڪڍي ۽ خيرن سان جھڙو ويو تھڙو واپس ٿيو. واضح ڪندا ھلون تھ ھي ڪو پھريون ڀيرو ناھي، جو ان قسم جي رپورٽ سامھون آئي ھجي. ھتي سالن کان وفاقي رٿائن جو اھو معمول رھيو آھي، جنھن ۾ وفاق جڏھن بھ ڪي نيون رٿائون رٿيون آھن تھ انھن رٿائن جو مرڪز فقط پنجاب ئي رھندو آيو آھي. جڏھن تھ سنڌ ۽ بلوچستان ھر دور اندر ليکي ۾ ئي ناھن آندا ويا. حالانڪ جنھن کي وفاق چون ٿا، تنھن جي کيسي ۾ ڏوڪڙ جيڪي بھ آھن، سي سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن جي ڪيل لُٽ مار جا ئي ڏوڪڙ آھن پر اھي پئسا خرچ وفاق جي نالي ۾ پنجاب تي ٿيندا رھيا آھن ۽ حالتون ٻڌائين ٿيون تھ اھا لُٽ مار اوستائين جاري رھندي، جيستائين پارليامياني قانون ساز ادارن ۾ سنڌ جي حقيقي عوامي نمائندگي نٿي پھچي.
بھرحال سڀ کان اول اچو تھ اھا پڙتال ڪريون تھ وفاق جيڪي رٿائون رِٿي ٿو، تنھن لاءِ رقم اچي ڪٿان ٿي؟ تھ پوءِ ان رقم ۾ ھڪ حصو تھ عالمي قرضن جو آھي ۽ باقي جيڪا گھر مان ڪمائي ٿئي ٿي تنھن ۾ ستر سيڪڙي کان وڌيڪ ناڻو سنڌ ڪمائي ڏي ٿي. ان تناظر ۾ سنڌ جي سمنڊ واري ڪمائي کي تھ کڻي ڇڏيو رڳو تيل ۽ گئس جي ڪمائي کي کڻي وٺون تھ 56.13 سيڪڙو تيل جي مد ۾ جڏھن تھ 71.72 گئس جي مد ۾ رڳو سنڌ ڏي ٿي. ۽ ان مان سنڌ کي ملي ڇا ٿو؟ تنھن سوال جو جواب اھو تازو ايڪنيڪ اجلاس آھي، جنھن تي پاڻ ڳالھائي رھيا آھيون.
دراصل ڳالھه رڳو وفاقي حڪومت تي بھ ڪانھ ٿي کُٽي. سنڌ جي جن علائقن مان تيل ۽ گئس نڪري ٿو، اُتي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون قانون موجب ان ڳالھه جون پابند آھن تھ لاڳاپيل علائقن جي عوام لاءِ اسپتالون، اتان جي ٻارڙن لاءِ اسڪول توڙي ڪاليج ۽ مقامي آبادي جي اچ وڃ لاءِ روڊ رستا جوڙائي ڏين. ان سان گڏوگڏ مقامي ماڻھن لاءِ انھن ڪمپنين ۾ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پڻ پيدا ڪرڻا ھوندا آھن. تھ پوءِ ڇا توھان اسان کي سنڌ جي ڪنھن بھ علائقي ۾ تيل گئس ڪڍندڙ ڪمپنيون اھڙي قانون تي گھربل عمل ڪندي نظر آيون آھن؟ جواب سڌو سئون نھ ۾ آھي.
سنڌ جي جن ضلعن مان تيل ۽ گئس نڪرن ٿا تن کي جيڪڏھن ڳڻيون تھ اھو قصو ڪراچي ۽ حيدرآباد کان شروع ٿي ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، ڄامشورو، روھڙي، گھوٽڪي، خيرپور، دادو، ميھڙ، سانگھڙ، سنجھوري کان ٿيندو بدين تائين پھچي ٿو. ان ۾ ٿر جو علائقو تھ اڃان الڳ آھي، جنھن کي ڪاري سون جي نالي ۾ ڪنگال بڻايو پيو وڃي. ھا ٿرڪول، جنھن جي ٻئين بلاڪ جو تازو افتتاح ڪري ملڪ جو وزيراعظم جيڪي گوھرافشانيون ڪري ويو آھي، سي ثابت ڪن ٿيون تھ وفاق ڪڏھن بھ ڪُوڙ ڳالھائڻ نھ ڇڏيندو ۽ وفاق سنڌ ۾ جيڪا ترقي ڏسيندو سا اھڙي ئي ھوندي، جھڙي شھباز شريف ٿرڪول بابت ھيئن ڏسي ويو آھي تھ ھُن اتي ٿري عورتن کي ڊمپر ھلائيندي ڏٺو آھي. ڪيڏي نھ شرم جوڳي ڳالھه آھي اھا سنڌ حڪومت توڙي وفاق لاءِ جو اھي ڪجھه ھڪ ٻن ٿري عورتن کي ڊمپر ڊرائيوري جي نمائش لاءِ رکيو ويٺا آھن ۽ جڏھن بھ ٿرڪول بابت ڪا حڪومتي پڌرائي ٿئي ٿي تھ ان ۾ ٿري عورتن جي ڊمپر ھلائڻ وارو حوالو اڳيان اڳيان اڳيان ھوندو آھي.
وزيراعظم شھباز شريف ٿرڪول جي حوالي سان جيڪو ٻيو وڏو ڪُوڙ ھڻي روانو ٿيو، سو اھو ھو تھ ٿرڪول سبب ڪنھن بھ قسم جي ماحولياتي گدلاڻ ڪونھ پئي ٿئي ۽ جيڪي بوائلر پلانٽ آھن سي انتھائي معياري قسم جا آھن!! ان سان گڏ اھو بھ چيائين تھ ٿرڪول کان اڳ ٿر ۾ زندگي گذارڻ تمام گھڻو ڏکيو ھو ۽ ھاڻ ٿرڪول ۾ ٿر جي ھزارين ماڻھن کي روزگار ملڻ سان زندگي آسان ٿي پئي آھي!! ٻُڏي مرڻ گھرجي انھن حڪمرانن کي جيڪي قومن جي وسيلن ۽ تاريخ کي ايئن نِرڄائي سان لتاڙي وري پاڻ کي جمھوريت ۽ عوامي حقن جا پاسدار سڏائين ٿا.
ٿرڪول رٿا ٿر ۾ جيڪا بربادي آندي آھي، تنھن بابت پاڻ لڳاتار لکندا رھيا آھيون ۽ اڳتي پڻ ٿرڪول جي تباھين جي نشاندھي ڪندا ھلنداسون جو اھو پنھنجو قومي، عوامي ۽ انساني فرض ٿو بڻجي ۽ ھتي سنڌ جي قومي وسيلن جي مالڪي جي حوالي سان ٿرڪول جو حوالو ان ڪري بھ بنيادي آھي تھ جيئن پاڻ ترقي جي نالي ۾ ان تباھي کي سمجھي سگھون، جنھن جو سنڌ مجموعي طور شڪار ٿي رھي آھي.
ھا تھ پاڻ مٿي جن علائقن جا نالا ڏيئي آيا آھيون تن علائقن ۾ ڪھڙي ترقي ٿي آھي؟ اھي علائقا جتان تيل، گئس يا ڪوئلو نڪري ٿو، اتان جي مسڪين ماڻھن جي حالت ۾ ڪھڙو ڦيرو آيو آھي؟ انھن علائقن ۾ ڪيترا اسڪول ڪاليج ۽ اسپتالون ٺھيون آھن يا ڪھڙا روڊ رستا تعمير ڪرايا ويا آھن؟ ڪجھه بھ ناھي. جتي وڃو توھان کي ھر طرف مسڪين متاثر ماڻھن جون رڳو دانھون ٻڌڻ لاءِ ملنديون بس!!
سو سائين منھنجا ھاڻ وفاق مان اھا اميد رکڻ تھ اتان سنڌ کي ڪجھه ملندو سا ڳالهھ پاڻ کي وساري ڇڏڻ گھرجي. پاڻ کي ايڪنيڪ جي تازي اجلاس ۾ سنڌ لاءِ ھڪ ٽڪو بھ نھ رکڻ واري عمل تي حيران ٿيڻ ان ڪري بھ نھ گھرجي جو مفتوح ۽ محڪوم خِطن جي سموري دنيا ۾ ايئن ئي لُٽ مار ٿيندي رھي آھي، جيئن اسان جي پئي ٿئي. ٻي ڳالهھ تھ سنڌ کي ھاڻ اھو آسرو بھ لاھي ڇڏڻ گھرجي تھ ھي جاگيردار نمائيندا ڪو سنڌ کي ڪڏھن پنھنجو حصو وٺي بھ ڏيندا. اھي جاگيردار تھ پنھنجي ئي تَڙ تي ڇَپي ويٺل اھي واڳون آھن، جيڪي اسان کي نسلن کان ڳيھي رھيا آھن. ياد رکي ڇڏيو، اڄ پاڪستان پيپلز پارٽي آھي، سڀاڻي سنڌ ۾ وري جاگيردارن جي جوڙ توڙ سان ڪي ٻي ڌر سنڌ حڪومت سنڀالي سگھي ٿي پر اسان توھان لاءِ ڪوبھ فرق ان ڪري ناھي پوڻو جو اھي سڀئي حڪومتون ان ساڳئي ڦورو طبقي جي مفادن جون ئي رکوال ھونديون.
اھي جاگيردار جن کي سنڌ جي مفادن تي سودو ڪرڻ جي انعام ۾ وزارتون ملن ٿيون، اھي وزارتون جن مان اھي رات جي پيٽ ۾ اربن ۽ کربن جا اڪائونٽ ڀرين ٿا. اھي جاگيردار جن کي تيل ۽ گئس ڪمپنيون ماھوار لکن ڪروڙن جا ڀتا ڏيڻ سان گڏ انھن جاگيردارن جي پاليل غنڊن کي بنا ڪم ڪرڻ جي نوڪرين تي ان لاءِ رکن ٿيون تھ جڏھن بھ مقامي سطح تي عوام جو پنھنجن حقن لاءِ ڪوئي احتجاج ٿئي تھ اھي غنڊا ان احتجاج خلاف استعمال ڪري سگھجن.
تنھن ڪري ھاڻ وقت اچي ويو آھي تھ سنڌ جي قومي وسيلن جي مالڪي لاءِ عوامي سطح تي نئين منظم سجاڳي واري ھلچل ھلائجي. ماڻھن کي ڳوٺ ڳوٺ وڃي ھمٿائجي تھ اھي پنھنجن پنھنجن علائقن ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين کان پنھنجو قانوني ۽ آئيني حق ڇِني وٺن. ان ڏس ۾ عوام جي مدد ڪرڻ لاءِ خاص قانوني فورم پڻ جوڙڻ گھرجن. سنڌ ۾ ھڪ اميد وارو اھو چڱو پاسو اڀريو آھي جو سنڌ جا وطن دوست نوجوان ڪافي تعداد ۾ قانون واري شعبي ۾ اڳيان آيا آھن، جيڪي ماڻھن جي مدد ڪري بھ رھيا آھن پر ان ڏس ۾ ھڪ خاص الڳ قانوني محاذ جوڙڻ جي ضرورت آھي، جيڪو سنڌ جي انھن سمورن علائقن، جتان تيل، گئس ۽ ڪوئلو نڪري ٿو، اتان جا نوان انگ اکر گڏ ڪري، جن جي بنيادن تي وفاق، سنڌ حڪومت توڙي لاڳاپيل ڪمپنين کان ھر ھنڌ قانوني ۽ عوامي پڇاڻي جا محاذ جوڙي حساب ڪتاب وٺڻ شروع ڪجي. پاڻ کي يقين آھي تھ اھو ڪم جيڪڏھن ٿئي ٿو تھ اھڙو تحرڪ سنڌ جي قومي وسيلن جي سدائين لاءِ مالڪي واري تحريڪ ۾ بھ تبديل ٿي سگھي ٿو. ھا ھتي اھو سوال لازمي اچي ٿو تھ اھو سمورو ڪم ڪير ڪري؟ تھ پوءِ ان سوال جو سدائين وانگر پاڻ وٽ اھو ئي جواب آھي تھ اھو ڪم حقيقي وطن دوست ۽ عوام دوست سياسي ڌرين ۽ ان سان گڏ سنڌ جي آدرشي وڪيلن جو آھي تھ اھي ان محاذ تي پاڻ ملھائين. جي نھ تھ پاڻ کي ھڪ تھ ڇا پر ھزار ڀيرا پيون اھي رپورٽون ملنديون تھ سنڌ پَرسال جيان ھيل بھ وفاق پاران ترقياتي رٿائن ۾ وساري وئي ۽ سنڌ جا جاگيردار نمائندا مِنڍ ھنيو ويٺا رھيا.