شوبز

دي ليجنڊ آف مولاجٽ باڪس آفيس تي ڌاڪو ڄمائي ورتو

پاڪستان جي وڏي بجيٽ واري فلم دي ليجنڊ آف مولاجٽ مقامي ۽ عالمي باڪس آفيس تي رليز جي پهرين ڏينهن ئي ڌاڪو ڄمائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني سپر اسٽارز ماهرا خان، فواد خان، حميما ملڪ ۽ حمزا علي عباسي جي ڪاسٽ تي ٻڌل فلم دي ليجنڊ آف مولاجٽ مقامي طور 4 ڏهائي 9 ڪروڙ ۽ عالمي باڪس آفيس تي 4 ڏهائي 4 ڪروڙ رپين جو بزنس پهرين ڏينهن ڪيو آهي. جڏهن تھ شوقينن کي فلم جي ڪهاڻي ۽ ترتيب بھ وڻي وئي آهي ۽ انهن منظر نگاري جي ڀرپور ساراهه ڪئي آهي. هوڏانهن فلمي پنڊتن پاران اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي تھ بلال لاشاري جي 70 ڪروڙ بجيٽ واري فلم جلد 200 ڪروڙ رپيا ڪمائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button