افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کي اڃان تائين اها سڃاڻپ ۽ مڃتا ڪانه ملي سگهي آهي جيڪا ڪنهن جائز ۽ قانوني حڪومت کي ملندي آهي يا ان جو حق هوندي آهي. ايتري تائين جو پاڙيسري ملڪن منجهان به اڪثر اڃان ائين ڪونه قبول ڪيو آهي. جيتوڻيڪ انهن افغانستان جي هاڻوڪي حڪومت سان ڪجهه واپاري ۽ معاشي معاهدا ضرور ڪيا آهن. پر اهو سڀ ڪجهه بهرحال ڪنهن حڪومت کي سرڪاري سطح تي قبولڻ جو متبادل ڪونهي. قومن جي عالمي برادري اسرائيل جهڙي جلاد رياست کي ته قبولي ٿي پر افغانستان جي جلاد حڪومت کي قبولڻ لاءِ تيار ڪانهي. سو به ان صورت ۾ جڏهن آمريڪا بادشاه پاڻ پنهنجي هٿن سان افغانستان کي طالبان جي حوالي ڪري ويو آهي. آمريڪا جي ويندي ويندي طالبان کي خطرناڪ هٿيارن جو تمام وڏو ذخيرو پڻ هٿ اچي ويو آهي. افغانستان ۾ طالبان حڪومت کي نه قبولڻ جو سبب وري به ساڳيو آهي ته دنيا کي افغانستان جي حڪومت ۽ ان جي فيصلن توڙي مستقبل جي حوالي سان ڪافي خدشا موجود آهن.
افغانستان جيئن جيئن اڪيلائيءَ جو شڪار پيو ٿئي، اهو پاڙيسري ملڪن خاص ڪري پاڪستان خلاف پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندو رهي ٿو جنهن جي شڪايت پاڪستان جي وزيرِ اعظم ويجهڙ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ ڪيل پنهنجي تقرير دوران به ڪئي هئي. اهو رڳو افغانستان جي اڪيلائيءَ جي ڪري نه آهي بلڪه اسان جي ملڪ جهڙي نموني افغانستان ۾ لڳاتار مداخلت پئي ڪئي آهي ان کي نظر ۾ رکي ڏسبو ته اها ڳالهه سمجهه ۾ ايندي ته افغان طالبان جي پاڪستان تي ڪاوڙ هروڀرو يا بي بنياد به نه آهي. پاڪستان کان سواءِ مسلمانن جي ٻين ملڪن به جنرل اسيمبليءَ جي ان اجلاس ۾ اها ڳالهه ڪئي هئي ته افغانستان کي دهشتگرديءَ جو ڳڙهه بڻجڻ کان روڪڻو آهي ته گڏيل سهڪار سان ئي اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. ان صلاح ثواب ۾ سعودي عرب جو پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان وڌيڪ سرگرم هو. بهرحال، پاڪستان ۽ سعودي عرب جون ڳڻتيون پنهنجي جاءِ تي پر افغانستان جي حڪومت اهڙي بيان بازيءَ کان پوءِ اڃان به وڌيڪ ناراض ٿي وئي. مثال طور افغانستان جي نائب پرڏيهي وزير شير عباس پاران جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستان خلاف انتهائي تکي لهجي ۾ اهو الزام هنيو ويو آهي ته پاڪستان صورتحال کي خراب ڪري رهيو آهي ۽ اهو پنهنجي معاشي مفادن لاءِ افغانستان اندر جنگ جا شعلا جهڪا ٿيڻ نه ٿو ڏئي. اهو نه ٿو چاهي ته افغانستان سک جو ساهه کڻي ۽ اتان جا ماڻهو سڪون سان زندگي گذارين. خاص ڪري هن پنهنجي بيان ۾ جيڪي لفظ شامل ڪيا آهن ته طالبان وٽ پاڪستاني مداخلت جا ثبوت آهن ۽ جڏهن اهي پيش ڪيا ويا ته ڪير به انهن کي روڪي سگهندو نه وري انهن جي وضاحت ڪري سگهندو. اهڙي ٻولي ۽ الزام تراشيءَ منجهان لڳي ٿو ته طالبان مناسب وقت جو انتظار ڪري رهيا آهن باقي نه ته اهي پاڪستان خلاف مهم جوئيءَ لاءِ بلڪل تيار آهن. ڇاڪاڻ ته اها چٽي پٽي ڌمڪي ئي آهي.
افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ کان وٺي هن وقت تائين ڪابل ۾ گھٽ ۾ گھٽ 16 سفارتي مشن ڪم ڪري رهيا آهن. داعش جو هڪڙو چهرو آهي اسلامڪ اسٽيٽ آف خراسان. جيڪو لڳاتار ڪوشش ڪندو پيو اچي ته ڪنهن به ريت افغانستان جي طالبان حڪومت جي ساک خراب ڪري دنيا اڳيان افغاني طالبان حڪومت کي نااهل ثابت ڪري. خاص ڪري ويجهڙ ۾ ماسڪو کان ڪابل آيل هڪڙي سفارتي مشن تي حملو ڪري خراساني داعش اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته طالبان حڪومت پنهنجي خاص مهمانن کي به تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي ڪاميابي ۽ مضبوطي چين ۽ پاڙيسري سينٽرل ايشيائي رياستن کي به ناپسند آهي ڇاڪاڻ ته طالبان جي ڪاميابي ۽ مضبوطي يعني القاعده وغيره جي ٻيهر جياپي جي اميد. اوڀر ترڪستان جي اسلامي تحريڪ، ازبڪستان جي اسلامي تحريڪ ۽ ٻيون اهڙيون تنظيمون ۽ تحريڪون ٻيهر ڪرُ کڻي سگهن ٿيون. ظاهر آهي ته اها ڳالهه ڪوبه پرامن ملڪ برداشت نه ٿو ڪري سگهي خاص ڪري افغانستان جو پاڙيسري پرامن ملڪ ته بلڪل به نه.
طالبان کي خبر آهي ته هڪڙي حڪومت جا ٻِي حڪومت سان جيڪي رسمي لاڳاپا هوندا آهن ان جو ڪو متبادل ڪونهي. نه آمريڪا پاران طالبان جي منجمد ڪيل اثاثن جي حوالگي، نه چين، روس، قطر ۽ ٻين انيڪ ملڪن سان معاشي ۽ واپاري معاهدا ان جو متبادل آهن.
جيتوڻيڪ افغانستان جي حڪومت پاران پاڪستان خلاف سخت نفرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي پر جيئن اسان اڳ چئي چڪا آهيون، پاڪستان جي افغانستان اندر مداخلت زبردست نموني رهي آهي، ان ڪري اها پڻ پنهنجو رنگ ڏيکاري رهي آهي. يعني افغان طالبان جي پنهنجي صفن اندر به ڏار پئجي رهيا آهن. ڪجهه طالبان ڌڙا پاڪستان خلاف اهڙي نفرت ۽ ڪاوڙ کي درست نه سمجهندي ان فيصلي جي مخالفت ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن مهل سان ئي ان جو ڪو انتظام نه ڪيو ويو ته اها مخالفت وقت گذرڻ سان وڌيڪ شدت اختيار ڪندي ويندي.
دنيا افغانستان تي تنقيد ڪري رهي آهي ته طالبان حڪومت خاص ڪري عورتن جي تعليم ۽ روزگار جي حوالي سان پنهنجون پاليسيون واضح نه پئي ڪري. اهڙيون ڳالهيون اسان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀُٽو به ڪئي. شايد اهڙين تنقيدن کان پوءِ ئي افغانستان جي نائب پرڏيهي وزير شير عباس پنهنجي بيان بازيءَ سان افغان حڪومت کي روشن خيال ثابت ڪندي چيو آهي ته اسلام عورتن جي تعليم کان منع ڪانه ڪئي آهي. ان ڪري عورتن جي تعليم کي غير اسلامي ڪوٺڻ وارا پاڻ اسلام جي مخالفت ۽ افغانستان جي عوام جي بنيادي حقن جي لتاڙ جا حامي بڻجي وڃن ٿا. سوال اهو آهي ته ڇا طالبان وقت جي نزاڪت کي سمجهندي پنهنجي پاليسين ۾ ڪجهه ترميم، تبديلي يا نرمي آندي آهي يا اهو نائب پرڏيهي وزير جو ذاتي موقف آهي؟ جيڪڏهن پهرين ڳالهه درست آهي ته افغانستان لاءِ ايندڙ وقت ۾ سٺيون خبرون منتظر آهن. ملڪ اندر سرمائيداراڻي جمهوريت ۽ افغان روايتون گڏوگڏ هلنديون جنهن سان ٻيو نه ته گھٽ ۾ گھٽ امن امان جي بحالي ۽ استحڪام توڙي عوام لاءِ روزگار ۽ سلامتيءَ جا دروازا کلندا. پر جيڪڏهن پهرين ڳالهه درست ڪانهي ته پوءِ نائب پرڏيهي وزير پنهنجو عهدو وڃائي سگهي ٿو يا حڪومت کيس چڱي ڀلي ڇنڊ پٽيندي.
ڏٺو وڃي ته طالبان جي مدد ڪرڻ ۽ سندن سرپرست بڻجڻ جي نتيجي ۾ پاڪستان ڪو گھڻو کٽيو ڪونه کاڌو آهي. خاص ڪري پاڪستان کي سرحدي سلامتي، دهشتگرد حملن کان تحفظ ۽ سينٽرل ايشيا جي رياستن سان معاشي لاڳاپن ۽ واپاري ڏي وٺ جي سلسلي ۾ ڪا خاص ڪاميابي ڪانه ملي آهي. ان هوندي به پاڪستان جي بااختيار ڌرين کي لڳي ٿو ته طالبان سندن کڏ جي مڇي آهن. اهي بهرحال، ڦري گهري پاڪستاني اثر هيٺ ئي اچڻا آهن.
افغانستان جي نائب پرڏيهي وزير پنهنجي تقرير ۾ اهو الزام به هنيو ته پاڪستان آمريڪا کان لکين ڊالر وٺي پنهنجون هوائي حدون آمريڪا کي استعمال لاءِ آڇيندو رهيو آهي، جتان پوءِ افغانستان جي بي گناهه شهرين خلاف ڊرون حملا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو. افغانستان منجهان پاڪستان تي حملا به معمول جي ڳالهه بڻيل آهن. گذريل هڪڙي سال دوران ئي 155 کان وڌيڪ پاڪستاني فوجي تحريڪِ طالبان پاڪستان جي دهشتگرد حملن سبب موت جي وات ۾ هليا ويا. جڏهن ته تحريڪِ طالبان پاڪستان پنهنجو مرڪز پاڪستان بدران افغانستان اندر قائم ڪيون ويٺي آهي. مزي جي ڳالهه اها آهي ته مختلف رپورٽن ۾ تحريڪِ طالبان پاڪستان جي ڪل ميمبرشپ 3 کان 4 هزار هٿياربندن تي مشتمل ٻڌائي پئي وڃي پر ان هوندي به اها دنيا جي هڪڙي جوهري ۽ ايماني قوت رکندڙ رياست کي تنگ پئي ڪري.
افغانستان سان هڪڙي سٺي پاڙيسري ملڪ جيان لاڳاپا قائم رکڻ لاءِ ضروري آهي ته هڪ ٻئي جي آزادي ۽ خودمختياريءَ جو احترام ڪيو وڃي. ضروري آهي ته پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آندي وڃي ۽ افغانستان کي پاڪستان جو پنجون صوبو سمجهڻ يا ان کي پنهنجي اسٽريٽيجڪ مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ واري روش ڇڏڻ گھرجي. ضروري آهي ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ سان معاشي لاڳاپا قائم ڪري ۽ ان جي استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪري. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن افغانستان غير مستحڪم رهندو ته پاڪستان به مستحڪم نه رهي سگهندو. افغانستان اندر گهرو ويڙهه ۽ آمريڪي حڪمت عملين جي پيروي ڪرڻ جي نتيجي ۾ ئي پاڪستان کي لکين افغاني پناهگيرن کي پالڻو پيو. ڪلاشنڪوف ۽ هيروئين جي لعنت سان منهن ڏيڻو پيو. بعد ۾ جڏهن پرويز مشرف جي دور ۾ افغانستان اندر مداخلت ڪرائي وئي تڏهن پاڪستان دهشتگردي ۽ آپگهاتي بم ڌماڪن جو عذاب برداشت ڪيو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته پاڪستاني اختيارين کي افغانستان جي اندروني حالتن کي اتان جي مقامي آباديءَ جي حوالي ڪندي پاڙيسري ملڪ طور ساڻس لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي سچي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. ٻنهي ملڪن جو ڀلو ان ۾ ئي آهي.